ڪلر ٻاريئه ڪين ڪي ڪيئه جٺ جوئر سان ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏18 آگسٽ 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ڪنهن در ڏجي دانهن
    ؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
    ڪلر ٻاريئه ڪين ڪي ڪيئه جٺ جوئر سان
    ؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛؛
    هو پوڙهو وزير اعليٰ هيو هي نوجوان آهي سنڌ جي عظيم غيرت مند پيءُ جو پٽ آهي ڪو بارڻ ٻاريندو سڀني جي وات ۾ اهي گفتا هيا ...پر ان سوچ تي پاڻي تڏهن ڦريو جڏهن موصوف ايم قيو ايم جي گورنر سان گڏ ڪي4 جو افتتاح ڪيو ۽ جيل ۾ پڪڙيل دهشت گرد جن وٽا جديد محلق هٿيار مليا هئا جيڪي نائن زيرو آفيس ۾ لڪل هيا ۽ اتي هٿيارن سوڌو سڳ سوڌوپڪڙيا ويا پڪڙيا به رينجرس ....انهن تي ڪيس ثابت ٿيا جن سوين ماڻهن جي قتل ڪرڻ جا هاڪاري ثبوت ڏنا جن جي نشاندهي تي وري ٻيا قاتل گرفتار ٿيا جن پوري ڪراچي ۾ دهشت گردي ڪئي ۽ ڪراچي کان ٻاهر پوري ملڪ ۾ هنن دهماڪا ڪيا اهي اڄ وزير اعليٰ محترم نهايت نامدار ماڻهو انهن جي آزادي جو اندروني حڪم نامو جاري ڪيو ....هاڻي سنڌي ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي ههڙا دود ٿين ههڙا ڪيس ٿين ههڙي نا انصافي ٿي هي اسپيشل هيا جن جي لا 15 ڏينهن جو به نه 90 ڏينهن جو رمانڊ جڙيو ۽ ائين لڳو ڄڻ ٽريننگ وٺڻ آيا هيا ۽ اهو محسوس ڪرايو پيو وڃي ته حرام خورو قاتل ٿيڻ ۾ اڃا ڦڙتي نه ڏيکاري هيو سو هاڻي ائين ئي جيئن هڪ تيز ترين موٽر بائيڪس تي سنڌي نوجوان صدر جي علائقي ۾ اسپيشل برانچ ۾ ڪم ڪندڙ گاڏي ۾ ئي نشانو ڪيا ويا ۽ تا حال ڪو پتو ئي نه پيو ...امڙيو مائرون ڀينرو ويڻ ڪڍي پاراتا ڏينديون رهيون سسڪنديون رهيو روڄ راڙو ڪنديون رهيون نڙيون سڪائينديون رهيو پر ڪو کڙتيل نه نڪتو بس مرڻا ها جواني ۾ ته ڇا ٿيو هنن جو تجربو ڪامياب ويو ...شاباس اهڙي ڦڙتي ڏيکاريو ۽ سي سي ڪيم به بند هججڻ گهرجن .......
    ڇا هي سنڌ آ يا ڪو انديا جو علائقوجنهن ۾ سرعام انڊين فلمو هلن پان گٽڪو گهرائي پنهنجي نسل جي تباهي ڪريو ۽ وڻي ته فيڪٽرين ۾ سوين ماڻهو ساڙي ماري ڇڏين هي هندستاني دهشت گرد جن پوري خطي کي يرغمال ڪري ڇڏيو آهي ۽ هي ڌوڙ وزير اعليٰ انهن سان نرمي ڪندي انهن کي آزاد ڪرڻ جا سانڀاها پيو ڪري ...اڙي شرم کي به شرم آيو هوندو ڊيئر وزير اعليٰ سنڌ ...
    ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته انهن کي سرعام اجتمائي ڦاسيون ڏيئي عبرت جو مقام ڪجي ها پر هي هيڻو همراه ڇا ڌوڙ ٻاريندو ..
    ڪلر باريئه ڪين ڪي ڪئيه جٺ جوئر سان ......


    سنڌي مظلوم عوام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو