جلال چانڊئي جي 16 ورسي وفات 10 جنوري 2001

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2017۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    https://www.facebook.com/photo.php?....247460481970162.56797.100001186355231&type=3
    اڄوڪي ڏينهن 10 جنوري2001 تي هن عظيم فنڪار جي وڇوڙي کي اڄ 16 سال گذري ويا آهن پر سندس عوامي مقبوليت ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي ٿي. اڄ به سندس آواز جهرجهنگ گونجي ٿو ۽ سندس فني خدمتن سبب سنڌ کي نوان سنگيت جي دنيا ۾ لاڙا مليا. جلال چانڊيو کي سنڌي سنگيت جي خدمتن عيوض شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، فنڪار ايوارڊ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي کوڙسارن شهرن ۾ سندس مڃتا طور سون جون تاجپوشيون پڻ ڪيون ويون. جلال چاڻديو واري فني ڳائڪي جو الڳ انداز جو اڄ به سنڌ ۾ اوڄ آهي، جنهن کي عوامي مقبوليت ملي ٿي. اسان جلال چاندیو کی اج ورسی جی ڈینھن تی سلام پیش کیون ثا.
    بشُڪريه : ماسات ڊاڪٽر عبدالقادر دل (سعودي عربيه)

    سنڌي راڳ ۾ يڪتاري ۽ چپڙي جي بي تاج بادشاھ جلال چانڊيو کي جسماني طور اسان کان وڇڙي 16 سال ٿي ويا آھن اڄ سندس 16 هين ورسي آھي
    جلال چانڊيو 10 آگسٽ 1944 ڌاري تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز جي شھر مصر جي واھ جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ هڙپال جي هٽ ۾ حاجي فيض محمد چانڊيو جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جلال چانڊيو هوش سنڀاليو ته گهر جو ماحول مالوند ماڻهن وارو هو ٿورو وڏو ٿيو ته جلال جي والد فيض محمد کيس درزڪو ڪم سيکارڻ لاءِ مورو ۾ هڪ استاد وٽ ڇڏي آيو پر جلال چانڊي جي درزڪي ڪم ۾ دل نه لڳي، اتي پيو مختلف فنڪارن جا ريڊيو ۽ ٽيپ ريڪارڊ تي ڪلام ٻڌندو هو، جنهن سبب سندس دهيان ڪلام ٻڌڻ ڏانهن وڌيڪ هو ۽ پرايا ڪپڙا سبڻ بجاءِ خراب ڪندو هو، استاد جي مارڪٽ سبب اچي اتان به بيزار ٿيو ۽ ڳوٺ واپس اچي مال چارڻ لڳو مال چارڻ دوران جهنگ ۾ ٺڪريون ۽ ڪاٺيون کڻي پيو وڄائيندو وتندو هو جهنگ ۾ گائڻ وڄائڻ وارو شوق سندس وڌي ويو مال چارڻ سان به کيس دل نه لڳي جنهن سبب کيس پيا دڙڪا اتي به پيا ملندا هئا پر سندس کي سنگيت سان عشق ٿي ويو هو، سندس سنگيت سان جنونيت جي حدتائين عشق کي ڏسندي جلال جي مائٽن به کيس گائڻ جي لاءِ گهوٽڪي ضلعي جي شهر ميرپور ماٿيلو ۾ استاد علي گل مهر وٽ شاگردي جي لاءِ حوالي ڪيو. استاد علي گل وٽ جلال راڳ جي ابتدائي سيکا ورتي ۽ پنهنجي استاد سان گڏجي ترجي مختلف درگاهن تي وڃي پيرن فقيرن جي اڱڻ تي ويهي ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ ڳائڻ شروع ڪيو. سندس آواز اهڙو جو لائوڊ اسپيڪر جو محتاج نه هو جلال چانڊيو، جنهن دور ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ته تڏهن سنڌ اندر جهرجهنگ غير سنڌي فنڪارن جو اوج هو، هن ان دور ۾ وڏي همٿ پاڻ ۾ پيدا ڪري 1970 ڌاري پارس ڪيسٽ ڪمپني طرفان آڊيو ڪيسٽ تيار ڪرائي. انهي ڪيسٽ ۾ سندس ڳايل ڪلام ”هل نه مٺو ايڏي لوڏ ڪري“ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. جنهن بعد جلال چانڊيو لاءِ سنڌي سنگيت ۾ دروزا کلڻ لڳا نج ڳوٺائڻ انداز واري ٽوپي ۽ لباس ۾ ٿوري جدت آئي چپڙي يڪتاري جي گونج ۾ سنڌ اندر تڏهن عام جام ٿيندڙ ٿيٽرن، ميلن ملاکڙن ۾ ڳائڻ وڄائڻ شروع ڪيو ته ان دور ۾ غير سنڌي فنڪارن جون وايون بتال ڪري ڇڏيائين ۽ سنڌ جي بي تاج بادشاهه فنڪار طور اوج ماڻي ورتائين سنڌ ۾ جلال، جلال ٿي ويو. سندس اڳيان پويان تڏهوڪي ڪيسٽ ڪمپنيز جا مالڪ پيا سلامي ٿيندا هئا سوين ڪيسٽون جلال چانڊيو جون جاري ٿيون ريڊيو، ٽيلويزن جا دروازا جلال چانڊيو لاءِ کلي ويا. 1985 ڌاري جلال چانڊيو جو انتهائي اوج وارو زمانو ڏسي تڏهوڪي وقت جي ڪامياب فلمي هدايتڪار جناب شاهه اسد پنهنجي سنڌي فلم لاءِ جلال چانڊيو سان وڃي ڪچهري ڪندي کيس فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀرائي ۽ سنڌي فلم جلال چانڊيو ٺاهي جڏهن فلم جلال چانڊيو سنڌ جي سينمائن تي لڳي ته سنڌي فلمن جي دنيا ۾ نوان بزنس جا ريڪارڊ قائم ڪيا. انهي فلم کي تمام گهڻي عوامي موٽ ملي ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن سنڌي فنڪار تي ٺهندڙ پهرين سنڌي فلم جلال چانڊيو لاءِ ٺهي جلال چانڊيو سان سنڌ جا ماڻهو انتهائي گهڻو پيار ڪرڻ لڳا ۽ جلا ل ته اڳ هي حسن پرست هو، سونهن جو پوڄاري هو، جنهن سبب جتي به جنهن به شي ۾ سونهن ڏسندو هو ته دل ڏئي ويهي رهندو هو. جانورن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، مينهون ۽ گهوڙا پالڻ جو شوق تمام گهڻو هئيس. سنڌ اندر پنهنجي وقت جو انتهائي مصروف فنڪار هو، جنهن سبب سنڌ اندر سوين ماڻهو پنهنجي شادين، مرادين ۾ گهرائڻ لاءِ پروگرام جي تاريخ پهريان جلال چانڊيو کان وٺندا هئا. پوءِ پنهنجي شادين جون تاريخون طئي ڪندا هئا. جلال چانڊيو رنگين طبعيت جي مالڪ هجڻ سان گڏ انتهائي طور نماز جو پڻ پابند هوندو هو ۽ انسانيت جي خدمت سان سرشار جذبو رکندڙ شخصيت هو. پنهنجي علائقي جي غريبن جي نياڻين جي ڏاج ڏيڻ کان وٺي غريبن جي مدد ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو. سنڌ اندر ڪو اهڙو شهر يا ڳوٺ نه هوندو جتي جلال چانڊيو پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪيو هجي. هر هنڌ پنهنجي فني دنيا جي اوج وارن ڏينهن ۾ سنڌي سنگيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ تمام گهڻو ڳائي وڄائي انگريزن کي به حيران ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته سندس ڳائڻ وقت چپڙي يڪتاري وڄائڻ سان گڏ سندس منهن جو رخ، ويهڻي ۽ هٿن جي بيهڪ وارو انداز اڄ تائين ڪوئي به فنڪار پيدا نه ڪري سگهيو. سڄو جسم سندس جو ڳائڻ سان گڏ پيو پرفارم ڪندو هو. هو ويٺي ويٺي ڳائيندي به ائين لڳندو هو جو ڄڻ نچي رهيو هجي. جلال چانڊيو 2 شاديون رچايون، هڪ پنهنجي مائٽن مان ننڍپڻ ۾ ته ٻئين شادي پنهنجي پسند سان ڪئي. فني دنيا ۾ انتهائي اوج واري زندگي ۾ جڏهن ته جلال چانڊيو جنهن محفل ۾ ڳائڻ ويندو هو، اتي اوڙي پاڙي جون سوين عورتون پنهنجي گهرن جي ڇتن تي ويهي جلال چانڊيو جو راڳ لازمي ٻڌنديون هنيون. جلال چانڊيو انتهائي مقبول فنڪار هو پنهنجي شروعاتي دور کان حياتي جي آخري لمحن تائين رهيو، کيس ڪرڪيٽ ۽ ڪوڏي ڪوڏي راندين سان تمام گهڻي دلچسپي هئي ۽ ڏاندن جي گوءِ، ڪڪڙن جي ميل سان به ڏاڍي دلچسپي هئي.
    سال 20000ع جي شروعات کان هو گڙدن جي خرابي سان بيمار رهڻ لڳو، جنهن سبب لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ اچي داخل ٿيو، اڄوڪي ڏينهن 10 جنوري2001 تي هن عظيم فنڪار جي وڇوڙي کي اڄ 16 سال گذري ويا آهن پر سندس عوامي مقبوليت ۾ اڄ به ڪا کوٽ ناهي ٿي. اڄ به سندس آواز جهرجهنگ گونجي ٿو ۽ سندس فني خدمتن سبب سنڌ کي نوان سنگيت جي دنيا ۾ لاڙا مليا. جلال چانڊيو کي سنڌي سنگيت جي خدمتن عيوض شاهه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، فنڪار ايوارڊ سميت سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو. سنڌ جي کوڙسارن شهرن ۾ سندس مڃتا طور سون جون تاجپوشيون پڻ ڪيون ويون. جلال چاڻديو واري فني ڳائڪي جو الڳ انداز جو اڄ به سنڌ ۾ اوڄ آهي، جنهن کي عوامي مقبوليت ملي ٿي. اسان جلال چاندیو کی اج ورسی جی ڈینھن تی سلام پیش کیون ثا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو