پروانو ڀٽي : هن مقصد جي معراج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو !؟

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ناليواري اديب، شاعر ، ڪمپيئر، اداڪار ، صداڪار ۽ جهوني صحافي پروانو ڀٽي جي مرتيي تي

    هن مقصد جي معراج ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪيو !؟

    اعظم ڀٽي


    هاڻي اک جي اهڙي ڪا به چاٻي ناهي رهي جيڪا هن جي دل جو تالو کولي سگهي ، هو جيڪو سدائين لُڙڪن جي سنگهرن ۾ سوگهو ٿيل هو ، درد جي سفر جو راهي هو ، سندس دل عشق جي جام جا ڪيترائي مَٽ خالي ڪري ڇڏيا ، سندس دل سدائين مست و مُدام رهي ، هن سدائين محبت جا احرام ٻَڌا هئا، ان ئي احرام ته هن جا آرام به وڃائي ڇڏيا هئا، جڏهن بازارِ جهان ۾ سڀ ڪجهه وڪرو ٿي رهيو هو ته هن پنهنجي آزاديءَ جو احساس بچائي رکيو هو ، اهو جيڪو شعلو سندس دل ۾ مچيل هو، اهو شعلو ئي هر دل ۾ مچائڻ جي تمنا کڻي ويڻ ٻڌڻ کان اڳ نيڻ ٻُوٽي هليو ويو، سنڌي ٻولي جي ڪُک ۾ پنهنجو نالو ادبي لاٽ جيان زنده رکي ، سنڌي ٻولي جو ناليوارو اديب، شاعر ، ڪمپيئر، اداڪار ، صداڪار ۽ جهونو صحافي پروانو ڀٽي 82 سالن جي ڄمار ۾ گهڻو عرصو علالت ۾ رهڻ بعد حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو ، پروانو ڀٽي ، شُگر ، بلڊ پريشر ۽ دماغي ٽيومر سبب ڪيتري ئي عرصي کان حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل هو جتي هن پهرين ڊسمبر 2016ع جي سرد صبح جو ساهه جون گرم هڏڪيون ڀري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سندس زندگيءَ جو ڏيئو گُل ٿي ويو ، پروانو ڀٽي 16 فيبروري 1934ع ۾ دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پيارو آرائين ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو ميوو خان ڀٽي هو ، سندس والد جو نالوگل محمد خان ڀٽي هو جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو. پرواني ڀٽي جو خاندان سندس والد جي بدلي سبب 1950ع ۾ لڏي اچي ٽنڊو محمد خان شهر کي پنهنجو مسڪن بنايو هو. ٻالڪپڻ کان لکڻ پڙهڻ جي چاهه منجهس لاتعداد صلاحيتون پيدا ڪيون. 1947ع کان صحافت جي شروعات ڪيائين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ عبرت جو نمائندو مقرر ٿيو ، 1950ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي باقاعده ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. گيت، غزل ، نظم ۽ لاتعداد قطعه لکي پنهنجي حيثيت مڃرايائين، 1954ع کان هفتيوار عبرت ۾ سندس قطعه ڇپجڻ لڳا. ان وقت اردو زبان جو بهترين شاعر رئيس امروهي ”جنگ“ اخبار ۾ قطعه لکندو هو، جيڪو پڻ پرواني ڀٽي جي قطعن جي تعريف ڪندو هو، جنهن بعد هلال پاڪستان ۽ آفتاب اخبار ۾ به سندس قطعه شايع ٿيا. شاعري ۾ سندس استاد غلام محمد گرامي ۽ شيخ ابراهيم خليل هئا . پروانو ڀٽي 1957ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ لڳو پر ادب سان دلي لڳاءَ کيس نوڪري طرف مائل نه ڪري سگهيو ۽ هڪ سال بعد نوڪري ڇڏي وري اچي ادبي دنيا وسايائين . هو هڪ ڀلوڙ شاعر ، اديب ، صحافي ، ليکڪ ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏ بهترين اداڪار، صداڪار پڻ رهيو. 1953ع ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ” مجرم ڪون“ نالي سان ٿيل اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري کانپوءِ شوبز جي دنيا سان به واڳيل رهيو. 1963ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. 1970ع ۾ اي ڪيو پيرزاده جي سنڌي فلم ” محبوب مٺا “ ۾ سنڌي وڏيري جو ڪردار نڀايائين . ان بعد ” مارو “ ۽ ” مومل راڻو “ فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريائين جيڪي فلمون رليز ٿيڻ کان پهرين اڌ ۾ رهجي ويون . پرواني ڀٽي جو پنهنجو ته ڪو ڪتاب نه ڇپجي سگهيو پر هن ٻه ڪتاب ترتيب ڏنا ، جيڪي 1968ع ۾ شايع ٿيا ، جن جا نالا ” ٽڙندڙ مُکڙيون ۽ ”سرهاڻ“ آهن. سياسي ، سماجي ، علمي، ادبي ۽ ثقافتي محفلن ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ جا بهترين فرائض سرانجام ڏنائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي قيام کان وٺي ان سان لاڳاپيل رهيو. حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد ، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان ، سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڪيترن ئي ادارن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪيترائي ڀيرا اليڪشن ڪميٽين جو سربراهه ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو.سياسي ، سماجي ، علمي ،ادبي ۽ ثقافتي ادارن پاران کيس لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا . پرواني ڀٽي کي ٽن پُٽن ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو ، سندس پُٽن ۾ انعام ڀٽي ، گل محمد ڀٽي ۽ اسد ڀٽي شامل آهن ، جن مان سندس وڏي نياڻي وفات ڪري وئي ۽ سندس هڪ پُٽ گل محمد ڀٽي ، 2003ع ۾ شهيد ٿي ويو هو، پرواني ڀٽي کي ڪالهه مغرب کان پوءِ ٽنڊو محمد خان جي پير شارفو قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو ، جتي هن پنهنجي شهيد پُٽ سان محبت جي محفل وڃي رچائي . پروانو ڀٽي صحافت ۽ ادب جي تاريخ جو املهه حصو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن ذهين مقرر ، اديب ، دانشور ، نقاد ، شاعر ، لطيف جي عاشق ۽ بهترين ڪمپيئر پنهنجي سموري زندگي مفلسي ۾ گذاري ڇڏي پر ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو جهول نه جهلي بيٺو، ان جي باوجود پروانو ڀٽي سنڌ جي هر ماڻهو لاءِ نيڪ خواهشن جو تمنائي رهيو. جيتوڻيڪ هن کان زندگيءَ ۽ وقت گهڻو ئي کسيو ، پر پوءِ به هو هڪ بهادر انسان واري زندگي گذاري ويو. هن پنهنجي سخنوريءَ کي سڄي عمر ارپي ڇڏي. هو سڄي عمر شاعريءَ جي معرفت سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو ، پر سندس قلم ۽ زبان ڪڏهن به ماٺ جو روز نه رکيو هو. هن جيڪو به سنڌ کي هڪ شاعر ۽ هڪ استاد جي ناتي ڏنو ، اهو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ فرض سمجهي ڏنو ، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي زندگيءَ جي هن پوئين پهر تائين به فقط ڏنو آهي، پنهنجو خواهشون، پنهنجا آدرش، پنهنجي جواني ۽ تمام اهم ڳالهه ته پنهنجي رت مان جڙندڙ اولاد به سنڌ کي ڏنو ، پر هن سٻاجهي شخص ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي ، جڏهن ته سندس همعصرن ۽ همسفرن سنڌکي ايترو ڏنو نه آهي جيترو انهن مختلف حوالن ۾ سنڌ جي نالي ۾ حاصل ڪيو. پرواني ڀٽيءَ زندگي جي سفر ۾ اڳتي وڌندي سنڌي ادب کي جيڪي به چار چنڊ لڳايا ۽ سنڌ ۾ جيڪا پنهنجي علم، ادب ۽ شاعريءَ وسيلي خوشبوءَ پکيڙي ان جي پنهنجي هڪ الڳ سڳنڌ آهي، جيڪا قام ۽ دائم رهڻي آهي . جيڪا ڪڏهن به ماٺي ناهي ٿيڻي . هن ڪٿي نوڪريون ڪيون ۽ ڪهڙيون نوڪريون ڪيون اهو سڀ ڪجهه هن جي ادبي زندگيءَ کان ٻاهر جو موضوع آهي، پر پروانو ڀٽي پنهنجي قلم جي آبرو سان گڏ پنهنجي شخصي آبرو به برقرار رکي ويو، گذريل اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو پنهنجوگهر ٻاري سنڌي علم ادب جي خدمت ڪئي پر ڪڏهن به پنهنجو ضمير نه وڪيو . 66 سالن کان شاهه لطيف جي شاعري کي پنهنجو نصب العين سمجهي اپنايو ۽ شاهه لطيف کي ئي هو پنهنجي سڃاڻپ سمجهندو رهيو، هن چڱن ڀلن ماڻهن کي بازار ۾ وڪامجندي ڏٺو جيڪي پنهنجو اگهه مقرر ڪري اچي بازار ۾ بيهي رهيا پر ڌرتيءَ جو هي حلالي فرزند وڪامڻ واري طعني لاءِ سڄي ڄمار پنج ئي آڱريون کولي بيٺو رهيو ، نه جهڪيو نه وڪاميو . اردو ادب ۾ رئيس امروهي پنج هزار قطعا لکي مڪمل ڪيا ته کيس وڏي شان ۽ مانُ سان سونو تاج پهرايو ويو ۽ وڏن اعزازن سان نوازيو ويو پر پرواني ڀٽي کي پنج هزار قطعا لکڻ تي نوڪري مان خارج ڪيو ويو. هن جي ذهن ته سدائين وساڻل چارغ ٻاريا هئا، هن ته سينن جا داغ به ته ٻاري ڇڏيا هئا ، سندس حياتي به ته سفر در سفر گذري وئي ، حياتيءُ ۾ ته هو پنهنجو گهر به نه ٺاهي سگهيو ، اها وڏي وِٿ هئي ته جيڪي کيس شاعر نه سمجهندا هئا سي به ته لِڪي لِڪي سندس شعر جُهونگاريندا هئا ، هو پنهنجن لفظن ۾ سدائين ان ڳالهه جو ڏک ڪندو رهيو ته ؛
    سموري زندگي منهنجي ، گُذر ٿي حادثن ۾ وئي،
    ڪيم جا شاعري تو لئه سا گُم ٿي ڪاغذن ۾ وئي،
    ڪتابِ زندگي جا ورق، ويٺو هاڻي اُٿلايان،
    ڪمائي هيتري ساري، سا ڪهڙن سلسلن ۾ وئي .
    ( پروانو ڀٽي )

    يارن سان ياريون نڀائڻ جا به هن عجيب رنگ پسيا هئا ، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهڙا يار پُڪاريان ؟ ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کي مارڻو ٿو پوي ، ٿڌڙا ساهه به سندس اندر جا ڌڪ ٺارڻ جو بهانو بڻيل هئا .

    ڪهڙا يار پُڪاريان ويٺو،
    پنهنجو پاڻ کي ماريان ويٺو،
    ٿڌڙا ٿڌڙا ساهه نه ڄاڻج،
    ڌڪ اندر جا ٺاريان ويٺو. ( پروانو ڀٽي )

    ان جي باوجود به سندس من جي مندر ۾ اُداسي جو ڪو به گهنڊ وڄندي نظر نه آيو، هو مايوس نه ٿيو ، سندس حوصلا هميشه هماليه جيان بُلند رهيا ، جيئن سندس هن شعر ۾ اظهار ٿيل آهي ؛

    جيڪي منزل جي لگن ۾ پيا وڃن ،
    تن جي قدمن کي ڀلا روڪيندو ڪير ؟
    جن جي سينن ۾ سوين طوفان لِڪل ،
    تن جوانن کي ڀلا ٽوڪيندو ڪير ؟ ( پروانو ڀٽي )

    عمر جي آخري حصي ۾ به سندس زباني شعر ٻُڌبو هو ته رت تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳي ويندو هو. روح گرمائجي ويندا هئا ، پرواني ڀٽي جا ٻه ترتيب ڏنل ڪتاب 1968ع ۾ شايع ٿيل آهن جن جا نالا “ٽڙندڙ مکڙيون” ۽ “سرهاڻ” آهن، جن هڪ ڀيرو ٻيهر ڇپائڻ جي شديد ضرورت آهي ، پرواني ڀٽي جي شاعريءَ توڙي نثر جي ڪتابن ، سندس سموري زندگيءَ جو ڪيل ادبي پورهيو سنڌ جو تاريخي ورثو آهي. سنڌ جي هن ٻاجهاري شخص ۽ ارڏي شاعر جي ڪيل ادبي پورهئي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اهل علم ماڻهن کي هڪ وڏي وِک کڻڻي پوندي ، جيڪا وِک هن کاهوڙي انسان جي رُوح کي تسڪين مهيا ڪري سگهي !!
    هي منهنجي خُدا جو ڪرم ٿيو ، ٽي چار ڪليون رهجي به ويون ،
    نه ته تنهنجي هٿن هن گلشن کي تاراج ڪرڻ لئي ڇا نه ڪيو.
    سڀ سُور سختيون ظلم سَٺا ، پر ڪڏهن زبان سان اُف نه ڪئي ،
    هن دور جي انسان مقصد جي معراج ڪرڻ لئي ڇا نه ڪيو . ( پروانو ڀٽي )


    اعظم ڀٽي _ پير محلا ٽنڊو محمد خان
    azam772003@yahoo.com
    03332807110
     
    سنڌي ادبي سنگت هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو