پريل عرف پرو چانڊيو جي بهادري کي سلام

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2016۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG] هڪ شارٽ اسٽوري

    پريل چانڊيو.

    جنهن کي پرو چانڊيو به چيو ويندو هو / آهي
    پريل عرف پرو چانڊيو جنهن کي فوجين 1983 ۾ مقابلو ڪري ماريو ، ان جي لاءَ مشهور هو ته غريبن جو هڏ ڏوکي هو ، هو وڏيرن جو پاليل نه هو پر وڏيرن جو دشمن هُيو ۽ وڏيرن وٽان ڌاڙا هڻي غريبن ۾ ورهائيندو هُو، پرو چانڊيو ڪيترن ئي غريبن ماڻهن جي نياڻين جي شادين لاءَ سمورو ڏاج جو سامان مدد طور ڏيندو هُو ۽ فوجي مارشلا ۾ هو فوجين خلاف به ڪاروايون ڪندو هُو .
    پريل کي حالتن ڌاڙيل ڪيو هو. وڏيرن جي ظلم ۽ ڏاڍ سبب هُن هٿيار کنيا. پر هُن مقامي ماڻهن ۽ غريبن کي ڪڏهن به تنگ نه ڪيو ۽ نه ئي وري عورتن سان بدسلوڪي ڪئي.
    هُن ڪيترائي معاملا نياڻين ميڙ تي ختم ڪيا. نياڻين کي ست قران جي حيثيت سمجهي هُن مخالفن کي، معاف به ڪيو.
    اُن دور ۾ پريل هڪ واردات پاٽ شريف مان نامياري ليکڪ نصير ميمڻ جي والد سائين محمد بخش ميمڻ کي اغوا واري ڪئي هُئي.
    اُن لاءِ به کيس خبر پئي هُئي ته سائين جي پُٽن مان ڪير رُڪڻ ٿاڻي تي اطلاع ڪري پوليس کي کيس جي رستن تان گُذرڻ جا اطلاع ٿو ڏئي. پر پوءِ وچ ۾ چئن چڱن جي پوڻ تي سائينءَ کي پريل ڇڏي ڏنو هو .
    پريل تر جي ڪنهن به ماڻهو سان بي واجبي نه ڪئي.
    جڏهن ته ايجنسين ماڇي چانڊيا تڪرار کڙو ڪرايو هو، ڇاڪاڻ ته خود آرمي ۽ رينجرس پريل کي ماري سگهڻ ۾ ناڪام ويون هُيون انهن چاهيو پئي ته ماڇين هٿان پريل کي مارائجي.
    ان حد تائين جو اُن قبائلي تڪرار ۾ هڪ پاسي مقامي وڏيرا، ماڇي، رينجرس، پوليس ۽ فوج هُئي ته ٻئي پاسي پريل ۽ اُن جا ساٿي هُئا.
    جڏهن ته اُن قبائلي تڪرار جي باهه ۾ پوءِ ته مقامي طور سمورا چانڊيا لهي پيا. اُن ۾ چانڊين جو نقصان ته ٿيو هو پر سڄو ايريا پاٽ کان وٺي ميهڙ تائين جا سمورا ڳوٺ جنگ جو ميدان بڻجي پيا هُئا.
    پريل سان نه رُڳو خوف سبب عام ماڻهو محبت ڪندو هو پر هُن جي سماجي ڪردار خاص طور غريبن جو لحاظ ڪرڻ ۽ عورتن جو احترام ڪرڻ سبب ماڻهو کيس روايتي ڌاڙيل تصور نه ڪندا هُئا. ٻيو ته هُو تمام گهڻو بهادر هو. اهڙا ماڻهو گهٽ ٿيندا آهن
    هاءِ اسڪول پاٽ ۾ پڙهندڙ شاگرد پاٽ شريف جي ٻاهران وهندڙيءَ وٽ فوج شاگردن کي روڪي پُڇندي هُئي ته “ آپ جانتي هين ڪي پري ڪهان رهتي هي” شاگردن کي اردو ته سمجهه ۾ نه ايندي هُئي پر کين چوندا هُئا ته اها ٻيلي ۾ رهندي آهي.
    ان حد تائين جو سڄي سرڪاري مشينري ڪچي جي بند کان هيٺ نه لهندي هُئي ۽ انهن جي دلين تي پريل جي خوف جو پاڇو پيل هو.
    پر جڏهن پريل کي مارڻ ۾ سڀ ناڪام ٿيا ته پريل جي ساٿين کي ئي استعمال ڪري سازش تحت پريل کي شاهه پنجو ۽ باليشاهه واري سعيدي موساڻي پاسي ويندڙ رستي تي ريلوي ڦاٽڪ وٽ مقابلي ۾ ماريو ويو.
    مارڻ کان پوءِ به سوين گاڏين ۾ چڙهيل ورديءَ وارا مري ويل پريل جي ويجهو وڃڻ لاءِ تيار نه هُئا.
    سندن دليون ايتريون ڪمزور هُيون جو هُنن کي خوف هو ته متان پريل جيئرو نه هُجي.
    ان دور جا پوليس آفيسر اڄ به پريل جي بهادريءَ تي کيس داد ڏيندا رهندا آهن.
     
    آخري ترميم: ‏3 آڪٽوبر 2016
    عرس پريو ۽ عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا ، سنڌ جي سورمي پريل چانڊيو جي زندگي بابت بهترين ڄاڻ مهيا ڪئي اٿو .
     
  3. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    قرب مرشد سائين
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    پريل چانڊيو جي هڪ يادگار تصوير
    [​IMG]
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين هئو ته ڌاڙيل ئي... الائي ڪيترا بيگناه ماڻهو به ماريا هوندائين.
     
  6. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    پر سائين مظلومن جو ساٿي هو
     
  7. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    ان تي ٿورو ورڪ ڪريو هو پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو هو سندس دوستن ئي غداري ڪري فاسايو هيو

    بيشڪ هڪ بهادر ماڻهو هيو ڪنهن غريب کي تنگ نه ڪيائين
     
  9. Bakhsh Jogi

    Bakhsh Jogi
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2016
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    يار پرو سنڌ لاءِ ڪيو ڇا جو کيس ياد ڪجي اسان کي هاڻي اهو ڪلچر ڇڏڻ گهرجي جنهن ۾ ڌاڙيل کي هيرو ڪري پيش ڪيو ويندو هجي.
    ڇا جو پرو چانڊيو يا محب شيدي اهي سڀ ڌاڙيلن جي اها ئي ڪڙي آهن جيڪي راجا ڏاهر جي دور کان وٺي سنڌ کي بدنام ڪيو اچن
     
    سجاد علي چنا هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو