ڪن رولن سمجھي راند هتي/ منشي ابراهيم

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ احمدخان طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2016۔

  1. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪن رولن سمجھي راند هتي

    ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
    هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان.

    اها تيري ميري تو وٽ رک، هت ڳُڻن ڀريو ويهي ڳالهاءِ،
    نه ته نڪري وڃ هن نگري مان، هت پير پليت نه ڪو پاءِ،
    هي سنڌ انهن آ سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ،
    نه ته گھر به ويندءِ سِر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مونکي سُنهن،
    ڪر کڻي اڄ ڪُونڌر اٿيا، ڪندا تنهنجو ڪارو مُنهن،
    ٽنگيل هوندين ٽياسن ۾، هتي ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!

    مُنڍا کائي مورين جا هتي، مَتو آهين مانگر مَڇ،
    ٿورا ڏينهن اهي ٿُونا تنهنجا، راڻن ڦير يا توتي رڇ،
    ڪُنڍيون تنهنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڄندين ڀُڄ ۽ ڪَڇ،
    تو لُوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
    هن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي جُرئت کي،
    هي لٺين جون تان لوليون تو کي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!

    هي دودي دريا خان دلاور، ڌُوپارن جو ديس اٿئي،
    هي مانجھين مردن ٻاگھين ٻارن، جھُونجھارن جو ديس اٿئي،
    هي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگھارن جو ديس اٿئي،
    شينهن سُتل تو جاڳايا هي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
    تو رت تپايو راڻن جو هي، هڏ به تو هضمات ڪندا،
    هي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي جي، ڇيڙيا آهن تو ڇوليءَ سان!

    هي ٻولي سچل سامي سانوڻ، شاھ ڀٽائي گھوٽن جي،
    هي ٻولي ڪُل کان آھ قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
    هي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽، ماساتن جي سوٽن جي،
    آڱر هن ڏانهن جيڪو اُٿاري، تنهن جو ڌَڙ سِر ڌار ڪندا،
    هي ”منشي“ سڀ مهمير اٿئي، تو چيري ٽُڪرا چار ڪندا،
    هي هولي کيڏي ڄاڻي هر هڪ، هولي ڏسندين هوليءَ سان!
     
  2. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    بهترين انمول انداز
     
    ساقی ایاز ۽ مشتاق علي هيء پسند ڪيو آهي
  3. مشتاق علي

    مشتاق علي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    بھترين
     
    ساقی ایاز ۽ احمدخان هيء پسند ڪيو آهي
  4. ساقی ایاز

    ساقی ایاز
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تمام بهترين
     
    احمدخان هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو