ٽن اسڪرينن وارو ليپ ٽاپ جيڪو گيم کيڏندڙن جي دلين جون ڌڙڪنون تيز ڪري ڇڏيندو.

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ Sheeraz Rasheed طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2017۔

  1. Sheeraz Rasheed

    Sheeraz Rasheed
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2017
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    [​IMG]

    ريزر نالي ڪمپني پروجيڪٽ ويلري جي نالي سان اهڙو ليپ ٽاپ ٺاهيو آهي جنهن ۾ هڪ ئي وقت ٽي اسڪريرنز موجود آهن. ليپ ٽاپ جي مين اسڪرين جي ساڄي ۽ کاٻي هي ٻئي وڌيڪ اسڪرينز کولي ڪري 180 ڊگري تي ڏسڻ کي ممڪن بنائن ٿيون. گرافڪس جي حوالي سان هن ۾ هن شاندار هارڊويئر موجود آهي جيڪو خاص طور تي گيم کيڏندڙن کي حيران ڪري ڇڏيندو.

    هن ليپ ٽاپ ۾ 17 انچن جون ڪل ٽي اسيڪرينز موجود آهن جيڪي ايتري قدر سنهيون آهن جو انهن جو ڪل وزن صرف يارهن پونڊ تائين آهي. انهن اسڪرينز ۾ 4K IGZO ڊسپلي موجود آهي جيڪو اين ويڊيا جي سنڪ مانيٽر ٽيڪنالاجي تي مشتمل آهي ته جيئن اسڪرين جو منظر انتهائي جاندار رهي.

    هن ليپ ٽاپ جي تياريء ۾ جي فورس جي ٽي ايڪس 1080 گرافڪس ڪارڊ، 8 جي بي وڊيو ريم، 32 گيگا هرٽز سسٽم ريم ۽ سسٽم کي ٿڌو رکڻ جي لاء ويپور چيمبر جو استعمال ڪيو ويو آهي.

    ايترو تڳڙو هارڊ ويئر ۽ ٽن اسڪرينز جي هجڻ ڪري ظاهر آهي

    هن ليپ ٽاپ کي توانائيءَ جي به ڀرپور ضرورت پوندي. ان ڪري هن کي استعمال جي لاءِ ضروري هوندو ته هن جو ايڊاپٽر ليپ ٽاپ کي مستقل چارج ڪندو رهي نه ته هن جي بيٽري صرف 14 سيڪندن ۾ جواب ڏئي ڇڏيندي.

    هن جي قيمت جي ڳاله ڪجي ته اندازو آهي ته هي 5000 امريڪن ڊالرز کان وڌيڪ ئي هوندو.


    هن شاندار ليپ ٽاپ جون خاصيتون ڏسڻ لاءِ هي وڊيو ڏسڻ نه وساريو

     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو