جواب ۾ هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي صرف سنڌ جي بقاءَ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو.

'مختلف موضوع' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 نومبر 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    https://scontent-sit4-1.xx.fbcdn.ne...=4e0ed3c428f74fce56bfc0f215a16d00&oe=58C154F5
    جواب ۾ هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو هاڻ سوال آهي صرف سنڌ جي بقاءَ جو، نه تُنهنجو، نه مُنهنجو.
    ڪو شق ناهي جيڪي ڳالهيون توهان لکيون آهن سچائيءَ سان، ۽ جن بابت به لکيو آهي، اُنهن جون ڪوششون به سچائيءَ سان ڀريل آهن. پر مڃجي يا نه سچ جي تڪميل صرف عمل سان ممڪن آهي، ۽ عمل ڪرڻ لاءِ اختيار هُئڻ گهرجي ۽ اختيار نه هُجي ته اختيار وارن سان ملي عمل ڪرائڻو پوي ٿو، جي ٽارگٽ عمل آهي ۽ پنهنجي ذات جي هاڪار ڪرائڻ ناهي ته. ثابت ٿيو ته ڌرن ۽ احتجاجن، سان ۽ نه قلم سان عمل ڪرائڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو، جي تعداد لوڻ برابر هُجي ۽ جي عمل ڪرائڻ وارا به مختلف ڌڙن ۾ هُجن، ٻيو ان ڪري به ته ، ماڻهن جي برين واش ٿيڻ ۾ ۽ کين بشمول ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ به وره لڳن ٿا ، اهي اهي عمل جوڳا ڪم (سوشل ميڊيا) جي وسيلي به نٿا ڪرائي سگهجن ماسواءِ ان جي ته ڪنهن بهترين ليک، يا ماڻهن جي سوچ تحت لکت تي ڪو ڌڙو واه واه ڪري ۽ ڪي ته ايترا ڪري پون جو مُخالف لاءَ بدتميزي ۽ گارگند تي لهي ٿا اچن.
    هن وقت سنڌ جو وڏي ۾ وڏو اهم مسئلو ۽ غربت يا ناپائدار سهولتن کان وڌ صرف هڪ آهي ته ڪيئن “سنڌي ماڻهن کي اڪليت ۾ آڻجي“ پوءِ پاڻ اڪثريت بڻجي “سنڌ جو مُڪمل ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ رکجي“ ۽ ان ڪم لاِ هُنن پاڻ نه صرف “پاڪستان جي ٻين صوبن“ مان پر“بارڊرز تي سهولتون ڏئي سنڌ ۾ پناهگير آندا اهن. جنهن جا مثال (بنگالين، برمين، نيپالين، انڊين، سائوٿ افريڪن، ٿائلنڊ) وسيلي، انڊين، بنگالين ۽ بهارين کي سنڌ ۾ آني نه صرف (اورنگي، ڪورنگي، لانچي، ملير وغيره) ۾ سهولتون ڏئي وسايو آهي، پر کين ڪراچيءَ جي بلڊر مافيا يا پرائيويٽ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي مافيا ۽ ٽي وي چئنل مافيا ۽ مارڪيٽ بزنيس ڪميونٽيءَ جنهن ۾ (ميمڻ، کوجا، بوهري وغيره) اچن ٿا جي مدد سانيا ته “کين ڊيڄاري مجبور ڪري ، يا بليڪ ميل ڪري“ يا سندن ئي خوشيءَ سان کين (مُهاجر رنگ ڏئي) وسايو آهي، ۽ بورڊ آفيسز، اسڪول مئنيجمينٽ، راشي ڪامورا شاهيءَ جي مدد سان “ڪي.ايم.سي يا ڊي.ايم، سي) مان ڪوڙا “برٿ سرٽيفڪيٽ، تعليمي سندون، ڪمپيوٽي ۽ اليڪٽرانڪ، موبائل مارڪيٽن ۽ مالز ۾ نوڪريون“ ڏئي ۽ ڪوڙا شناختي ڪارڊ، پاسپورٽ ڏئي پاڪستان ۽ سنڌ جو شهري ڊوميسائل هولڊرڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي آهي.
    ۽ سنڌ جا مڙئي دشمن ٻيا غير مُلڪي ۽ غير قانوني پناهگير آندا آهن جيڪي، سنڌ تي قبضو ڪري، سنڌ جا وسائل هٿيائڻ چاهين ٿا، ۽ سنڌي ماڻهن کي پاڻ ۾ وڻ وڻ ٿيڻ ۽ اُلجهڻ جو فائدو وٺي ۽ سنڌ ۾ ويڇا وجهڻ لاءِ پنهنجا (لانچڊ پوليٽيشن) متحده ۽ پي.ٽي.آِ جي رُوپ ۾ پاليا آهن، جنهن سان، جنهن وقت هو چاهين، سنڌين کي هڪ ٻئي سان وڙهائي سنڌي تي قبضو ڪري سگهن.
    ته سنڌين کي پنهنجا سڀ ٻيا مسئلا وساري سڀ کان پهرين هن اهم مسئلي تي ڏسڻ گهرجي ۽ جو هو ڪُجه عرصي ۾ ئي سنڌ ۾ ، موالي ۽ (نادرشاهي ڀوتارن) جي مدد سان (اڪليت) بڻجڻ وارا آهن ۽ سنڌين جو ان ترجيحي مسئلي تي خيال ڇو نٿو وڃي؟پوءِ اهڙن جي ڪري جي ڪو مسئلو حل ڪرڻ به چاهي ٿو ته چڙي پوي ٿو ۽ ٿيندڙ ڪمن کي به بريڪ لڳي وڃي ٿي.
    ٽي ڳاله ته واديءَ مهراڻ جي 28 عجمي ڪاهون ڪندڙن، پنهنجي هر قسم جي ڏاڍ، جبر، ۽ خاص طور موالي ڪلچر ۽ ان (موالي ڪلچر سان ملي پروان چڙهندڙ صوفي ازم) جن، ڌوم ڌڙڪا، محفلون ۽ ناچ گانا، ڀير تي ڏونڪا هڻائي سنڌي ماڻهونءَ کي (نادرشاهي ڀوتارن) جو غلام ابن غلام بڻائي رکڻ سان ،سنڌي ماڻهن کي سُتيءَ ۾ ئي (ونگار سسٽم) تحت ، مُفت خورو ۽ بنگ، چرس ٺري معرفت سسُست ڪاهل، ڪم چور ڪري پنهنجو غلام بڻايو آهي، جيڪي پيرن تي سجدو ڪري، ڪري پنهنجي اهميت ئي وڃائي ويٺا آهن.
    جيئن اڀياس ڪرڻ مان خبر پوي ٿي ته جي واقعي سنڌ جا مسئلا حل ڪرائڻا، آهن ته اُن لاءِ با اختيار بڻجڻ لازمي آهي ۽ با اختيار بڻجڻ جا به ٻه طريقا آهن، عوام کي قائل ڪري صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجڻ، پهريون مرحلو ۽ پوءِ اڪثريت کڻي حڪومت ۾ ڪرڻ ٻيو مرحلو. اهو ته هرڪو پڙهو ڏئي چئي ٿو ته فلاڻون پنهنجي علائقي ۾ ڪم ڪرائي ٿو پر مُنهنٿو ڪرائي ۽ نتيجن ٻيو ڪو وس نه ڏسي، ڪامورن طرفان ڪيل رشوت خوري ۽ ڪرپشن به سندس ڳچيءَ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجو پورو وقت ضايع ڪري ٿو. ٻيو طريقو اهي ته ، جي واقعي سچو سنڌ گهُريو آهي ۽ واقعي پنهنجي علائقي جو ڪم ڪرائڻ چاهي ٿو ته هُن کي به با اختيار بڻڻو آهي، ڀلي هو جنهن پليٽ فارم تان ووٽ کڻي ايو آهي ته هُن کي اختيار وارن سان مرج ٿي يا پنهنجي علحده حيثيت سان ملي ڪم ڪرڻو پوندو. ان سان پوري سنڌ هڪ واحد هار ۾ پوئجي ويندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو