1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

جاڳ جوت ئي ته آهي...انور ڪاڪا جي ڪتاب “نڙي ۾ اٽڪيل سج” تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,431
    ورتل پسنديدگيون:
    26,912
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    انور ڪاڪا جي ڪتاب “نڙي ۾ اٽڪيل سج” تي تبصرو

    جاڳ جوت ئي ته آهي...

    تحرير: سجاد ظهير

    ادب جو ڪم جهنڊو کڻڻ نه آهي، نه ئي ادب ڪنهن پارٽي جو جهنڊو آهي، نه وري ادب ڪنهن ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي خلاف ويڙهه جو نالو آهي، هيءُ سمورا رايا اسان وٽ عام جام آهن،ڇا ادب جي معنيٰ جهڪڻ آهي؟ ادب درٻاري قصي جو ٻيو نانءُ آهي؟ يا ادب فقط ڪپڙن، جسمن ۽ وڇوڙي جو سمبل آهي. اسان ڪير آهيون؟ مٿين راين ۾ اسان ڪهڙي راءِ پاڻ تي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، انهن سمورن راين کي آءُادبجو نانءُ ڏيان ٿو. ادب جا مختلف پهلو ٿين ٿا، جنهن جي ڪري مختلف خيال ۽ نظرين سان ادب کي پرکي سگهجي ٿو. ڪهاڻي پڻ اهڙو ئي هڪ نمونو آهي، هڪ راءِ آهي ته اسان جي سماج ۾ ڪهاڻي جي ڪا ايڏي وڏي عُمر نه آهي، جڏهن ته منهنجي خيال مطابق ڪائنات پنهنجي وجود سان ڪهاڻي کي کڻي آئي آهي.ائين چئجي ته ڪائنات جو وجود پڻ هڪ ڪهاڻي بڻجي اسان جي سماج ۾ داخل ٿيو آهي. اها ڪهاڻي اڃان تائين غائب آهي يا ائين چئون ته اسان کي اڃان تائين اها ڪهاڻي نه ملي آهي ،جنهن جي مطالعي کان پوءِ اهو اندازو لڳايون ته اسان جو تخيلقڪار چيخوف، ٽالسٽائي، گورڪي۽ دوستو وسڪي جي تحرير تائين پهچڻ ۾ڪامياب ٿي ويو آهي. جيڪڏهن پاڻ کي آٿت ڏيڻ لاءِ اهو طئي ڪري وٺون ته اسان جي ڪهاڻي يا افسانو اهو معراج ماڻي چڪو آهي ته پوءِ پاڻ کان هڪ سوال اهو به ضرور پڇڻ گهرجي ته اسان جي تحرير سماج ۾ اها جاءِ ڇو ناهي ٺاهي سگهي؟ ڪهاڻي جيڪا بادشاهي قصن کان شروع ٿي بغاوت تائين پهتي، اها اڄ ائين بليڪ ليبل جي بوتل جي غلام آهي، جيئن اسان جو شعور عياشيءَ جو غلام بڻيل آهي. اڄ اسان وٽ ڪهاڻي ته لکجي ٿي پر ڪهاڻي پنهنجي تاريخ نٿي لکي، جيڪا تاريخ اسان جي ڪهاڻي جي نمائندگي ڪري. اسان ڪهڙي ڪهاڻي ڳولڻ چاهيون ٿا، ڇا رائيٽر اسان جي پيءُ جو نوڪر آهي يا هن اسان کي بهتر بڻائڻ جو ٺيڪو کنيو آهي؟ جڏهن اسان نوڪر يا ٺيڪيداري جي ٽينڊرن تي طبع آزمائي ڪنداسين ته پوءِ پڙهندڙ به هر سوال ڪرڻ ۽ انهي کي پنهنجي طاقت سان رکڻ جو حق رکي ٿو. سماجي تبديلي جي تحريڪن دنيا ۾ هڪ اهڙي تخيلقن کي جنم ڏنو، جو اهي تاريخ جو شاهڪار بڻجي ويون.

    اسان پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيون ٿا ته نتيجي طور اسان جي شعور تي حملا ڪيا وڃن ٿا، گلن جي سڪڻ جا اهڃاڻ پيدا ٿين ٿا، روشني کان ڀڄي جان ڇڏايون ٿا. الاائي ڪيتريون نڙيون پنهنجي راءِ بدلائي وٺن ٿيون بي خبري ۾ .ڪيترائي سِج اسان جي نڙيءَ ۾ هميشه لاءِ اٽڪجي پون ٿا. هاڻي اسان تي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اسان نڙي ۾ اٽڪيل سج کان پوءِ احتجاج ڪيون يا منهن ڀيلو ڪري ڪوڙن قصن جي تشريح ڪيون. ها! هتي وري هڪ ٻيو سوال جنم وٺي ٿو؛ اهو هن ريت ته جنهن جي نڙيءَ ۾ سج اٽڪيل هوندو اهو خاموش نه ويهي سگهندو، جيڪو سماجي رومانويت جو ادبي شاهڪار آهي. جنهن جو درد انور ڪاڪا جي صورت ۾اسان جي سامهون ايندو، جيڪو هر انهي داستان جو ڪتاب ٿي سگهي ٿو، جنهن کي انور ڪاڪا نڙي ۾ اٽڪيل سج جي ڀيٽ ڪندي جان ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي، پر سندس لکڻي ڪهاڻي جي انهي تخليقي چوٽ تي بيٺي آهي، جنهن جي اڌ جو اظهار هن پنهنجي ڪتابي عنوان منجهان ڪيو آهي. جڏهن ته پوري ڪهاڻيءَ لاءِ هن پڙهندڙن کي پنهنجي تخليق پڙهائڻ تي مجبور ڪيو آهي. اسان جو ادب ايڏو ترقي ڪري ويو آهي جو اسان بغير ڪنهن ڪتاب / لکڻي پڙهڻ جي جملي رائي جوڙيندا آهيون ته تخليق سٺي هئي يا آهي، پر فني کوٽ اٿس. فني کوٽ ڪهڙي؟ انهي لاءِ بُت بڻجي عام ليکڪ کي وات ڳاڙهو چئي پنهنجي جند آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.مضمون لکي انهيءَ ۾ آخري سٽ جو واڌو جملو لکندا آهيون پر انور ڪاڪا سنڌي ٻولي جو اهو ڪهاڻيڪار آهي، جيڪو سچ ڳالهائڻ تي ڪوبه ڪمپرومائز ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن کي پنهنجا ڪردار ائين پيارا آهن، جيئن روسي ماڻهن کي پنهنجي ناولن جا ڪردار پيار هوندا هئا ۽ اڄ به اهي عظيم ڪردار زويا، پاويل ۽ نتاشا جي نالي ۾ ڌرتي جي نمائندگي ڪندي ادب کي ادب جو سماجي ڳانڍاپو ڪري بيهاريو بيٺا آهن.

    مون کي امرجليل سان سدائين اهوئي اختلاف آهي ته هو پنهنجي ڪهاڻين جا ڪلائيمڪس پلاٽ مطابق نه ڪري سگهندو آهي. سندس پلاٽ سماج سان ويڙهه ۽ ڪهاڻي جو انت پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي هوندو آهي، پر انور ڪاڪا سموري ڪهاڻي ۾ پنهنجي ڪردار کي تجسس سان ڏيکاري پڙهندڙ کي اچرج ۾ وجهي آخر ۾ انهي جو انت برصغير جي تمام وڏي ڪهاڻيڪار خواجا احمد عباس جي هندستاني ڪهاڻي “دي نيڪسلائيٽ” جي ڪلائيمڪس وانگي انهي ٻار تي آهي، جيڪو سميتاپاٽيل کي موت جي سزا کان پوءِ جهنڊو هوا ۾اڏاري دوستووسڪي جي سٽن ۾ اهو ٻڌائيندي پنهنجي ويڙهه جاري رکڻ جو عزم ورجائيندو آهي ته هن کي چئجو مان مري ته ويم پر معاف نه ڪيم! انور به ساڳي ريت پنهنجي هڪ ڪهاڻيءَ “رمضان ڊڊو جاڳي پيو...” ۾ هڪ پوڙهي کي ايڏو مضبوط ڏيکاري ٿو جو هوءُ پنهنجي ضعيفيءَ،پوڙهائپ ۾به حفاظت ڪرڻ لاءِ آتو هوندو آهي جيڪو پنهنجا هٿيار، محمد عثمان ڏيپلائي جي ناول سانگهڙ جي ڪردار انهي منڊي وانگر ڇڏڻ نٿو چاهي جيڪو جنگ ۾ وڙهڻ چاهي ٿو ،هر حالت ۾ ڀڄڻ نٿو چاهي ٿو.

    سندس هيءُ ڪتاب “نڙيءَ ۾ اٽڪيل سج” 24 ڪهاڻين تي مبني آهي، هر ڪهاڻي تي هڪ الڳ نقطي سان ڀرپور لکي سگهجي ٿو. سندس ڪتاب جنهن ۾ لهو سان اوتيل لفظن جو ذڪر پڻ آهي، ان ۾ شاهه لطيف جو اهو شعر “ سرجيس تا سور ساماڻيس ته سُک ويا” ارپنا سان گڏ شامل آهي. هڪ ماءُ ڪهڙي ريت پرورش ڪري پنهنجي اولاد کي پالي پوسي ٿي، سُکن تان هٿ کڻي ٿي، انهي جي اظهار لاءِ ئي ڀٽائي جو اهو شعر ڏنل آهي. مان ته کيس چڱيءَ طرح سڃاڻان پر سچ ته سندس ڪهاڻيون پڙهڻ کان سواءِ به ڪتاب ۾ پنهنجي پاران لکيل سندس لفظن مان به ڪا راءِ جوڙي سگهجي ٿي،جنهن ۾ هو پنهنجي پسند جي ڪهاڻيڪار مظهرالاسلام سان مخاطب آهي. جنهن ۾ هو اهو اظهار به چٽي ريت ڪري ٿو، پر انهي جي باوجود هوءُ جدليات جي اصول مطابق جدل جي پيراميٽر کي استعمال ڪندي پنهنجو نقطو به شامل ڪري ٿو. انهي جي هر سوال يا لفظ جو رد عمل جوابي لفظ سان ڏئي ٿو، جنهن جي تشريح هن ريت آهي:

    انور لاءِ ڪهاڻي پهريون ڀيرو ڳوٺ ۾ آيل شهري ڇوڪري به آهي ته اوچتو ڪٿان اڏري اچي اک ۾ پيل ايذائيندڙ ڪک به آهي، وري هوءُ ڪهاڻيءَ کي عورت جي مُرڪ جو اعليٰ شاهڪار سڏي انهي کي سجدي جي قابل قرار ڏئي ٿو. هن وٽ ڪهاڻي چانڊوڪي رات ۾ ترندڙ بتيلو آهي، وري انور جي هيءُ ڀيٽ جيڪا هڪ بيوهه جي بيحسي کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن لاءِ هوءُ تڙپي چوي ٿو ڪهاڻي ڪنهن بيواهه جو اڇو جوڙو آهي. هو ڪهاڻيءَ کي روشن مستقبل جو عڪس سمجهي ٿو، جيڪا سماجي سائنس جي اسڪول آف ٿاٽ جو جُز آهي. انور لاءِ مايوسي قبول ڪرڻ وارو عمل ڏوهه ۾ شمار ٿئي ٿو.سچ ته هوءُ مايوسي تي مظهر اسلام کي ڪلين بولڊ ڪري، پنهنجي راءِ ۾ ڪهاڻي جي وصف ۾ شامل ڪري انهي کي روشن مستقبل جو خطاب ڏئي ٿو. جيڪا اسان لاءِ به پڻ نئين تشريح آهي، جيڪا پيڙيل ۽ گٺل نظام جي مظلوم عوام لاءِ ڊرافٽ جو به مواد آهي. اونداهي انور ڪاڪا کي پنهنجي نڙي ۾ اٽڪيل سج جيان لڳي ٿي، هن کي ساحر جي سٽن وانگر خبر آهي ته ،“رات ڀر ڪا هي مهمان انڌيرا ،ڪس ڪي روڪي رڪا هي سويرا.” اهو سندس فڪر آهي جنهن کان پو کيس ڪهاڻي جي حوالي سان وڌيڪ وصف جي ضرورت منهنجي راءِ مطابق نه ٿي ملي ،جنهن جو اظهار هوءُ هن ريت ڪري مايوس ڪهاڻي جي پلاٽن کي انڪروچ مينٽ واري غلط بلڊنگس سمجهندي هوءُ ان کي پنهجي ئي هن راءِ سان هڪ ڌڪ ۾ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏي ٿو ته، “ڪهاڻي روشني ڏانهن پهرين اڏار به آهي.” جيتوڻيڪ هو پنهنجي پاران ڪهاڻي کي ڪيتريون ئي تفصيلي وصفون آڇي ٿو، پر روشني ڏانهن پهرين اڏار کان پوءِ پاڇي بچي ئي نٿي جو حساب ڪتاب جي بندي کولي وصف جي آپريشن ڪرائجي.

    انور وٽ ڪهاڻي آسماني ٽيڙو وانگي آهي، سندس اها ڪهاڻي جنهن ۾ هڪ هيروئني جا احساس شامل ڪري ٿو.عام طور ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته ،سمورا هيروئني هر احساس کان وانجهيل هوندا آهن.اهڙن فردن جي مشاهدي تي سواءِ ڦڪي مرڪ مرڪڻ جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ ڪوبه فرد هيروني (نشائي) ڇو ٿئي ٿو؟ انهيءَ کان هٽي ڪري ،هن ڪهاڻيءَ طرف سوچجي ٿو ته هو من ۾درد جا ڪئين ڍيرا کولي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.ڪهاڻيءَ جي ٽريٽمينٽ ؛ ويندي وٽس جملن جو جيڪو حسين استعمال آهي،انهي جي حسناڪيت مثال ٽيڙو ڪهاڻي ۾ ڪردار جو هي جواب به آهي ته ،“چريا! ٻارن جون ڪي قبرون ٿوروئي ٿينديون آهن” هن جملي کي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي، “ٽيڙو” ڪهاڻي ۾ هڪ موالي جون آسمان سان ڳالهيون جنهن کي پنهنجي ڌيءُ جي محبت ايڏو طاقت ور بڻائي ڇڏي ٿي جو هوءُ پنهنجي ساٿي موالي پاران مليل سندس نياڻي کي گار جو بدلو وٺڻ لاءِ آتو ٿي وڃي ٿو. انور جو اهو ڪردار جيڪو پلاند ڪرڻ کان پوءِ مطمئن ٿي آسماني ٽيڙو کي پنهنجي سوڀ جو سلام ڪري ٿو ۽ کيس جيڪا ٽيڙو ۾ پنهنجي مرحوم ڌي جي مُرڪ جو عڪس نظر اچي ٿو.اهو بيحد وڻندڙ احساس آهي ڇو جو ٻار ۽ مُرڪ ٻئي معصوم هوندا آهن ،جيڪي واقعي ڪڏهن به مري نٿا سگهن، جنهن جو اظهار انور جي ڪهاڻي “ٽيڙو” ۾ دل کي ڇهندڙ ڪلائيميڪس ذريعي چٽو نظر اچي ٿو. منڇي ٽائيپ لکندڙ ۽ پڙهندڙ هن احساساتي ڪهاڻيءَ جي اندر ۾ ڇپيل حسين احساس کي شايد ئي پرکي سگهن.

    سمورو ڪتاب هڪ پاسي پر سندس ڪهاڻي“30 فيبروري” ڄڻ ته سندس چارٽر آف لائيف آهي، انور کي آءُ ذاتي طور سڃاڻان ٿو، هُن جي هِن ڪهاڻي ۾ چٽيل زندگي جا نظارا ڄڻ اسان سمورن انهن استادن جي زندگي جا لائيف اسڪيچ آهن، جيڪي ڳوٺان ڊگريون وٺي ڪراچي پهچندا آهن ۽ سندن پهرين نوڪري پرائيويٽ اسڪول واري ماستري هوندي آهي. انهي پرائيويٽ ماستري مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي اهو استاد ڊالر سان ڀيٽ ڪندي ناهي ٿڪبو. انور پڻ اهڙين وارتائن جو ذڪر ڇيڙي“ 30 فيبروري” جي نالي ۾ انهن استادن جي ڄڻ شامِ غريبان لکي آهي.ڪراچي جيڪو بي رحم شهر آهي ۽ اتان جو محبتون پڻ روپوشي جو رُوپ ڌاري گهڙي پل لاءِ واسو ڪري وري وڃي گليمر پاسي منزل کي رسنديون آهن، انور جا ڪردار جوهر اسڪوائر جي آڳرن ۾ ويهي ان جي موٽي اچڻ لاءِ ڏينهن ڳڻيندا رهندا آهن. اهي ڪردار خوابن جي دنيا ۾ ٽپو ڏئي پاڻ کي ڪنهن لئنڊڪروزر جي اميد سان جوڙيندا آهن، پر اچانڪ سندن روم پارٽنر جو آواز اهو سڀ ڪجهه هڪ پل ۾ ڇني وٺندو آهي، روم پارٽنر کين ننڊ منجهان اٿاريندي کين اسيمبلي جو ٽائيم ياد ڏياريندو آهي، سڄو ڏهاڙو انهي سوچ ۾ هوندي وري رات جو سندن ذهن جي سوچ وڏي ماڻهو ٿيڻ پٺيان ڊوڙڻ لڳندي آهي. اهي ڪردار جنهن جا نالا ته ٻيا هوندا آهن، پر اهي حقيقت ۾ آءُ ۽ انور هوندا آهيون جيڪي دل کي سکڻو دلاسو ڏئي ڪوڙي ڪلائيميڪس جو پلاٽ جوڙي زندگي کي هڪ نئين اتساهه جو نانءُ ڏيندي پنهنجي شادي جي ڪارڊ ۾ اها تاريخ چونڊيندا آهيون جنهن جو تعلق “ليپ ايئر” سان به نه هوندو آهي. شادي جون اهي تاريخون انهي محبوب جي اوسيڙي ۾ اردو جي لفظ وانگي “تاريڪ” جو ڪلائيميڪس هونديون آهن.مايوسي باوجود 30 فيبروري دل کي آٿت ضرور ڏيندي آهي ،جنهن جو اظهار مرزا غالب ڪيڏي نه خوبصورتي سان ڪيو آهي

    هم ڪو معلوم هي جنت ڪي حقيقت ليڪن

    دل ڪي بهلاني ڪو غالب يي خيال اڇا هي

    انور جو قلم مايوس هوندي به وڙهڻ ڄاڻي ٿو، جنهن جو اظهار هن “پنهنجي پاران” لکيل لفظن ۾ ڪهاڻي جي تشريح ۾ ڪيوآهي. انور سمجهي ٿو ته ادب صرف اهو نه آهي جيڪو اسان کي نظر اچي ٿو، وٽس ادب جو معيار انساني جذبا آهن. هوءُ جنهن جو تعلق انساني مسئلن سان جوڙي ٿو، آءُ سمجهان ٿو ته انور جي دل ۾ سماجي پيرا جو هڪ وڏو اڻٿڪ وهڪرو آهي، جيڪو انور کي مظلوم ۽ محڪوم جي ڏک تي لکڻ لاءِ اتساهي ٿو.هن جو قلم ضرور انهي ادب جو پورائو ڪندوجيڪو ادب انساني قدرن جو اعليٰ شاهڪار بڻيل آهي. هن جون ڪهاڻيون انهن سمورن نوجوانن جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اخبارن کان ويندي نجي اسڪولن ۾ گهٽ پگهارن تي ڌڪا ۽ ٿاٻا کائيندا رهندا آهن. انور انهي لاءِ پنهنجي ڪهاڻي کي جاڳ بڻائڻ ٿو چاهي،جوت بڻائڻ چاهي ٿو،( جاڳ جوت ئي ته آهي)سوجهرو بڻائڻ ٿو چاهي ٿو بلڪل انهن جيان جيڪي سوجهري جي مشعل کڻي سماجي تبديلي جي ڳالهه ڪن ٿا. انور به انهي قافلي جو حصو ٿيڻ چاهي ٿو، پوءِ ڀلي انهي کي ڪو هينڊبل سمجهي يا ڪو بينر ،پر انور سوجهري تي ڪوبه ڪمپرومائز ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. يقين آهي ته سوجهرو سندس مقدر بڻبو.
     
    اي جي شيخ، عبيد ٿهيم ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو