1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    25000

ڇا اسڪولن ۾ جسماني سزا کان سواءِ پڙهائڻ ناممڪن آهي؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2016۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    498
    ورتل پسنديدگيون:
    830
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    اسڪولن ۾ ٻارن تي جبر ۽ تشدد ڪرڻ اسان وٽ نه صرف عام آهي پر ان کي اخلاقي پُٺ پڻ حاصل آهي، ”مار ٻار جي سنوار“ جهڙا ٻار دشمن پهاڪا اسان جي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا. تعليمي ماهرن جو چوڻ آهي ته جسماني سزا (Corporal Punishment) جا ٻار تي انتهائي نهڪاري اثر پوندا آهن ۽ ٻار جي نشونما رڪجي ويندي آهي، پر اسان جي سماج ۾ مار کي ٻار جي سنوار قرار ڏيئي معصوم ٻارن تي تشدد ڪرڻ جو جواز اڃان تائين برقرار آهي. استادن جي به هڪ وڏي اڪثريت اسڪول ۾ ٻارن جي غلطين تي کين جسماني سزا ڏيڻ نه صرف ضروري سمجهي ٿي پر ان کي استاد جو حق پڻ سمجهيو ويندو آهي ۽ ظلم اهو به آهي ته تربيت جي کوٽ جي ڪري استادن کي مار کان سواءِ پڙهائي جو ڪو ٻيو طريقو ايندو به ناهي. اسڪولن ۾ سبق ياد نه ڪري اچڻ، هوم ورڪ نه ڪري اچڻ، سوالن جا غلط جواب ٻڌائڻ، حساب صحيح نه ڪرڻ، شرارتن سميت ٻين غلطين توري تعليمي ڪمزورين تي استاد ٻارن کي لٺون هڻن، اسڪيل سان مارڻ، ڪاپيون، سليٽ، تختي يا ڪتاب وهائي ڪڍڻ، چماٽون هڻن، لتون ۽ مڪون هڻن، اُس ۾ بيهارڻ، بينچ تي بيهارڻ، مرغو ڪرڻ، اٿ ويهه ڪرائڻ سميت ٻيون به انيڪ سزائون ڏيندا آهن ۽ سزائن جو جواز پيش ڪندي دليل ڏيندا آهن ته خوف سبب ٻار سٺي نموني پڙهندا آهن ۽ بهتر نتيجا ڏيندا آهن. جڏهن ته تعليمي ماهر اسڪولن ۾ سزا ڏيڻ کي ٻارن سان دشمني قرار ڏيندي ان تي مڪمل بندش جي صلاح ڏيندا آهن، 1783ع ۾ پولينڊ پهريون ڀيرو ٻارن تي جسماني تشدد ڪرڻ خلاف قانون سازي ڪئي جنهن بعد دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ ٻارن تي جسماني سزا تي پابندي وڌل آهي، پاڪستان ۾ به 2013ع ۾ قومي اسيمبلي اسڪولن ۾ جسماني سزا ڏيڻ تي مڪمل پابندي جو بل پاس ڪيو هو جنهن تحت ٻارن تي تشدد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هڪ سال قيد يا پنجاهه هزار ڏنڊ پئجي سگهي ٿو، پر ان قانون تي عمل ناهي ٿي سگهيو. پراڻي دور ۾ اهو تصور موجود هو ته خوف سبب ٻارن ۾ پڙهائي جو چاهه پيدا ٿيندو آهي ۽ انهن مان خراب عادتون ختم ٿينديون آهن ان نظريي تحت تشدد ۽ سزا سان تعليم ڏني ويندي هئي. ان طريقي سان ٻار تعليم ته حاصل ڪري وٺندو هو پر شاگرد ۾ ڪابه تخليقي صلاحيت بيدار نه ٿيندي هئي بلڪه هو رٽي جو عادي ٿي ويندو هو سزا جي ڊپ جي ڪري کيس جيڪو سبق ملندو هو اهو ياد ڪري وٺندو هو پر ان کي سمجهي نه سگهندو هو. تعليم جي ان نظام جي هر ماهر مذمت ڪئي آهي پر افسوس ته اسان جي تعليمي ادارن استادن جي جديد انداز ۾ تربيت جي کوٽ جي ڪري اسان وٽ اڄ به تشدد ذريعي سبق رٽائڻ جو نظام لاڳو آهي.

    ٻارن کي جسماني سزا ڏيڻ جا نقصان انتهائي وسيع آهن، حقيقت ۾ اسڪولن ۾ ٻارن کي سزا ڏيئي کين پڙهائي کان باغي ڪري استاد هڪ اهڙو سنگين ڏوهه ڪري رهيا هوندا آهن جنهن جي ڀيٽ ڪنهن وڏي جنگي ڏوهه سان ڪجي ته به گهٽ آهي ڇوته سندن ان غلطي جي ڪري هڪ پوري نسل محروم ٿي رهي هوندي آهي. جسماني سزا جي ڪري اسڪولن مان هر سال هزارين ٻار فراريت اختيار ڪندا آهن جنهن سان سندن مستقبل تباهه ٿي ويندو آهي مستقبل جي تباهي کان علاوهه به اسڪولن ۾ جسماني سزا ڏيڻ جا ٻارن تي انتهائي ناڪاري اثر پوندا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته تعليمي نظام ۾ ٻار کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي ان جي لاءِ تعليمي نظام ٻار جي فطري گهرجن جي ابتڙ نه هجي ۽ ٻار کي سندس نفسيات موجب ان جي فطري گهرجن پٽاندڙ تعليم مهيا ڪرڻ گهرجي ۽ کين مڪمل پيار ۽ شفقت وارو تعميري ماحول مهيا ڪيو وڃي ته جيئن سندس تعليمي گهرجون بنان رنڊڪ جي پوريون ٿين ۽ هو آزادي سان نشونما حاصل ڪري سگهي. جڏهن ته جيڪر کيس جسماني سزا توڙي غير فطري طريقي سان تعليم مهيا ڪئي وئي ته ان طريقي جا ٻار تي انتهائي منفي اثر پوندا آهن. ماهرن موجب سزا ڏيڻ سان ٻارن جي واڌ ويجهه تي خراب اثر پوندا آهن ۽ هو تعليمي ميدان ۾ بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ناهن ڪري سگهندا. جڏهن ته سزا جي ڪري ٻارن جي ذهني صحت تي به انتهائي خراب اثر پوندا آهن، جيئن ته هر ٻار جي ڪوشش هوندي آهي ته هو ٻين کان بهتر ۽ سٺو نظر اچي ۽ معاشري ۾ کيس عزت ۽ پيار ملي پر اهڙي ٻارن کي سڄي ڪلاس سامهون سزا ڏيڻ سان انهن جي اها خواهش ختم ٿي ويندي آهي ۽ ٻار پنهنجي ساٿين جي اڳيان شرمندگي محسوس ڪري احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندو آهي جنهن جو اثر سندس تعليمي سفر تي پوندو آهي. ماهرن موجن مسلسل سزا ۽ تشدد سبب ٻار هوڏي ۽ بي چيا ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ ڏوهارين وارا خيال پيدا ٿيندا آهن جڏهن ته ٻارن مان سزا جو خوف به بلڪل ختم ٿي ويندو آهي. معاشري ۾ اهڙا ڪيترائي ٻار توڙي وڏا موجود آهن جيڪي استادن جي ظالماڻي روين جي ڪري اسڪولن مان ڀڄي نڪتا آهن ۽ مائٽن جي زور ڀرڻ باوجود ڪنهن گيراج يا هوٽل تي مزدوري ڪرڻ ته منظور ڪيائون پر اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪيائون.

    اسان وٽ ظلم اهو به آهي ته والدين جي به اڪثريت ٻارن تي تشدد ڪرڻ ضروري سمجهي ٿي ۽ اڪثر والدين استادن وٽ ٻارن جي تعليمي ڪارڪردگي جانچڻ جي وزٽ دوران استاد کان ٻار جون مختلف شڪايتون ڏيئي سزا ڏيڻ جي ”فرمائش“ ڪندا آهن، هوڏي ٻار جي لاءِ ته والدين استاد کي اهو چوندي به ناهن ڪيٻائيندا ته ”هڏا اسان جا آهن ۽ کل اوهان جي آهي“. اهڙن ٻارن تي گهر والدين تشدد ڪندا آهن ۽ اسڪول ۾ وري استاد تشدد ڪندا آهن يعني معصوم ٻار کي هر طرف کان خوفزدهه ڪيو ويندو آهي ۽ وري ان مان اميد اها رکي ويندي آهي ته هو سٺي انداز سان پڙهي معاشري جو سٺو شهري ثابت ٿيندو!!. ٻار کي جسماني سزا ڏيڻ جي ڊوڙ ۾ خانگي اسڪول به پوئتي ناهن سرڪاري توڙي خانگي سطع تي ٻارن کي سزا ڏيڻ جي نتيجن کان ڪن لاٽار ڪندي مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اڄ اسان جي معاشري ۾ ڊگري يافته ماڻهن جي کوٽ ناهي پر قابليت جي شديد اڻهوند آهي ڇوته مسلسل سزا جي ڪري ٻارن ۾ تعليم جو شوق ختم ٿي چڪو هوندو آهي ۽ هو استاد جي خوف جي ڪري حقيقي معني ۾ ڪتابن جا غلام يا Slaves of Text بڻجي چڪا هوندا آهن جنهن جي ڪري پورو معاشرو پس ماندهه بڻجي چڪو آهي ڇوته خوف ۽ ڏهڪاءُ ذهني مفلوجي جي علامت آهي جنهن معاشري ۾ هيٺين سطع يا پرائمري سطع کان ئي خوف ۽ ڏهڪاءُ جو ماحول هوندو ته ان معاشري جي رهواسين جون ذهني صلاحيتون مفلوج بڻجي وينديو آهن ۽ اُهي سچ ۽ نواڻ کان گهڻو پري ٿي ويندا آهن، اهڙن معاشرن ۾ نئين سوچ، قوت ارادي، اڳواڻي ۽ تخليق جي صلاحيت بلڪل ختم ٿي ويندي آهي. انهي صورتحال جو مطالعو اسان جي سماج مان ڪري سگهجي ٿو. حقيقت ۾ تشدد سان تعليم ڏيڻ ممڪن ئي ناهي، تعليمي ادارن ۾ تشدد جي پاليسي سان پيدا ٿيندڙڻ کي ڪنهن به صورت ۾ تعليم يافته نٿو چئي سگهجي بلڪه اُهي مخصوص حد تائين جا سکيا ورتل ماڻهو هوندا آهن جن ۾ تخليقي صلاحيت جي اڻهوند ڀلي ڀت محسوس ڪري سگهجي ٿي.

    استادن جو هڪ وڏو اننگ اهڙو به آهي جيڪو سمجهي ٿو ته ٻار کي سزا جو خوف ئي استاد جي عزت ڪرڻ سيکاري ٿو جيڪر استاد ٻار کي بلڪل به سزا نه ڏيندو ته شاگرد استادن جي عزت ڪرڻ ڇڏي ڏيندو جڏهن ته حقيقت ۾ اهڙي عزت جيڪا خوف ۽ ڏهڪاءُ جي ڪري هجي ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو آهي. گهڻو ڪري اسڪولن ۾ شاگردن کي مار ٻن سببن جي ڪري ملندي آهي جنهن مان هڪ سبق ياد نه ڪري اچڻ ۽ ٻيو سبب ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ آهي. تعليمي توڙي نفسياتي ماهرن موجب ٻارن جو سبق ياد نه ڪري اچڻ ڪنهن به صورت ۾ شاگرد جي غلطي ناهي پر اهو نقص استاد جي تدريسي طريقي ۾ هوندو آهي جيڪر شاگرد کي استاد جي پڙهائڻ باوجود سبق سمجهه ۾ ناهي اچي رهيو ته استاد کي شاگرد تي ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ پنهنجي طريقي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان شاگرد کي سبق سمجهڻ ۾ سولائي پيش اچي. 1969ع جي تعليمي ڪميشن ۾ پڻ استاد ۽ شاگرد جي تعلق تي زور ڏنل آهي، هڪ سٺو استاد هڪ ماهر نفسيات ۽ ٻار جو صلاحڪار پڻ هوندو آهي جنهن کي ٻارن جي سمورن مسئلن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي، اسان وٽ خاص طور تي ٻهراڙين ۾ والدين جي اڪثريت تعليم جي حوالي سان سنجيدهه ناهي هوندي ۽ ٻار کي اسڪول موڪلڻ بس هڪ رسم تائين محدود هوندو آهي، ٻهراڙين ۾ ٻارن کي اسڪول مان موٽي اچڻ کان پوءِ گهر جا کوڙ سارا ڪم جهڙوڪ والدين سان ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ، گاهه ڪري اچڻ، مال چارڻ، ننڍا ڀائر يا ڀينر سنڀالڻ، ڪاٺيون ڪري اچڻ، ڪنهن مستري وٽ وڃي مزدوري ڪرڻ جهڙا ٻيا به ڪافي ڪرڻا پوندا آهن اهڙن ٻارن وٽ هوم ورڪ ڪرڻ يا سبق ياد ڪرڻ جيترو وقت ئي ناهي هوندو. هڪ بهترين استاد کي ٻار جي انهن سڀني مسئلن جي سُڌ هجڻ گهرجي ۽ هو سموريون ڳالهيون نظر ۾ رکي پنهنجي حڪمت عملي ٺاهي. والدين جي عدم دلچسپي جي سزا ڪنهن به صورت ۾ ٻارن کي نه ملڻ گهرجي، جڏهن استاد ٻارن جي انهن مسئلن تي نظر وجهندو ته سندس پڙهائي جو روايتي انداز پاڻمرادو بدلجي ويندو ۽ ٻارن جي سبق ياد نه ڪري اچڻ واري شڪايت ختم ٿي ويندي. ٻي پاسي ڊسيپلين لاڳو ڪرڻ جو واحد حل خوف ۽ ڏهڪاءُ ڪنهن به صورت ۾ ناهي، هڪ قابل استاد ڪيترن ئي طريقن سان ڪلاس جو ڊسيپلين برقرار رکي سگهي ٿو جيئن شاگردن کي گروپن ۾ ورهائي کين مختلف پروجيڪٽ ڏنا وڃن، شرارت ڪرڻ ٻار جي فطرت آهي، شرارتن تي سزا ڏيئي سندس اندر جي ٻار کي مارڻ بجاءِ استاد شفيقاڻي انداز سان ٻار کي شرارت جي نقصانن کان آگاهه ڪري، اسڪول ۾ ٻارن جو پاڻ ۾ جهيڙو اڪثر ٿيندو آهي اهڙي صورت ۾ استاد ٻارن کي مار ڏيڻ بجاءِ انهن جون ڳالهيون ٻڌي انهن پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري. اسڪول ۾ ڊسيپلين جي اصولن کي سختي سان لاڳو ڪرڻ بجاءِ ان ڳالهه تي غور ڪيو وڃي ته اهي اصول ٻارن جي لاءِ جوڙيا ويا آهن جيڪي معصوم ۽ اڻڄاڻ آهن، ان لاءِ انهن جي ڀڃڪڙي جي سزا مار قطئي نه هجڻ گهرجي. تعليمي نفسيات ۾ پڙهائڻ جو چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪرڻ تي وڏو زور ڏنو ويو آهي. قبل از مسيح زماني جو رومي ماهر تعليم ڪوئنٽيلين چواڻي ته ”ٻار جي تعليم راند سان شروع ٿيڻ گهرجي ۽ استاد کي گهرجي ته ٻار جي حوصله افزائي ڪري ۽ کين انعام ڏي ته جيئن ٻار ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ٿئي“. جڏهن ته ٻارن جي نفسيات جي ماهر پروفيسر هل گارڊ تعليم ۾ شوق جي اهيمت بيان ڪندي لکيو آهي ته”حوصلا افزائي کي تعليم ۽ شخصيت کان جدا نٿو ڪري سگهجي، اسان پنهنجي ڪردار ۽ شخصيت ۾ مختلف تبديليون ۽ عادتون ڪنهن نه ڪنهن حوصلا افزائي جي ڪري پيدا ڪندا آهيون“. حقيقت ۾ اهو ئي بهتر طريقو آهي ته استاد ٻارن ۾ پنهنجي حڪمت عملي سان پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪن، ان حوالي سان انعام ڏيڻ جي روايت تعليمي بهتري آڻي ٿي جنهن جي افاديت کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي. انعام جي لالچ ۾ ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق وڌي ٿو جڏهن ته مثبت مقابلي جي فضا پيدا ڪرڻ سان پڻ ٻارن ۾ پڙهائي جي چاهت پيدا ڪري سگهجي ٿي. تعليمي توڙي نفسياتي ماهرن موجب تعليم ۾ سزا ۽ جزا جي الڳ حيثيت آهي پر جسماني سزا ۽ غير ضروري دٻاءُ ٻارن جي آئيندي لاءِ نقصاندهه هوندو آهي ان جي جاءِ تي استاد اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري جنهن سان ٻار جي حوصلا افزائي به ٿئي ۽ ٻار کي سزا جو ڊپ به رهي ته جزا جي لالچ به هجي. استادن کي ياد رکڻ گهرجي ته سزا ۽ تشدد ۾ زمين آسمان جو فرق آهي، لٺون هڻڻ، مڪون يا چماٽون هڻن يا اُس ۾ بيهارڻ، اٿ ويهه ڪرائڻ، مرغو بنائڻ وغيره سزا ۾ شمار نٿا ٿين پر اهي تشدد جي زمري ۾ ايندا آهن جنهن کان بچڻ گهرجي جڏهن ته سزا جي طور تي شاگرد کي احساس ڏيارڻ، ان کي نظرانداز ڪرڻ، ناراض ٿيڻ، والدين کي گهرائي انهن جي سامهون نصحيت ڪرڻ، ڏنڊ وجهڻ، اضافي لکڻ يا ياد ڪرڻ جو ڪم ڏيڻ يا ان جهڙيون ٻيون سزائون ڏيئي سگهجن ٿيون جنهن سان ٻار ۾ احساس ڪمتري پيدا نه ٿئي پر ان ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻ جو جذبو بيدار ٿئي. جڏهن ته سزا ڏيڻ جا به ڪجهه اصول هجڻ گهرجن جيئن ڪنهن به ٻار کي سزا دشمني جي بنياد تي نه پر اصلاح لاءِ ڏيڻ گهرجي جڏهن ته سزا ڏيڻ وقت ٻار جي عمر کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، ٻار کي غلطي يا تعليمي ڪمزوري جي نشاندهي پوري ڪلاس ۾ ڪرڻ بجاءِ الڳ سمجهائڻ گهرجي. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته محنت نه ڪندڙ شاگرد امتحان ۾ فيل يا گهٽ نمبر کڻندو آهي جيڪا پاڻ هڪ سزا آهي.


    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو