خليل چانڊيي صاحب جو تاثر ۽ اسان جو ادراڪ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اسان جي نهايت معتبر ۽ سالک سڄاڻ ماڻهو خليل چانڊيي جا تاثرات
    ______________________________
    سنڌ جا داخلي تغيرات....
    هونئن ته دنيا جي هر شئي پنهنجي اصل کان تغيير ۽ تبدل جي زد ۾ آهي ، سائنسي تحقيق ۽ انڪشافات اهو معمو ئي حل ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت هماليه جي اونچن پهاڙن جي جاء تي ڪنهن وقت سمنڊ جون گهرائيون روان رهيون آهن ، آبادي جي جڳه ويرانين ۽ ويرانين جي جڳه آبادين والاري آهي ، اهو سلسلو اج به غير محسوساتي طريقي سان روان دوان آهي ، انهن تغيرات جو سنڌ جي عمراني زندگي تي ڪيترو اثر رهيو آهي..موضوع بحث رهندو..
    زمين تي آيل اٿل پٿل، مٽا سٽا، سنڌ جي نقشي جي تبديلي سان گڌوگڏ تهذيبي ۽ تمدني تبديلي جا اثر پڻ صورت نمو ۾ رهيا آهن. ڪاله جي عروج ڪمال تي بيٺل سنڌ اج آثار قديمه جو مجسمو بڻجي ويئي ، جنهن تي اسان اج به ناز ڪندا آهيون ، اجڙيل ڪاشانن ۽ لٽيل خزانن جي مرثيه خواني اج به جاري آهي، مصيبت مٿان مصيبت اها رهي ته ان تغيرات مان گذرڻ واري قوم پنهنجي دولت ۽ ثروت ئي نه وڃائي ويٺي بلڪه پنهنجي ذهنيت به وڃائي ويٺي ، هاڻي سنڌ جو هر تحرڪ هڪ مذموم شڪل م موجود آهي جٿي تهذيب جي در حقيقت ، بدتهذيبي ، فهم و فراست جي جاء بد اعمالين، حق ۽ سچ تي بيهڻ وارن روين تي بزدلر ۽ ان بزدلي کي دليل جي سهاري تي زنده رکڻ جون ڪوششون وغيره اهڙا عمل آهن جنھن سان سنڌ جي عملي نشونما رو به زوال ٿي چڪي آهي ۔
    .....................................................................................
    اسان جو ادراڪ
    _____________

    سائين تجزياتي تحقيقي پر مايوسڪن....اسان جي سنڌ کي انگريزن کان وٺي اهڙو نفسياتي دٻاءَ ۾ رکيو ويو جو انهن جا پولڳ به ساڳي روش ۾ جڏهن ته اهڙي ڪا به ڳاله نه آهي ....هي وقت جو تغير بيشڪ تباه ڪن آ پر ان جهڙا ڪئي معرڪا ايندا رهيا ۽ انهن سختين سهندي سنڌي سهمجي سوٻاٽجي وري وري ڪر پئي کنيون آهي اهو ئي سبب آهي جي هي دراوڙي دودا اڄ به هن دنيا جي نقشي تي نمودار آهن سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ وجود رکن ٿا جيوت جنسار ۾ آهن پو اهڙيون لکتون ڪهڙي ڪم جون ...مڃا ٿو ارتقائي عمل پر ڌرتي ڪله به هئي اڄ ٻه آهي اها گيس نه ٿي آهي اها پاڻياٺ نه ٿي آهي ...هي ڌرتي ڌرتي .ئي رهندي هن ۾ ڪله به دراوڙ هيا اڄ به انهن جي اولاد آهي پر هن وقت جي وهڪري ۾ ڌاريا ۽ ڌاريون سوچون ۽ ڌاريا اسلوب ايندا رهيا آهن تن کي پڪو ڪري رهڻ نه ڏيڻ ڌرتي جو ڪمال آهي جيڪو ازخود آهي تنهن کي هلائڻ يا وارتا ڪرائڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي ...هي قدرت جو قانون آهي پاڻ اهڙا سبب پيدا ڪندي آهي جو انسان دنگ رهجيو وڃي ....هي مسلماني ۾ انگريزن جي قدرن سان سنڌي ماڻهو کي محڪوم رکڻ بد ديانتي ٻي جو حق کائڻ آ ...جنهن ۾ اڪثر اسان جا ساده لوح ماڻهو نه ٿا سمجهي سگهن جن ۾ اسان جو دانشور به بي ترتيب سوچن کي سموئي سلهاڙڻ جي رخ ۾ ته پو ٻين جو ڇا ٿيندو ....هي وقت آ سورهيائي سمق جو قدرن جي اجاگري جو حاصلات جي مجموعات جو نه ڪي پيڙائن ۾ پوڻ لاءِ نفسياتي نابري ڪرڻ لاءِ ...افسوس ٿيندو پر ان ڏک ڏولاون کي پاسي تي رکي جاڳرتا جو جهان جوت وارو ڪبو ته جنسار ٿيندي ...مايوس ته اڳي ئي ڪرڻ وارا ڌاريا ڌوتا کوڙ آهن ....اميد ته سهمت ڪندا نه ته دليل ڏيندا ...مهرباني
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو