نـــظــــم: ڪــاش

'سنڌي شاعري' فورم ۾ مِير ھيمراج طرفان آندل موضوعَ ‏27 ڊسمبر 2016۔

  1. مِير ھيمراج

    مِير ھيمراج
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڪاش جِي ڪُک آڪاش جیڏِي،
    اڻ ڳڻیُون جنهن ۾ اُمنگُون،
    ٿیُون پَلن ڪنهن ٻار وانگي!

    جِت سِتارن وانگیان ڪئِي،
    چاهتُون ٿیُون چِلوِلائن،
    مَن جي محرابن مٿان ٿیُون،
    وِڄ جِیان جرڪائجن،
    ساھ جُون ڪي سِیسراٽیُون،
    سار جو ٿیُون ساز بڻجن،
    گُونج بڻجن، گاج بڻجن.
    بیوَسِيءَ جِي باھ ۾ ٿیُون،
    خُودڪشِيءَ جو کاج بڻجن.
    خُودڪشِيءَ ڄڻ ڪو سهارو،
    خُودڪشِيءَ آڌار وانگي!

    قید ڪیئِي گُل چمن ۾،
    پیاس ڪیڏِي پوپٽن ۾،
    جِن جِي واٽن منجھ وِڇوٽا،
    پر ٻِنهِيءَ جو پار ساڳیو،
    فِراق ۾ جي، ڦٿڪِي مرن ٿا.
    آسرن جِي اُس ۾ تڙپِي،
    طواف خاطر، واس خاطر،
    ڀونئر ڪئِي ڀٽڪِي مرن ٿا،
    گُل ڇِڄِي، جِیوَن وِڃائي،
    ٽِڙیَل، کِڙیَل جوڀن وِڃائي،
    لاش جو ٿا هار بڻجن،
    لاش سان لٽڪِي مرن ٿا،
    لاش ڀِي ڪنهن دار وانگي!

    مِير ھيمراج
     
    بختاور ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سونا فقير

    سونا فقير
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 جنوري 2016
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    38
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    خبر ناهي ڇو اکر ٽٽل ٿا اسان کي نظر اچن، جيترو سمجهوسين تمام سٺو لڳو
     
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163

هن صفحي کي مشهور ڪريو