افغان پناهگيرن کي هاڻ وڃڻ گهرجي...!!

'ڪالم' فورم ۾ غلام مصطفي جمالي کڏهرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2017۔

  1. غلام مصطفي جمالي کڏهرو

    غلام مصطفي جمالي کڏهرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2017
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    هن وقت پاڪستان اندر جتي سياسي صورتحال تي وڏا بحث هلي رهيا آهن.اُتي حڪمرانن کان ملڪ جا اهم ۽ وڏا مسئلا ڄڻ ذهن تان هلي ويا آهن.انهن مسئلن مان افغان پناهگيرن جو مسئلو به هڪ اهم مسئلو آهي،افغان پناهگيرن جي پاڪستان اندر رهائش کي جتي ڌارين ٻولين وارا صوبا رد ڪري چڪا آهن اُتي ڪي پي ڪي جي عوام جيڪا افغان پناهگيرن جي ئي زبان ڳالهائيندڙ عوام آهي انهي عوام خد افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ رهڻ واري ڳالهه کي رد ڪندي نه رڳو انهن خلاف احتجاج ڪيو پر اتي اهڙا به بيان ڏنا آهن ته افغان پناهگيرن کي پاڪستان مان جلد کان جلد نيڪالي ڏني وڃي.ڪي پي ڪي صوبي جي ڀيٽ ۾ بلوچستان اندر به پشتو ڳالهيندڙ پڻ ڪيتري عوام رهي ٿي اتي بلوچستان جي حڪومت پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو ته جيڪڏهن پاڪستان مان افغان پناهگيرن کي نيڪالي نه ڏني وئي ته کين ڌڪا ڏئي ملڪ بدر ڪيو ويندو.بلوچستان جي گهرو وزير سرفراز بگٽي پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته حساس ادارن ڪارروائي ڪندي افغان انٽليجنس جي ڇهه دهشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث جو اعتراف ڪري ورتو پڻ ڪيو آهي.جڏهن ته سرفراز بگٽي چيو هوُ ته گرفتار ٿيل دهشتگردن ۾ محبو خان ۽ عصمت الله ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندا هئا ۽ انهن جو تعلق هلمند سان هو، جڏهن ته سرفراز بگٽي اهو به چيو هوُ ته دهشتگرد افغان ڪيمپ ۾ رهيا ۽ اتي ئي وڏا ٿيا ۽ اسان جي ماڻهن کي قتل ڪيو، هاڻ گهڻو ٿيو ويو آهي افغانين کي هاڻ وڃڻو ئي پوندو،پر جتي سوال ٻين صوبن جو آهي ته اهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف نه رڳو احتجاج ڪري رهيا آهن پر انهن مان بيزاري ظاهر ڪري کين ڌڪا ڏيڻ جي بيان پڻ سامهون اچي آهن جن ۾ نه رڳو صوبن جي عوام شامل آهي پر انهي صوبن جا وزير عوام سان گڏ احتجاج ڪندڙن جي وڏي ۾ انگ شامل آهي.پر سنڌ صوبي جي عوام انهي افغان پناهگيرن جي واپسي خلاف خاموشي وارو رويو سمجهه کان ٻاهر آهي،جڏهن ته سنڌ جي گادي واري ڪراچي اندر وڏي تعداد ۾ افغان پناهگير رهن پيا. جيڪي نه رڳو هتي جي شهريت حاصل ڪري رهيا آهن پر ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن اندر افغاني ملڪ جي نالي سان لڳل پوسٽرن سان پنهنجا ڪاروبار به ڪري رهيا آهن،جڏهن ته ڪراچي جي ڪيترن ئي وسندين تي هن وقت به انهن جو مڪمل قبضو آهي،سنڌ جون قوم پرست پارٽيون انهي افغان پناهگيرن واري معاملي تي مڪمل خاموشي وارو ماحول ٺاهيو اچن جنهن سان نه رڳو ڪراچي اندر افغان پناهگير پنهجون رهائش گاهون مظبوط ڪري رهيا آهن پر نادرا جي سفارشي عملي سان ملي ڪري پاڪستاني شهريت حاصل ڪري هميشه لاءِ پاڪستان ۾ رهڻ جا منصوبا جوڙي رهيا آهن،جيڪي سنڌ صوبي جي امن امان لاءِ هڪ وڏو خطرو ثابت ٿيندا، جتي افغان پناهگيرن جو مئسلو آهي ته پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجه آصف پڻ اهڙو بيان ڏنو هو ته افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ پاڪستان اندر دهشتگرد پناهه وٺي رهيا آهن،۽ افغانين جي صدر کي گهرجي ته هاڻ افغان پناهگيرن کي واپسي گهرائي. جڏهن ته افغان پناهگيرن جي صورت ۾ هڪ وڏي لنڪ موجود آهي .ان ڪري انهي خواجه آصف واري ڳالهه اندر ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان اندر افغان پناهگيرن جي صورت اندر دهشتگردن جو هڪ وڏو ٽولو وجود آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو سبب بڻيل آهي پر انهي سان گڏ صوبن جي عوام جا به حق کائي رهيو آهي ..هڪ ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ فوج رات ڏينهن ڪوششون ڪري رهي آهي اُتي ملڪ جو وزيراعظم خد انهي افغان پناهگيرن کي پاڪستان اندر اڃان به ڇهه مهينا رهڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي جيڪا سمجهه کان ٻاهر آهي. ملڪ اندر حمڪرانن پنهنجي عوام جي سور حلقا ڪرڻ بجاءِ انهي عوام کي ٽيڪس کان ويندي لوڊشينگ،منهگائي،جهڙيون اذيتون ڏئي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري رهيا آهن اتي مٿان وري افغان پناهگيرن کي پاڪستان ۾ پناهه ڏئي ڪري خد پاڪستان اندر دهشتگردي کي ڀاڻ ڏئي رهيا آهن،جيڪي عوام ۽ ملڪ لاءِ هڪ وڏو الميو آهي، ته بلوچستان جي حڪومت چيو آهي ته عالمي برادري افغان پناهگيرن جي وڃڻ جي لاءِ انتظام ڪري ۽ عزت سان هتان هليا وڃن نه ته قوم بي عزت ڪري ۽ ڌڪا ڏئي انهن کي ٻاهر ڪڍندي. اها به ڳالهه سچ آهي ته بلوچستان مان جيڪي سمورا دهشتگردن گرفتار ڪيا هئا انهن چاليهه کان وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جو پڻ اعتراف ڪيو هو. جڏهن ته بلوچستان حڪومت اهو به چيو ته نادرا هنن کي 20 هزارن عيوض شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا هئا .جڏهن ته ڳالهه رڳو بلوچستان جي ناهي جيڪي افغان پناهگيرن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن پر خد خيبرپختون خواهه سرڪار به افغان شهرين جي وطن واپسي جو مطالبو ڪري رهي آهي . صوبائي وزير شاهه فرمان پڻ اهڙو ئي بيان ڏنو هو ته ملڪ کي محفوظ بنائڻ لاءِ وفاق معتبر فيصلا ڪري دهشت گردي ۾ افغان شهري ملوث آهن.جڏهن ته انهي ڀيٽ اندر صوبي سنڌ ۾ به افغان پناهگيرن جو تعداد 20لک کان مٿي جو آهي جيڪي ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ٻهراڙين وارين علائقن ۾ رهائش پزير آهن،ان ڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته افغان پناهگيرن جي معاملي کي سنجيدگي سان ويهي سوچي ۽ سنڌ اندر رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر جوڙي ڪري وفاق کي موڪلي ۽ وفاق کان اهو مطالبو ڪري ته انهن افغان پناهگيرن کي جلد کان جلد سنڌ ۾ ٻاهر ڪڍيو وڃِي،ڇو ته افغان پناهگيرن جو اصل هنڌ سندس ملڪ افغانستان آهي ان ڪري کين اتي ئي رهڻ گهرجي.جڏهن ته پناهگيرن جي سهائتا واري ايجنسي(يو اين ايڇ سي آر) پڻ اهو کليل لفظن ۾ چيو هوته پاڪستان پناهگيرن جو ڳڙه بڻجي ويو آهي.پر اها به حيقيت آهي ته هن وقت پاڪستان اندر پناهگيرن جو تعداد جنهن کي پاڪستان جي نادار رجسٽرڊ ڪيو آهي اهو به سورهن لک کان مٿي جو آهي.جن جي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان وٺي باعزت واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻ جو چئي رهي آهي پر انهي چوڻي اندر به ڪا سنيجدگي سڏڻ ۾ نه پئي اچي،جڏهن ته هي اهي پناهگير آهن جيڪي پاڪستان جي نادرا وٽ رجسٽرڊ آهي جڏهن ته ڪيترائي پناهگير بنا رجسٽرڊ جي به پاڪستان ۾ رهي رهيا آهن.جڏهن ته سنڌ صوبي اندر رجسٽرڊ پناهگيرن جو تعداد به66هزار کان مٿي جو آهي.جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺِي سنڌ ۾ رهيا پيا آهن،. جڏهن ته سڄي پاڪستان۾ اڻ رجسٽرڊ ٿيل افغان پناهگيرن جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي، نه اسان وٽ ۽ نه حڪومت وٽ، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جو انگ ڪي پي ڪي ۾ آهي، جڏهن ته ساڍا 4 لک بلوچستان ۽ باقي پناهگير سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ فاٽا جي علائقن ۾ آهن، ، 1980ع کان 2005ع تائين پاڪستان ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪوبه تصور نه هو. ۽ نه ڪو يو اين يا حڪومت پاڪستان وٽ ڪو رڪارڊ هو، 2005ع ۾ حڪومت پاڪستان جي سهڪار سان اسان جي هڪ ادري (يو اين ايڇ سي آر) افغان پناهگيرن جي آدم شماري ڪرائي، جنهن تي 70 لک ڊالر خرچ آيو هو، ، جنهن کانپوءِ 2006ع ۾ پناهگيرن جي رجسٽريشن جو ڪم شروع ٿيو، ۽ 20 لک 4 هزار افغانين کي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، پاڪستان اندر هن وقت هاڻ افغان پناهگيرن جي رهائش جي گنجائش ناهي رهي ۽ هاڻ ته افغانستان اندر به 1980ع جي ڀيٽ ۾ حالتون ڪافي بهتر آهن، 2014ع ۾ آمريڪا افغانستان مان وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو، ۽ ان وقت کان افغانستان اندر امن قائم جنهن جي ڪري هاڻ افغاني پناهگيرن کي واپس وڃڻ گرجهي،

    غلام مصطفيٰ جمالي:کڏهرو موري ضلع بدين

    03333737575
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو