درد مندي روءِ داد جيڪا سچ تي مبني آ ...ڪنڌڪوٽ شهر جي درد ڪٿا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    دردمندي روءِ داد جيڪا سچ تي مبني آ
    =======================================
    ڪنڌڪوٽ شهر جو جي مونکا پڇندي روئي ويهندي روئي ويهندي ....
    ::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::::
    ڪنڌ ڪوٽ شهر جيڪو هڪ تاريخي شهر آ هن کي جڙندي صديون گذريون آهن دريا سنڌ جي ڪپ تي هڪ سهڻو شهر جيڪو شهرن جي ملڪه چئجي ته گهٽ نه آهي جنهن کي شروع کان هن سان پيار نه ڪندڙ ڌريون مليون جن هن کي هڪ قدم اڳتي ترقي ٿيڻ کان پو ٻه قدم پوئتي بلڪ چار قدم پوئتي ڌڪيندي رهيون

    گهڻو پوئتي نه ٿا وڃون 1970 کان شروعات ڪجي ته به پتو پئجي ويندو ته هن شهر جو ڪير همدرد آ ڪير هن کي تباه ڪرڻ جي منشا ۾ آ..... هي هڪ همراه جنهن کي عيد ملن پارٽي ڏني وئي ان جي سياسي شروعات ٿي1973 ع ۾ جنهن سان گڏوگڏ مير مهراڻ خان ان کي گرومنگ ڪندو رهيو ۽ اهي وقت جا والي رهيا پر شهر کي ڀڙ ڀانگ ڪندا رهيا هر ڪو خاموشي سان ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو هي موصوف پنهنجي ذاتي مفاد کي فاعدو ڏيندا رهيا شهر ۾ هڪ صرف هڪ ڊگري ڪاليج جنهن ۾ به فوجي رينجرس وارا سدائين مهمان ٿيل .....

    ڳاله شروع ڪجي ٿي هن ضلعي جي جڙڻ کان ضلعو ڪشمور ڪنڌڪوٽ جنهن جي هن موصوف عيد پارٽي کائڻ واري سخت مخالفت ڪئي هئي ته هي ضلعو نه ٿي پر سڄاڻ ڌريون جنهن ۾ مير سندرخان سندراڻي اول هيو جنهن بک هڙتال به ڪئي ۽ پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏنو ته هي ضلعو ٿيڻ گهرجي آخر سرڪار کي مت آئي هو سنوپرائي ڪندي ضلعي جو اعلان ڪيو همراه جي عقل کي تالا ته بابا جڏهن تون هن ضلعي کي مڃي ئي نه ٿو ته تنهنجو سياست ڪرڻ هتي حق ئي نه آهي پو هي شهري اتحاد وارا هن کي دشمن ڪنڌڪوٽ کي مدعو ڪري ڪهڙي شهري ضميواري پيا نڀائين

    جيڪو شهر کي ٻوڙڻ مهل ڪا ڪسر نه ٿو ڇڏي.......... پر هڪ نوجوان سياستدان ، انسان دوست جنهن جو چوڻ ته منهنجو ڳوٺ ٻڏو آ پر مان شهرين کي ٻوڙڻ نه ڏيندس ۽ پاڻ ٻورا کڻي کڻي انڙ جي ڪڙ کي مضبوط ڪرڻ لڳو ......۽ پو ماڻهن جا هجوم هيا جن پاڻ پنهنجي مدد تي هي ڪڙ مضبوط ڪئي ۽ شهر ٻڏڻ کان بچي ويو ...
    وري به ٻوڏ جو ماحول ٿيو ته همراه وتي سوچ سوچيندو ته ڪٿا ن ٻوڙيان هن شهر کي ...۽ پو آخر ۾ نيٺ هن شهر جي خوبصورتي جو بهانو ڪندي سڄو شهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائين ۽ ڪيترا مسڪين جيڪي روزي جي لاءِ بي روزگار ٿي ويا انهن جي پونجي ڳري وئي .......

    ان ماڻهو کي دعوت ڏيڻ ڪٿان جو عقل آ ۽ ڪهڙي شهري خدمت آ جي ڪنهن وٽ جواز آهي ته هتي ٻڌائي ته اسان کي به خبرپوي ته ڪهڙي مصلحت هئي ......

    جنهن شهر منجها بلدياتي اليڪشن کٽي آ انهن کي مدعو نه ڪيو ويو پر هي ان شهر ۾ جنهن جا پير ڊهي ويا آهن ان کي مدعو ڪرڻ ڪٿان جو فهم آهي .......

    ٻيو ته هي هڪ ڊگهي عرصي کان سدائين حڪومت ۾ رهيو ۽ علائقي جي ماڻهن لاءِ هڪ نانگ جي زهر ثابت ٿيو صرف وڏو سياستدان صرف پنهنجو مقصد مفاد ...باقي عوام جو ڪو اونو نه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ تعليم جو اوج آهي پر هتي موئن جي دڙي جهڙا آثار تعليم لاءِ ڪجه به نه هڪ ڊگري ڪاليج جيڪو به فوجن جي حوالي ڪلاس هلن ئي ڪين ٻه ٽي هاءِ اسڪول بس ...هو ٽيڪنيڪل ڪاليج جيڪو ٺهيل بلڊنگ گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو جي اهو ئي هجي ها ته شايد هر ٽين سال بيج نڪرندي الاءِ ڪيترا خاندان اڄ آسوده هجن ها جن جا ٻار ٽيڪنيڪل پڙهي فورن ڪنهن نه ڪنهن اداري ۾ نوڪري وٺن ها ...پر ٽيڪنيڪل ڪاليج ئي گم ڪري ڇڏيائون ...

    وري هو مهراڻ يونيورسٽي جي ڪا برانچ هجي ها يا قائد عوام جي ڪا براچ ئي هجي آ ڪا ڪيمپس هجي آ يا سنڌ يونيورسٽي جي ڪا براچ وٺرائي ها يا لطيف يونيوسرٽي جي ئي ڪا ڪيمپس ملي ها ڪو ميڊيڪل ڪاليج جهڙا به هتان جا ماڻهو حقدار نه هيا ....نه نه نه ڪاري وارا ڪک تعليم جي لحاظ کان شهر هڪ اڻ پڙهيل جاهل جهڙو ڏيک پيو ڏي جنهن ۾ جوا شراب گندا ڪم ته اوليت جي بنياد تي هلن پيا پر ڪو تعليم ڏي توجه ئي نه آهي ...دوست يا هو همراه چوندو ته سائين هو ڪيڊت ڪاليج جيڪو جڙي پيو ...ها بلڪل پر محترم اهو جيڪو ڪاليج آ اهو هڪ مڇي جي فارم ۾ ۽ ان جاءِ تي آ جنهن جي ڀر ۾ مشهور زمانه جمال ڍورو جنهن ۾ سدائين ڏوهارين جو ڳڙه ۽ هڪ جنهن ۾ هي قومي ناڻو وڃائڻ جي مترادف آهي هي پيسو قوم جي امانت آهي جيڪو ٽيڪس وغيره جي مد ۾ توکان مونکان اڳاڙي ڏنو ويندو آهي ان کي صحيح سالم استعمال ڪرڻ وارو نمائندو هوندو آهي پر هن وٽ صرف پنهنجي ذاتي انا ۽ ڪم عوام تي لت رکي حاصل ڪندو آيو آهي .....

    وري هن شهر ۾ انرجي ريسورس جانچيون جنهن ۾ هڪ 18 سو ميگا واٽ جو بجلي گهر گڊو ۾ ،ڪنڌڪوٽ گيس فيلڊ پي پي ايل جي نالي سان پر مقامي ماڻهن کي ڪا نوڪري نه ۽ آئي ڏينهن بجلي هوندي بجلي ميسر نه گيس به سدائين گهٽ پريشر ۽ ڀر پاسي جي ڳوٺڻ ۾ ته اڻ لڀ ڪو ڌيان نه آهي صاحب موصوف کي صرف آميرڪا جا چڪر هڻڻا آهن اتي پنهنجو ڌنڌو وڌائڻو آهي باقي عوام جي لاءِ ههڙا شهري اتحاد جوڙي پيو ڪم هلائيندو جي ظلم تي اچي ته اخباري نمائنده به مارائي ڇڏي ڪو چوڻ وارو نه ڪو سياست ۾ اسري ته ان جي سوئي کڻي ايجنسين جي هٿان مارائي ڇڏي اهڙي ماڻهو کي انسان دشمن ته چئي سگهجي ٿو سياستدان نه ....

    2010 جي ٻوڏ ۾ شهر ڪنڌڪوٽ کي ٻوڙائڻ جي منشاته نه پوري ٿي پر وري وطن ڪارڊن ۾ سڀ کان پهرين هن پنهنجي لاءِ 200 ڪارڊن جو دستو زوري افتتاح جي نالي تي هڙپ ڪري ويو ڄڻ هن جو گهر ٻڏو هو ........؟؟؟؟؟

    وري هر ڪو پنهنجي شهر کي ڪو نه ڪو ڪارخانو يا ڪارخاني جو زون بڻائي روزگار جو سبب وڌائي پيو پر هن وٽ اڄ ڏينهن تائين ڪو سر سواد يا سوچ هن طرف نه ڏٺي سي پر سائين پاڻ پڙهيل لکيل آ ... اهو ڪهڙي ڪم جو جيڪو عوام جي رت چوسي ڍڪ ڀريندو رهي ۽ پاڻ پيراسائيٽ وانگر ڀڀ ڀريندو رهي تان جو عوام لڱ اگهاڙو پيٽ بکيو گهر ڪکاوان ڪاٺين تي چلهو ٻارڻ سان سردين ۾ سيءَ ۾ سڪي ته گرمين ۾ سدائين سن اسٽروڪ جي حوالي .....

    هي ماڻهو هن شهر جو نمائندو ئي نه آهي ته پو ڪهڙي سبب هي خوشامند ٿي ...مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين ۾ جنهن کي به اختلاف هجي هتي جره ڪري هي بندو حاضر آ سوال ۽ جره جي جواب جو ۽ پنهنجي سيني ۾ ٿورو چهنڊڙي هڻي ڏسو ته هي بيان سچ آ يا ڪوڙ آ ..... ڪٿي ڪا اڃا به ٻڌائڻ ۾ ڪمي رهجي وئي هوندي پر وڌاءُ نه آهي ......ساٿ سلامت شهر سلامت

    فقط

    هڪ شهر ڪنڌڪوٽ جو دردمند
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو