1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

سنڌ لٽريچر فيسٽيول: ٻاٽَ ۾ لاٽَ

'پروگرام، ادبي ميڙاڪا ۽ دعوتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,497
    ورتل پسنديدگيون:
    26,976
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ لٽريچر فيسٽيول: ٻاٽَ ۾ لاٽَ

    انور ابڙو


    ايندڙ جمعي، 4 نومبر کان آچر، 6 نومبر 2016ع تائين ٽن ڏينهن وارو سنڌ جي تاريخ جو پهريون ”سنڌ ادبي ميلو“ جنهن کي انگريزيءَ ۾ ”سنڌ لٽريچر فيسٽيول“ چون ٿا، ڪراچي شهر جي هڪ هوٽل ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. هيءُ رڳو “ميلو“ ناهي، پر هيءُ سنڌي ماڻهن جي علمي، ادبي ۽ سماجي شعور جو هڪ وسيع ڪينواس وارو عڪس آهي، جيڪو؛ لڳ ڀڳ سڄيءَ سنڌ جا نئين توڙي پراڻي ٽهيءَ جا ليکڪ، شاعر ۽ علم سان چاهه رکندڙ ماڻهو پَسي سگهندا.
    هِن قسم جي ميلي منعقد ڪرڻ جي، گذريل ڪجهه سالن کان، سنڌ جا علم ۽ ادب سان واسطو رکندڙ دوست، شدت سان ضرورت محسوس ڪري رهيا هئا، ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪراچي شهر ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ”ڪراچي لٽريچر فيسٽيول“ منعقد ڪرڻ شروع ڪيو ته، اُن ۾ سنڌي اديبن جي محدود ترين شرڪت، سنڌ جي خاص طور نوجوانن اديبن کي اِهو احساس ڏياريو ته، ”هُو به ڪو اهڙو ميلو مچائي پنهنجن ليکڪن کي مانُ ڏيڻ سان گڏ سنڌي ادب جو دنيا سان هڪ نئون تعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن.“
    اهڙو ئي اظهار هِن ميلي جي آرگنائيزنگ ٽيم جي هڪ اهم ميمبر علي آڪاش هڪ ملاقات دوران ڪيو هو. جنهن وقت هُو پنهنجي هن اهم اجمتاعي ادبي سرگرميءَ بابت ڳالهائي رهيو هو ته، مون ڏٺو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان ميلي جي تيارين جي باوجود سندس اکين ۾ ٿَڪ نه، پر چمڪ هئي. ”مان هڪ ڏينهن ڪي ايل ايف ۾ ويو هئس، جتي مان ٻاهر، اڪيلو وڃي ويهي، پاڻ سان اِهو وچن ڪري آيو هوس ته، اسان اهڙو فيسٽيول منعقد ڪنداسين.“
    ڀل ته هيءُ ڪي ايل ايف جهڙو فيسٽيول نه به منعقد ٿئي، ڇاڪاڻ جو ڪي ايل ايف پٺيان هڪ ادارو (آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس) آهي، جيڪو عالمي سطح جوادارو آهي، ۽ جنهن جي لاءِ فنڊز ڪو مسئلو ئي نه آهن، ۽ نه ئي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديبن يا ٻين شعبن جي اهم شخصيتن کي سڏائڻ ان جي لاءِ ڪو مسئلو آهي، پر هيءُ سنڌ جي هٿين خالي نوجوانن جي، پاڻ سان ڪيل هڪ وعدي جي نڀاهه واري ڪوشش آهي.
    ان ئي ملاقات ۾ ميلي جي آرگنائيزنگ ٽيم جي هڪ ٻئي تمام گهڻي متحرڪ دوست بخشڻ مهراڻويءَ جا ٻڌايل تفصيل پڻ اها همٿ ڏيندڙ هئا ته، ”اسان جتي جتي ويا آهيون، اُتان اسان کي تمام گهڻو اتساهه ۽ مدد ملي آهي. اسان ڪراچي شهر ۾ سهڪار جي لاءِ اُهي فرد ۽ ادارا ڳوليا آهن، جيڪي سنڌي علمي ۽ ادبي سرگرمين جي مدد ته ڪرڻ چاهين ٿا، پر انهن تائين اسان جا ماڻهو پهتا ئي ناهن.“
    سو، سنڌ لٽريچر فيسٽيول، گذريل سال، حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل ”حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول“ جي توسيع آهي، جنهن ۾ خاص طور نوجوان اديبن، شاعرن ۽ محققن جو هڪ وڏو تعداد شرڪت ڪندو. هيءُ ميلو نئين دور سان سنڌ کي علمي ۽ ادبي حوالي سان، گڏ کڻي هلڻ جي هڪ انتهائي اهم ڪوشش آهي، جنهن جا ديرپا اثر ظاهر ٿيندا. هِن قسم جي سرگرمين سان، پنهنجي قوم جي خاص طور نئين نسل کي، پنهنجو هڪ رخ ملي ٿو، رهنمائي ملي ٿي ۽ اتساهه ملي ٿو، جيڪو کين اڃا وڌيڪ سٺو علمي ۽ ادبي ڪم ڪرڻ ڏانهن وٺي ويندو.
    اسان کي اميد آهي ته، هيءُ فيسٽيول روايتي ميلن کان مختلف هوندو ۽ هِن جي ٽنهي ڏينهن دوران اهم پروگرام منعقد ٿيندا، بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ ٻڌندڙن کي نوان خيال ٻڌڻ جي لاءِ ملندا. – لازمي طور اِهي خشڪ تقريبون نه هونديون. هِنن ٽنهي ڏينهن دوران، ميلي ۾ شريڪ اسانجا ڀائر ۽ ڀينرون ڀرپور طريقي سان لطف اندوز پڻ ٿيندا.
    اهو ممڪن آهي، ته هِن ميلي جي منتظمين کان لاشعوري طور ڪي غلطيون به ٿي وڃن، ڪِن اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ علمي ۽ ادبي ادارن ۽ تنظيمن تائين هُو نه به پهچي سگهن، تڏهن به هِن ميلي کي ”پنهنجو“ يعني own ڪرڻ کپي. هيءُ ته ادبي ڪاڄ آهي، پر اسان جي ڪاڄن ۾ ته اسان جا پنهنجا ويجها دوست به بنا سڏ جي هليا ايندا آهن، سو خاص طور ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سنڌي خاندانن کي هِن ميلي ۾ پنهنجن گهر ڀاتين (ٻارن) سميت شرڪت ڪرڻ گهرجي، ته جيئن سنڌ جي نئين نسل جي نيڻن اڳيان نين معنائن وارا اکر اچن، سندن ذهنن تي علمي ۽ ادبي گفتگو نقش ٿئي ۽ هُو پنهنجن ليکڪن جي نالن کي پنهنجي يادداشت جو حصو بڻائي، جڏهن وڏا ٿين ته، پنهنجي اولاد کي ٻڌائي سگهن ته،”جڏهن پهريون سنڌ ليٽريچر فيسٽيول منعقد ٿيو هو، تڏهن مان به بابا ۽ امان سان گڏجي اهو ڏسڻ ويو هوس.“
     
    منصور سرور ۽ خليق جمالي هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,497
    ورتل پسنديدگيون:
    26,976
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ لٽریچر فیسٽول 2016 جو مکمل شیڊول
    ----------------------------
    Program of Sindh Literature Festival - SLF
    Beach Luxury Hotel
    4, 5, 6 November 2016

    4th November
    Inauguration 3: 30 PM
    Inauguration by Abida Parveen
    Moderator: Dr Arfana Mallah, Bakhshan Mehranvi, Naseer Gopang
    Shah Jo Kalam: 4:00 PM
    SLF Song: 4:15
    Speeches: 4: 30
    Music: 7:00 PM
    Singer: Abida Parveen
    Music facilitation: Sounds of Kolachi

    5th November
    Session: Sindhi Language: Problems and Prospects by G A Allana
    Date: 5th November 2016
    Time: 12:00 PM
    Venue: Lawn
    Guests: GA Allana, Sasui Palijo, Shoukat Shoro, Mazharul Haq Siddique
    Moderator: Prof. Saleem Memon

    Session : Book Launch Mirwah Ki Ratain
    Date: 5th November 2016
    Time: 12: 00PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speaker: Rafaqat Hayat
    Moderator: Kashif Raza

    Session: Book Launch: 1. Hang Over
    2. The Power of Social Media and Policing Challenges
    Date: 5th November 2016
    Time: 12:35 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speaker: Fayaz Dahri, Javed Jiskani
    Moderator: Ali Zahid

    Session: Book Launch: Sindhhi Shagird Siyasat
    Date: 5th November 2016
    Time: 12:00 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speaker: Abdul Haee Palijo
    Moderator: Rizwan Gul

    Session: Book Launch: Drawar Dil Ji Tanhai by Ayaz Jani
    Date: 5th November 2016
    Time: 12:35 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Ali Mansoor, Ghous Pirzado, Amar Pirzado
    Moderator: Imtiaz Danish

    Session: Journalism: New trends
    Date: 5th November 2016
    Time: 1:15 PM
    Venue: Lawn
    Speaker: Wusatullah Khan
    Moderator: Yasir Qazi

    Session: Languages in a Globalizing World
    Date: 5th November 2016
    Time: 1:15 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speakers: Dr Fahimda Hussain, Dr Qasim Bughio, Dr Altaf Jokhio
    Moderator: Dr Ghafoor Memon

    Session: The economic Development in Sindh: Vision and Mystery
    Date: 5th November 2016
    Time: 1:15 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Fazlullah Qureshi, Kaiser Bengali, Nadeem Hussain
    Moderator: Prof. Aijaz Qureshi

    Session: Qualitative High Education and our Universities
    Date: 5th November 2016
    Time: 2:30 PM
    Venue: Lawn
    Speakers: Dr Muhammad Ali Shaikh, Parveen Shah
    Moderator: Dr Arfana Mallah

    Session: Literary and Intellectual tendencies of contemporary Sindhi literature
    Date: 5th November 2016
    Time: 2:30 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speaker: Jami Chandio
    Moderator: Mahmood Mughal

    Session: Impact of visual media on society
    Date: 5th November 2016
    Time: 2:30 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speaker: Sultana Siddiqui
    Moderator: Najia Mir

    Session: Development of Sindh in British Period
    Date: 5th November 2016
    Time: 3:45PM
    Venue: Lawn
    Speaker: Hamida Khuhro
    Moderator: Dr Ayoob Shaikh

    Session: Celebrating Poetry
    Date: 5th November 2016
    Time: 3. 45 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speaker: Khalid Ahmed
    Moderator: Bakhshan Mehranvi

    Session: Post partition criticism in Sindhi literature
    Date: 5th November 2016
    Time: 5:00 PM
    Venue: Lawn
    Speakers: Akbar Laghari, Khaleeque Bughio, Mubarak Ali Lashari
    Moderator: Mehran Memon

    Session: Sharing poetic experiences
    Date: 5th November 2016
    Time: 5:00 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speakers: Ayaz Gul Adal Soomro
    Moderator: Naseer Mirza

    Session: Adab Baraye Zindgi
    Date: 5th November 2016
    Time: 5:00 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Rahat Saeed Dr Badar Ujjan Kalpana Devi
    Moderator Dr Khadim Mangi

    Session: Dynamics of Regional Politics
    Date: 5th November 2016
    Time: 6:15 PM
    Venue: Lawn
    Speaker: Abdullah Hussain Haroon
    Moderator: Ali Rind

    Session: Feminist Literature in Sindh
    Date: 5th November 2016
    Time: 6: 15 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speakers: Amar Sindhu Attiya Daud
    Moderator: Hussain Mussarat

    Session: Mushaairo
    Date: 5th November 2016
    Time: 6:15 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Presided by Fahmida Riaz
    Chief Guest: Dr Aakash Ansari
    Moderator: Altaf Jatoi Amar Pirzado

    Music:
    Music Moderator: Maheen Hesbani
    Mai Dhai
    Rafiq Faqeer and Nazakat Sadiq Faqir
    Sounds of Kolachi
    Natasha Baig

    6th NOvember
    Session: Book Launch: Sukhan Ladhi Saar
    Date: 6th November2016
    Time: 12:00 PM
    Venue: Lawn
    Speaker: Justice Deedar Hussain Shah
    Moderator: Sajjad Suhag

    Session: Book Launch: Muhammad Ibrahin Joyo: Sindh jay Jadeed Shaoor jo Adeendar
    Date: 6th November2016
    Time: 12: 00PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speaker: Aijaz Qureshi
    Moderator: Dr Ahsan Danish

    Session: Book Launch Hasan Dars Jo Risalo
    Date: 6th November2016
    Time: 12:35
    Venue: Jasmine Hall
    Speakers: Taj Joyo Munir Shah
    Moderator: Riazat Buriro

    Session: Sindhi Electronic Media: Positives and Negatives
    Date: 6th November2016
    Time: 12:00 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Kareem Rajpar Gulam Nabi Morai Razaq Sarohi
    Moderator: Mustafa Jarwar

    Session: Science literature in Sindhi Language
    Date: 6th November2016
    Time: 1:15 PM
    Venue: Lawn
    Speakers: Dr Suleman Shaikh Prof. Abdul Shakoor Qazi
    Moderator: Waheeda Mahesar

    Session: Shaikh Ayaz: The Great Modern poet
    Date: 6th November 2016
    Time: 1:15 PM
    Venue: Jasmine
    Speaker: Aijaz Mangi
    Moderator: Dr Fayaz Latif

    Session: Archaeological importance of Karachi
    Date: 6th November 2016
    Time: 1:15 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Kaleem Lashari Gul Hassan Kalmati
    Moderator: Akhtar Baloch

    Session: World view of Modern Creative Literature
    Date: 6th November 2016
    Time: 2:30 PM
    Venue: Lawn
    Speaker: Mohammad Hanif
    Moderator: Gobind Meghwar

    Session: Peace and tolerance in Sindh: A Changing Scenario
    Date: 6th November 2016
    Time: 2:30 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speaker: Mazhar Laghari
    Moderator: Naz Sahito

    Session: Meet A Literary Family
    Date: 6th November 2016
    Time: 2:30 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Ishtiaq Ansari Akhlaq Ansari Ashaq Ansari
    Moderator: Shabnam Gul

    Session: Literary Institutions: Issues and Solutions
    Date: 6th November 2016
    Time: 3:45PM
    Venue: Lawn
    Speakers: Sardar Shah Inam Shaikh
    Moderator: Ishaq Samejo

    Session: Existentialism in Sindhi Short Story
    Date: 6th November 2016
    Time: 3. 45 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speaker: Noor Ul Huda Shah
    Moderator: Zaib Sindhi

    Session: Modern Trends in Music
    Date: 6th November 2016
    Time: 4: 20 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speakers: Saif Samejo Ahsan Bari
    Moderator:

    Session: the role of Language Engineering in Society
    Date: 6th November 2016
    Time: 3. 45 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Amar Fayaz Shabir Kunbhar Suleman Wasan
    Moderator: Dr Hafeez Laghari

    Session: Short Story reading
    Date: 6th November 2016
    Time: 5:00 PM
    Venue: Lawn
    Speaker: Amar Jalil
    Moderator: Asghar Soomro

    Session: Thar Desert: alarming environmental situation
    Date: 6th November 2016
    Time: 5:00 PM
    Venue: Jasmine Hall
    Speakers: Suhail Sangi Arbab Naik Muhammad Khalil Kunbhar
    Moderator: Dr Subhash Babu

    Session: Modern trends in Sindhi short story
    Date: 6th November2016
    Time: 5:00 PM
    Venue: Aquarius Hall
    Speakers: Rasool Bux Dars, Munawar Siraj Rasool Memon
    Moderator: Manzoor Kohyar

    Session: Socio-political Change in Sindh: Dilemmas and possibilities
    Date: 6th November2016
    Time: 6:15 PM
    Venue: Lawn, Beach Luxury Hotel Karachi
    Speaker: Ali Qazi
    Moderator: Mushtaq Rajpar

    Session: Print Media in modern age
    Date: 6th November2016
    Time: 6: 15 PM
    Venue: Jasmine Hall, Beach Luxury Hotel Karachi
    Speakers: Niaz Panhwar Farooq Soomro Dr Jabbar Khattak
    Moderator: Nisar Khokhar

    Session: Mushaairo
    Date: 6th November2016
    Time: 6:15 PM
    Venue: Aquarius Hall, Beach Luxury Hotel Karachi
    Presided by Imdad Hussaini
    Chief Guest: Sarmad Chandio
    Moderated by Masroor Pirzado Imtiaz Danish

    Music:
    Music moderator: Yasir Qazi
    The Sketches
    Bedil Masroor
    Shehla Gul
    Shakoor Faqir Khamach Player
    Zulfiqar Faqir Bonnendo player
     
    محمد سليم جوۡکيو ۽ منصور سرور هيء پسند ڪيو آهي
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,497
    ورتل پسنديدگيون:
    26,976
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ لٽريچر فيسٽيول : ڪراچيءَ جي وارثيءَ ڏانهن هڪ وِک

    محمد سليمان وساڻ


    ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا ....

    سڀني اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ممڪن ڪونهي ....
    ڪجهه ماڻهو تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪي صلاحون ڏئي رهيا آهن، ڪي اسان جهڙا دوستن جي محنتن تي کين داد ڏئي رهيا آهن.
    مان ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ گذريل ٽن سالن کان لاڳيتو شريڪ ٿيندو رهيس پر سنڌي پروگرام نه هجڻ تي مايوسي ٿيندي هئي، جيتوڻيڪ ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ وڏو تعداد سنڌي ليکڪن ۽ نوجوانن ۽ فيمليز جو هوندو آهي. ٻيو ته ٺهيو هڪ به سنڌي اسٽال ڪونه هوندو هو.
    اسان ڪراچي جي ٺلهي ۽ اجائي مالڪي جي دعوا ڪندا آهيون پر جڏهن به آرٽس ڪائونسل، نيشنل ميوزيم يا ٻين جاين تي سنڌي پروگرام ٿيندا آهن ڪوشش ڪندا آهيون ته حاضري ڀري پروگرام ڪامياب ڪجي. کوڙ دوست ڪم ڪندا آهن، هن ئي سال سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ٽن ڏينهن واري ٻولي ڪانفرنس ۽ هاڻي هي سنڌ لٽريچر فيسٽيول جو ٽن ڏينهن جو ميلو سچ پچ ته اسان سنڌين لاءِ خوشين ڀريو ڏڻ آهي.
    اسان جي نوجوان دوستن وڏي محنت ڪئي آهي ۽ ڪيترائي علمي، ادبي، ثقافتي، ٻولي جي افاديت بابت، موسيقي بابت ۽ ٻين سرگرمين جا سيشن شامل آهن.
    گهٽتايون رهجي وڃن ٿيون، ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي واڻي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻڄاڻائي ۾ شيون رهجي به وينديون آهن پر ڪجهه دوستن جا ناڪاري رايا، مايوس اسٽيٽس يا ايونٽ کان لاتعلقي سچ پچ ڏکائي ٿي.
    اسان سڀني کي اختلاف هوندي به سنڌين جي هن ڪاڄ کي قومي ڪاڄ سمجهي ڪامياب ڪرڻ گهرجي. هيترا اديب، انٽيلڪچوئل، شاعر، ليکڪ، ڏاها، نوجوان ۽ راڳي پنهنجا رايا ڏيندا، ڳالهيون ٿينديون، ڪچهريون ٿينديون، سور سڻائبا، کلبو، روئبو، ڏوراپا ڏبا، ڪي ڪاميابيون ملنديون، ڪجهه ڪاميابين جا ذڪر ٿيندا، ڪجهه ناڪامين جون ڳالهيون ٿيون ۽ اونداهي مان نڪرڻ لاءِ راهون ڳولبيون.
    سنڌي ادبي سنگت هجي يا سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن يا ٻيون تنظيمون يا ڪراچي جي وارثيءَ جا دعويدار .... يار اوهان کي عرض آ ته ڏک سور پاسي تي رکي اچو سڀ شامل ٿيو ۽ سنڌ لٽريچر فيسٽيول کي ڪامياب ڪيو.
     
    منصور سرور هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاه محمد سڌايو

    شاه محمد سڌايو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 اپريل 2016
    تحريرون:
    85
    ورتل پسنديدگيون:
    100
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    83
    جي جي کي جيارين... لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي
    ادا سائين تمام ڀلو ڪم ( وڏو ڪم نه چيم ،ڇو ته وڏا ڪم اڃا ٻيا ڪرڻاآهن ) اسان جو هر قسم جو اوهان سان ساٿ آهي ،ڪا ضرورت پوي ته والنٽيئر ٿي اوهان سان هر موقعي تي ڪم ڪرڻ لا حاضر آهيون .اهڙا ميلا مچائيندا رهو ،سنڌ جاڳي پوندي. انشاالله
     
    منصور سرور هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,232
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين ڪوشش آهي سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو