1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏12 ڊسمبر 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ (آرگنائزر) سنڌي ميڊيا (ساليوُوڊ)
    جي توهان هن اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي حفاظت ڪري سگهيئو ته ٻولي جي حفاظت به ڪري سگهندئو!
    جي واقعي سنڌيت جا دعويدار ۽ سنڌي ٻوليءَ جا حُبدار آهيو ته پهرئين پنهنجي تبديل ڪيل اصلي سنڌي پٽي (تختي) جي ترتيب ته اپنايو ۽ انهن گُهوسڙو ماسترن ۽ ڪمائو پبلشرن تي زور ڀريو ته سنڌي پٽي (تختي) هن ريت جيڪا اصلي آهي پڙهائين، لکائين ۽ پرائمري ٻارن کي رٽائين. جي توهان هي پهريون مرحلو صحيح ڪرائي ويا ته سمجهبو ته واقعي توهان اصلي سنڌي ٻوليءَ جا پاسبان آهيو ۽ تهذيب، ڪلچر ۽ تمدن جي پاسباني به ڪري سگهو ٿا نه ڪه ڍول تاشن ۽ شرنائين تي رُڳو نچڻ ۽ ڪُڏڻ وارا مڱڻهار.
    هي سنڌي اصلي پٽي(تختي) جيڪي ڀوتارن جي درباري ليکڪن ، اديبن ، شاعرن، قلم ڪارن هر محفل جي آخر ۾ ڀوتارن جي پُڇ ۾ لٽڪي، اوطاقن ۽ اوتارن تي ويهي سُلفين جي سُوٽن، ٺَرن جي ڍُڪن ۽ ڀَنگ جي نشن ۾ جهومي هوش وڃائي بدلائي ڇڏي آهي. گواه بڻجو ته اهڙا ليکڪ ، اديب، ڏاها ، شاعر اوهان هر محفل جي اختطام تي ضرور جهومندي ڏٺا هوندا ته سُڃاڻو اهڙن ٻولي جي دُشمنن کي جيڪي گهر ۾ کاٽ پيا هڻن ۽ باغي ٿيو اهڙي ڪوڙي سماج کان جيڪو اصل دُشمن آهي ٻولي، تهذيب ۽ تمدن جو ۽ گهر ۾ ئي پلجي پيو ڀوتارن جي ڪڇن ۾ ويهي.
    هر سال ڪلچر ڏهاڙن تي ، قومي ٻوليءَ جي حفاطت ۽ ڏهاڙي تي الاهين (گهڻن) دوستن ٻوليءَ سان وفا جو قسم کنيو هوندو ۽ هو واقعي مُسلسل قومي ٻوليءَ جا بينر، پينا فيڪس وغيره به خوبصورت اندازن ۾ پکيڙي رهيا آهن. پر غلط آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ انتشار ان ڪري به پئجي ويو آهي جو ٻوليءَ ۾ ٻيا به گهڻا ڌاريان اسڪرپٽ وُجود ۾ آندا پيا وڃن جڏنهن ته هن ٻوليءَ جي سنڌي اوريجنل سنڌي اسڪرپٽ جيڪو هتي ڏيکاريو ويو آهي کي انتهائي سائنسي طريقي سان ڊزائين ڪيو ويو هو جنهن کان بهتر سنڌي ٻوليءَ جي انگن اکرن کي پيش ڪرڻ جي ٻي ڪا به بهترين ترتيب نٿي ٿي سگهي.
    ٻوليءَ سان حقيقي مُحبت ڪندڙن کي عرض ته ڀلي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريان لفظ وجهي هُن جا ٻيا اسڪرپٽ ڀلي ٺاهيو پر هن تختي جي پنهنجي اصلي ترتيب هرگز نظر انداز نه ڪيو ۽ نه بدليو. جي توهان هن معمولي ترتيب کي نظر به بي ڌياني ۾ انداز ڪندا ويندا ته اڳتي هلي ٻوليءَ جي حفاظت خاڪ ڪري سگهندئو. اچو ته ڏسون ته جنهن مُحترم انگريز صاحب هن عربي رسم الخط ۾ سنڌي الفا بيٽ لکي هُئي اُن ۾ هُن ڪهڙيون جاميٽريءِ جو رمضون استعمال ڪيو هُيون. جيڪي جُذ هُن استعمال ڪيا اُنهن جي ترتيب ٽٻڪن، ٿالهين، ڪنڊن اُڀي، ترکي، سڌي لائينن سان ترتيب ڏني. شڪل مان واضح آهي.
    ا (الف انب) پهرئين عمودي لائين، پوءِ هڪ ٿالهي وڇائي ان جي هيٺان ٽٻڪن جي ترتيب جهڙوڪ (ب) بي بلان ، (ٻ) ٻي ٻڪري ٻه ٽٻڪا، (پ) پي پلو ، ٽي ٽُٻڪا ۽ (ڀ) ڀي ڀولڙو چار ٽٻڪا . ساڳيءَ ٿالهيءَ کي وڇائي پوءِ وري مٿان ٽٻڪن جي ترتيب ڏني وئي (ت، ٺ ، ٽ، ث، ٿ). مهرباني ڪري پنهنجي بينرن ۽ پينافڪس ۾ پٽيءَ جي ترتيب به ائي صحيح ڪري لکو ۽ سنڌي ٻوليءَ جوي حفاظت ڪريو.
    جن به تعليمي کاتي وارن استادن ، دوستن نادانيءَ ۾ سنڌي الفا بيٽ جي ترتيب تبديل ڪري پيش ڪئي آهي يا پنهنجن پنهنجن اسڪولن ۾ پڙهائين پيا يا جن به سنڌي ڪتاب غلط الفا بيٽس سان لکي سنڌي پرائمري شاگردن جي ذهنن کي تبديل ڪرايو آهي اُهي جي سچا قوم پرست ۽ ٻوليءَ جا عاشق آهن ته اصلي سنڌي الفا بيٽس، اصلي سنڌي شاعري يا ادب لکن ۽ سنڌي خالص مُحاورا ۽ ڳُجهارتون ئي پيش ڪن. ياد رهي ته اسانجي ٻولي سنڌي، اڙدو ٻوليءَ وانگر خيمن يا لشڪرن جي ٻولي ناهي جنهن ۾ گهڻن زبانن کي وجهي پروان چڙهايو پيو وڃي پر هي هڪ 5000 سالن جي تهذيب رکندڙن جي ٻولي آهي جنهن جا مالڪ موجود آهن ۽ جيڪا علم جي ادارن ۾ وڌي جوان ٿي آهي نه ڪي بي مالڪ بي گهر اُڙدوءَ جيان خيمن يا لشڪرن ۾ پروان ٿيندڙ نڌڻڪي ٻولي. جنهن جو مالڪ هرڪو ٿي سگهي ٿو.
    اسان جي ملڪ ۾ اڃان سوڌو تاريخ ڏانهن سنجيدگي سان ويچار ئي نه ڪيو ويو آهي. هتي تاريخ کي صرف سياسي تبديلين جو نالو ڏنو ويو آهي. تاريخ کي صرف بادشاهن، اميرن ۽ مذهبي رهنمائن جي ڪارنامن، سندن جنگين، قصن ۽ ڪهاڻين تائين محدود رکيو ويو آهي. جڏهن ته تاريخ جو اهو تصور صحيح نه آهي. تاريخ هڪ سائنس آهي، تاريخ ڪنهن قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي اڀياس جو نالو آهي. دنيا ۾ تاريخ جا ڪيترائي تصور رهيا آهن. پر تاريخ جي مادي نقطي نظر موجب، انسانذات جي سموري تاريخ طبقاتي ويڙهه جي تاريخ رهي آهي. اها ويڙهه ڦريل ۽ ڦريندڙ، حاڪم ۽ محڪوم جي وچ ۾ هلندي رهي آهي. تاريخ جي جديد مادي قانون موجب سماجن ۾ اٿل پٿل يا نظرين ۽ خيالن ۾ اٿل پٿل سڄي مادي پيداوار جي تابع آهي. مادي پيداوار جي ترقي سان ئي نظريا، سماج ۽ انهن جا طور طريقا ۽ قانون بدلبا رهندا آهن، ان ڪري تاريخ اصل ۾ سماجي ٽڪرائن جو لاڳيتو عمل آهي. ان طريقي سان تاريخ کي نه صرف صحيح نموني سمجهي سگهجي ٿو، پر ان جي روشني ۾ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. اهو ئي تايخ جو جديد نظريو آهي. جنهن تحت اسان کي سنڌ سميت دنيا جي تاريخ لکڻ، پڙهڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.
    سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌين کانسواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن هن (سنڌي) ٻوليءَ ۾ زم ٿي ويا.
    اوائلي دور ۾ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ (الفابيٽ) ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دؤر (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو. جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فيئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي ۽ سنسڪرت مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.
    انکانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ ، جيستائين = جيستاءِ ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره. نيٺ 1888 ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جو پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو.
    جڏهن انگريز اسان جا حڪمران هئا ته هنن اسان جي ٻيڙيءَ ٻوڙڻ لاءِ پنهنجن ڏاهن کان صلاحون ورتيون. کين صلاح ملي ته : ”جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻ گهرو ٿا ته ان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي تباهه ڪيو.“ انگريز انهيءَ ڳالهه تي اڌوگابرو ڪم ڪري هليا ويا، پر اسان کي جهڙوڪ پنهنجي تباهي ڪرڻ جو ڏسُ ڏئي ويا. هاڻي اسان پاڻ پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پٺيان اچي پيا آهيون. اهو سلسلو اڌ صديءَ کان جاري آهي.
    تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ بابت پنهنجن روين کي ڏسبو ته ايئن لڳندو جهڙوڪ اسان جي دشمنن اسان کي ستي پياري ڇڏي آهي. اسان هيروئن ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر کي پاڻ خلاف سازش سمجهڻ لڳا آهيون، پر اهو محسوس نه ٿا ڪيون ته اسان پنهنجي منفي روين ۽ سوچن سان پنهنجي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ سان ڪيتري نه دشمني ڪري رهيا آهيون. اسان جا پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو اهو سمجهندا بلڪ چوندا آهن ته ماضيءَ تي ڪم ڪرڻ، يعني تاريخ ۾ دلچسپي رکڻ قبرن کوٽڻ جهڙو اڪارتو ڪم آهي . ٻولي کي ڪاپاري ڌڪ ايوب شاهيءَ کان لڳڻ شروع ٿيو ۽ پوءِ منظم نموني سان پنهنجن توڙي پراون اسان جي ٻوليءَ جي جهولي خالي ڪرڻ شروع ڪئي. ثقافت کي اسان جي ڪن دوستن نچڻ ٽپڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. حالتن وري اسان کي اهڙو ته سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي جو
    وڏن شهرن ۾ اسان جي ٻولي ۽ ثقافت پنهنجي سڃاڻپ ۽ سماجي ڪارج وارو حق وڃائي ويٺي آهي.
    ماڻهن کي اها خوشفهمي آهي ته ٻولي، تاريخ ۽ ثقافت جي ترقيءَ توڙي تحفظ لاءِ جيڪي ادارا جوڙيا ويا آهن، اهي ئي ٻوٽو ٻاريندا ۽ انهن جي موجودگي ۾ ماڻهن کي ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪرڻو ڪونهي. پر اهڙي آس رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي. ڇو ته ڪيترائي سبب آهن، جن اسان جي انهن ادارن کي غير فعال بڻائي ڇڏيو آهي. انهن مان پهريون سبب هي آهي ته ڪي مخصوص لابيون انهن ادارن تي قابض آهن. انهن ادارن ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي اهليت پٽاندڙ مقرر نه ڪيوويندوآهي.پر ڪونه ڪو پنهنجو ماڻهو ٿاڦيو ويندو، پوءِ اهو ڇو نه اهڙو ۽ ايڏو جهور پوڙهو هجي جو روزانو پاڻ کڻائي اچي. ادران کي تباهه ڪرڻ جو ٻيو مثال ڪهڙو ملندو جو سرڪاري ملازمت ۽ عمر ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪن ماڻهن کي اهڙن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو . سولن لفظن ۾ هينئن چئجي ته اهي ماڻهو جيڪي عمر ۽ سگهه جي حوالي سان سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جهڙا نه رهندا آهن، انهن کي قومي ادارن مٿان نازل ڪيو ويندو آهي.ڪي ادارا ڪن ماڻهن لاءِ اهڙا ته مخصوص ٿي وڃن ٿا، جو انهن ماڻهن کي ور ور ڏئي انهن ادارن ۾ رکيو وڃي ٿو.
    ادارن جي غير فعاليءَ جو مکيه ڪارڻ هي به آهي ته اهڙن ادارن جا ملازم ادارن ۾ فقط نوڪري ڪن ٿا. اهو نه ٿا محسوس ڪن ته انهن ادارن ۾ سندن مقرري ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ڪانهي. هو انهن ادارن ۾ ملازمت نه بلڪ قوم جي خدمت جهڙي عبادت ڪن ٿا. عام ڪارڪن جي انهيءَ رويي ادارن کي وڏو ڇهيو رسايو آهي. منهنجي خيال ۾ صدر يا وزير اعظم پنهنجي عهدي جو حلف نه کڻي پر اهڙن ادارن جي معمولي کان معمولي ڪارڪن کي پاڻ سان وچن ڪرڻ گهرجي ته هن کي نڌڻڪي سنڌجي شاندار تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻي آهي.
    مون ”نڌڻڪي سنڌ“ جا لفظ انهيءَ ڪري ڪم آندا آهن جو ڪنهن سرڪار ، سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي جوڳو ڌيان ڪونه ڏنو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي سڄي ساري هڪ نسل مارشل لا جي بدبودار ڇانو ۾ جنم ورتو ۽ پلجي جوان ٿيو آهي. اونداهي رات جهڙي اهڙي دور ۾ ڏسي وائسي اسان جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي نظر انداز ڪيو ويو. پر جيڪڏهن ڪا جمهوري حڪومت اقتدار ۾ اچي ٿي، ته اڳ واٽ منظم منصوبه بندي نه هئڻ ڪري تجربيڪار ۽ ڄاڻو ماڻهن جي ڪميءَ ۽ حريفن جي دشمنيءَ کي منهن ڏيڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي وڃي ٿي جو خاص طور تي اسان جي ٻوليءَ، ثقافت ۽ تاريخ تي ايترو ڌيان ڏئي نه ٿي سگهي . اهڙي حڪومت اڳ قائم ڪيل ادارن کي فعال بنائڻ يا انهن جي نئين سر انتظامي ترتيب ڏيڻ لاءِ وقت ڪڍي نه ٿي سگهي. اهڙي صورت حال ۾ جيڪڏهن ڪنهن حڪوممت هڪ ادارو قائم ڪيو ته پوءِ اهو ڪهڙي ڪم جو؟ ڇو ته ادارن ٺاهڻ سان نه پر ادارن کي فعال بنائڻ سان مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا.
    سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ ٻوليءَ تي انهيءَ ڪري ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي جو اڳ ۾ ڪم ٿيو ئي ڪونهي. اسان وٽ ڪم ايئن ٿيو آهي جو اسان جي تاريخ جي سڃاڻپ مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. مثال طور”مهين جو دڙو“ جي نالي کي وٺو. اهو دڙو هندن جو ڪونهي جو انهن کي ”موهن جو دڙو “ چئجي. اهڙيءَ ريت ان کي مسلمان ڪو نالو ”موئن جو دڙو“ به ڏئي نه ٿو سگهجي.جيڪڏهن اهو مري ويلن جو دڙو آهي ته پوءِ جهڪر جي دڙي، ڪاهوءَ جي دڙي ۽ ٻين دڙن کي موئن جو دڙو ڇو نه چئجي؟ اهڙيءَ ريت اسان جي تاريخ کي بگاڙيو پيو وڃي. ۽ ڪنهن به اقتدار ڌڻي يا عوامي نمائندي طرفان احتجاج نه ٿئي ته پوءِ ان کي سرد مهري ۽ بيحسي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟اڌ صديءَ جو عرصو گذري ويو آهي. انهيءَ عرصي دوران ٻيو نه ته سنڌ ۾ ” تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ“ جو ادارو قائم ٿيڻ گهربو هو. پر اڃا وقت ويو ڪونهي. ڇو ته قومن ۾ جڏهن وقت جي زيان جو احساس پيدا ٿيندو آهي، تڏهن اهي مثبت قدم کڻڻ سان ان جو ازالو ڪري سگهنديون آهن. جيڪڏهن حڪومت وارا سنڌي ٻوليءَ جو بل پاس ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌ آرڪائيوز قائم ڪري سگهن ٿا ۽ سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جو خاڪو چٽي سگهن ٿا ته ” سنڌ جي تاريخ جي ترتيب ۽ تحفظ جو ادارو“ به قائم ڪري سگهجي ٿو . اهڙيءَ ريت اڳ ۾ قائم ڪيل ادارن کي پڻ فعال بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺي سگهجن ٿا .
    نڌڻڪي سنڌ جي شاندار تاريخ، ٻولي ۽ ثقافت تي ان وقت تائين بهتر ڪم ٿي نٿو سگهي، جيستائين علمي ۽ قلمي دنيا سان لاڳاپيل اسان جي افرادي قوت ان ڏس ۾ پنهنجي ذميوارين کي محسوس نه ٿي ڪري. ڇو ته عوام جي روين بدلائڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته علم ڌڻي پنهنجي روين کي بدلائين.اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن تاريخ ۽ تحقيق کي به اسان جي علمي ۽ قلمي ماحول ۾ معتبر ۽ با مقصد قلمي پورهيو ڄاتو وڃي.
     
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    764
    ورتل پسنديدگيون:
    1,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ


    اهڙي بهترين ليک تي دل سان اوهان جو ٿورائتو.
     
    Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,731
    ورتل پسنديدگيون:
    4,280
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪُجه عرصو اڳ ، سنڌ جي هزارين ورهين جي تهذيبي سڃاڻپ اجرڪ جو هنر اسان کان موڪلائي ويو هو، جو کيس سرڪاري پزيرائي نه ملڻ ڪري اجرڪ تي مڪمل زوال اچي ويو هو، ڪيترائي اجرڪ جا چتر ڪاريگر بک بدحالي جي ور چڙهي ، پنهنجي ڪرت ڇڏي مختلف مزدورين کي لڳي ويا هُئا ، جهونا ڪاريگر پنهنجو وارو وڄائي هميشه لاءِ هليا ويا، هٿ واري اجرڪ جي هنر سائنسي پرنٽ مشينري ولاري ورتي، اجرڪ جو اصل ڪپڙو، سچو بافتي جي ڦليلي واهه حيدرآباد تي ذات جا اڏاڻا هوندا هئا ۽ حيدرآباد فتح چوڪ تي فتح ٽيڪسٽائيل مل ٺاهيندي هئي. هن وقت اها مل بنگلاديش منتقل ٿي ويئي آهي. پر پوءِ ڀلائي هُجي سنڌ جي پهريئين سيٽلائٽ چئنل (ڪي.ٽي.اين) جي سرواڻ محترم علي قاضيءَ کي، جنهن ايڪتا ڏهاڙي سان سنڌي ڪلچر ڊي جوڙي، هن اجرڪ فيڪٽريءَ کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو جنهن سان گڏ سموري سنڌ ڪلچر ۽ اجرڪ جي خوبصورتيءَ ۾ جُڙي وئي ۽ موئل اجرڪ مزدور جي اُٿيا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو