ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 19-هين ورسي

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2016۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو

    ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 19-هين ورسي

    سنڌي ٻوليءَ جي نامور محقق، اديب، ٻوليءَ جي ڄاڻو، مترجم ۽ کاهوڙي سپوت ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي 19-ورسي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب شعبي پاران منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر محبت جي لکيل خطن تي مشتمل نئين ڪتاب ”محبت جا خط“ جو مهورت ڪيو ويو ۽ ”15-ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ“ نامور محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد، مشهور نقاد اڪبر لغاري، نامور شاعره روبينه ابڙو ۽ سماجي خدمتگذار ستار هڪڙي کي ڏنا ويا. ورسي تقريب جي صدارت نامور اديب ۽ نقاد اڪبر لغاريءَ ڪئي، خاص مهمان مشهور صحافي ۽ ڊاڪٽر محبت جو ڀاءُ صحبت ٻرڙو هئا ۽ اعزازي مهمانَ مشهور شاعر علي آڪاش، ناميارو سائنسي ليکڪ ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجو ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊميءَ جو چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙو هئا.

    نامور اديب، نقاد، ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي صدر غلام اڪبر لغاريءَ چيو ته ڊاڪٽر محبت کي سهڻي نموني محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ اها ڊاڪٽر محبت جي سگهه آهي جو هو ايئن ڪم ڪري ويو. ڊاڪٽر محبت جيڪي ٻوٽا پوکي ويو هو اهي وڌي وڏا ٿي ويا آهن. وڏا ماڻهو ڊاڪٽر محبت وانگر ئي هوندا آهن. وڏو ماڻهو وڏين بلڊنگس ۽ گھڻن ڪتابن سان نه ٿيندو آهي، پر ڪمٽمينٽ کان ٿيندو آهي. جيڪو ڪارل مارڪس جي زندگي مان به محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن جي زندگيءَ ۾ مارڪس جي زندگيءَ واريون تڪليفون موجود هيون. هر وڏو ماڻهو تڪليفن ۾ گذاريندو آهي. ڪميٽمنٽ عام ماڻهو کي هڪ وڏو ماڻهو بڻائي ٿي.

    خاص مهمان ۽ نامور صحافي صحبت ٻرڙي چيو ته ڊاڪٽر محبت جهڙا ماڻهو سنڌ ۾ ٿورا آهن. ڊاڪٽر محبت جن ماڻهن جو پيروڪار هو اهي خوابن پٺيان ڊوڙڻ وارا ماڻهو هئا. هن وٽ خوابن جي حوالي سان هڪ بيچيني هئي. هو پنهنجو نڪتي نظر رکندو به هو ته ٻئي جو نڪتي نظر ٻڌندو به هو. هن ڪنهن کي به ڪڏهن به مولوي وانگر درس نه ڏنو يا چٿر نه ڪئي. هو علمي ماڻهن لاءِ تمام گھڻو احترام رکندو هو. هو کي بيچيني هئي ته ايترو ڪجھ هجي جو سڪون سان لکي ۽ پڙهي سگهي. هو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ بيچين هوندو هو. هو ٿڪجڻ کان پوءِ ٻاراڻا ناول پڙهي رليڪس ٿيندو هو. هو پنهنجي وطن سان وفاداري جي وچن هيٺ هو ته هو سنڌ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. هن جي ڌرتيءَ سميت ڪائنات جي اسرارن ۾ به دلچسپي هئي. هو ٻين دنيائن سان به وابسطه هو ۽ ان جون ڳالهيون ٻين ماڻهن تائين پهچائڻ چاهيندو هو. هو ڪا به معلومات يا علم جي شيءِ لڪائي رکڻ نه چاهيندو هو. ڊاڪٽر محبت جا ڪيئي روپ فنڪشنل آهن ۽ ڪم ڪندا رهن ٿا.

    اعزازي مهمان ۽ نامياري شاعر علي آڪاش چيو ته آءٌ به خواهش لکان ٿو ته ڊاڪٽر محبت تي معروضي طور لکان، پر اسان ان ڪري نه ٿا لکي سگهون جو ڊاڪٽر محبت سان جذباتي طور ايترو سلهاڙيل آهيون جو ان طرح لکي نه ٿا سگهون. هو هڪ مثالي ماڻهو هو. هو يوناني ڏند ڪٿا جي ڪردار وانگر هو. مان هن مان تمام گھڻو پِرايو. مون هن کان پِرايو ته پنهنجي ڳالهه ڪهڙي طرح رکجي. ڊاڪٽر محبت هڪ فريم ۾ سوچيندو هو ۽ لاڳاپيل ڳالهه ڪندو هو. نثر ۾ منهنجا ٻه آئيڊيل ماڻهو رهيا آهن هڪ محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيو ڊاڪٽر محبت ٻرڙو. مون کي بيباڪي سان ڳالهه ڪرڻ جو همت ڊاڪٽر محبت طرفان ڏنل آهي. هو نيڪي کي علم ۽ علم کي نيڪي سمجھندو هو. هن ڪڏهن به اسان کي نه چيو ته چُپ ڪري ويهو پر اسان هن کي ٻڌڻ چاهيندا هئاسون. هو علم جي معاملي ۾ سرگرم ماڻهو هو. هو علم دوست سان گڏ عمل دوست به هو. هو وڌ ۾ وڌ پڙهڻ ۽ لکڻ چاهيندو هو. ڪلينڪ تي هو گھڻو وقت لکندو رهندو هو ۽ گھر ۾ پڙهندو هو. اسان جي زندگيءَ ۾ تبديلي ڊاڪٽر محبت جي ليڪچرن آندي. سندس هڪ تفصيلي ليڪچر ”اسٽالن جي جنگي حڪمت عملي“ موضوع تي هو جنهن ۾ ٻِي عالمي جنگ جو پس منظر هن اسان کي سمجھايو. ٻيو ليڪچر ”ڌرتي“ تي هو. هن پنن تي پريزينٽيشن ٺاهي اسان کي ڌرتيءَ بابت سمجھايو. ٽيون ليڪچر ”ٻوليءَ جا مخرج“ موضوع تي هو جنهن جي ذريعي اسان جو تلفظ به ٺهيو. اسان هن ۾ ڪڏهن به ڪاوڙ ۽ پريشاني نه ڏٺي. هن ۾ زندگي هئي، سلهاڙجي هلڻ جي خوبي هئي. هن تنهائي ۾ زندگي نه گذاري.

    اعزازي مهمان ۽ پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسپال ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي چيو ته ڊاڪٽر محبت دلير، دوربين ۽ خوردبين نگاهه رکندڙ اديب ۽ محقق هو. هو سائنس دوست ۽ انسان دوست هو. هر شيءِ کي سائنسي نظر سان ڏسندو هو. هو چاهيندو هو ته هر ماڻهو سائنسي تعليم حاصل ڪري. هن بيباڪيءَ سان لکيو. هو لسانيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن کي لغت نويسيءَ جي سٺي ڄاڻ هئي. هن جو ڪتاب ”ضميري پڇاڙيون“ وڏي گهرائپ سان لکيل آهي. ڊاڪٽر محبت هڪ ادارو ۽ هڪ تربيتگاهه هو. هن جي ڪلينڪ هڪ اسڪول وانگر هئي. هو اهڙي وڻ وانگر هو جنهن جو ٻور، ٽاريون، وڻ مطلب ته هر شيءِ ڪم جي هئي. هن تي پي ايڇ ڊي ٿيڻ کپي. افسوس ته هن جي بيولاجيڪل عمر تمام گھٽ هئي ۽ هو وقت کان اڳ اسان کي ڇڏي ويو.

    اعزازي مهمان ۽ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي چيئرمين ڀائو درمحمد ٻرڙي آيل مهمانن جي آجيان ڪرڻ کان پوءِ چيو ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙي سان منهنجي اڌ زندگي گذري آهي. هن قنبر سميت سڄي سنڌ ۾ شعور، علم ۽ ادب جا رابيل پوکيا جن سڄي سنڌ ۾ خوشبو ڪئي. ڊاڪٽر محبت سڀ کان پهرين گهر ۾ بغاوت ڪئي. هن گھر ۾ غير سائنسي نُڪتي نظر جي نشاندگي ڪئي. ان کان پوءِ هن ٻوليءَ کي سائنسي بنيادن تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن سياست ۾ پڻ اهي رخ ڏَسيا جن سان بهتري ڪري سگهجي ٿي. هن رڳو ڳالهه نه ڪئي پر لکت ڏني ته سياست، ادب، تحقيق، سماجي خدمت هن ريت هجڻ گھرجي. هو پورهيت عوام جي پاسي ڏي هليو ۽ ذاتي فائدي کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني. اهڙا ماڻهو ئي تبديلي آڻي سگهن ٿا.

    ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته ڊاڪٽر محبت جا انگريزي ۽ اردو مان ترجمو ڪيل ڪتاب ۽ مضمون ڇپيل آهن ۽ ڪجھ ترجمو ڪيل مواد اڃا ڇپجڻو آهي. اهي ٻن قسمن جي موضوعن تي شامل آهن، جن مان هڪڙا علمي ۽ تحقيقي آهن ۽ ٻيا سياسي ۽ سماجي موضوعن تي آهن. هن سياست، سماجيات، فلسفي، ادب جي موضوعن تي لکيو ۽ ترجمو ڪيو. ڊاڪٽر محبت جي مواد ۽ موضوع جي چونڊ وڏي ڪارج واري آهي. هن نج پڻي ۽ نئين لغت کي پڻ ترجيح ڏني آهي. هن جي محنت کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگهجي.

    نامياري ڪهاڻيڪار ممتاز لوهار چيو ته زندگي جي تتل رڻ ۾ ڪي ماڻهو بڙ جي ڇانوَ ٿين ٿا جن جي ڇانوَ ۾ اسان جهڙا ماڻهو ساهي پٽن ٿا. ڊاڪٽر محبت پڻ اهڙي وڻ مثل هو.

    خادم رند چيو ته ڊاڪٽر محبت جي موضوعن کي قيد نه ٿا ڪري سگهون. هن جا ٻوليءَ، سياست ۽ ٻين موضوعن تي لکيل ڪتاب تحقيقي نوعيت سان لکيل آهن. اسان جي ڊاڪٽر محبت جي وفات کان پوءِ ڪمٽمينٽ رهي آهي ته پنهنجي دوست ۽ استاد ڊاڪٽر محبت جا ڪتاب ڇپرائيندا رهون ٿا.

    رياضت ٻرڙي چيو ته ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي سنڌ ۾ تعليم، امن ۽ سهپ جي واڌاري لاءِ سائنسي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ اڪيڊمي علمي ۽ سائنسي موضوعن تي پروگرام ڪرائڻ سميت ڪتاب ۽ سائنسي رسالو ڇپرائيندي رهي آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر محبت جون ورسيون هر سال منعقد ڪندي رهي ٿي ۽ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف شخصيتن کي سندن مانَ ۽ مڃتا ۾ ايوارڊ ڏيندي رهي ٿي، جڏهن ته هر سال ڊاڪٽر محبت جا ڪتاب پڻ ڇپيندي رهي ٿي. هن سال ڇپيل ڪتاب ”محبت جا خط“ سندس زندگيءَ جي مختلف رخن کي ظاهر ڪن ٿا، جن ۾ 25 سالن جو عرصو سمايل آهي. اهي خط ذاتي، ادبي ۽ علمي نوعيت جا آهن.

    نائين ڪلاس جي مشعل سنڌو چيو ته چاچا ڊاڪٽر محبت علي کي مون ڏٺو ته ڪو نه، پر هن جون تمام گھڻيون ڳالهيون پنهنجي گهر ۾ پئي ٻڌيون آهن ۽ هن جا ڇپيل ڪتاب ڏٺا آهن، جن مان خاص ڪري چاچا محبت عليءَ جي ڪهاڻين جو ڪتاب ”يادون ۽ سڪون“ ۽ شاگردن لاءِ لکيل معلوماتي ڪتاب ”ڌرتي منهنجو گھر“ مون کي پسند آهن. چاچا محبت عليءَ جو ذڪر ايترو ته پيار ڀريو ۽ وڻندڙ هوندو آهي جو مان سوچيندي آهيان ته مون ڀلي جو کڻي چاچا محبت علي کي حياتيءَ ۾ نه ڏٺو، تڏهن به ڄڻ ته ڏٺو آهي.

    ورسي تقريب ۾ ممتاز لوهار ۽ اڪبر ٻرڙي ترنم سان شاهه سائينءَ جا بيت ۽ وائي ترنم سان ٻڌايا. ڪاروائي رضوان گل هلائي. هن ورسي تقريب ۾ لاڙڪاڻي ۽ قنبر شهدادڪوٽ ضلعن جي مختلف شهرن مان اديبن ۽ سڄاڻ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو