استاد الحفاظ قبله عاشق رسول ﷺ فقير عبدالستار قادري نقشبندي رحمۃ الله عليه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ امدا علي قادري طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2017۔

  1. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    سنڌ ڌرتي هميشه پنهنجي کک مان درويش ۽ ولي ڪامل پيدا ڪيا آهن انهن ما ن استاد حافظ محمد عبدالستار قادري رحمۃ الله تعالي عليه به هڪ هئا .پاڻ فقير صفت بزرگ واحد بخش سومرو جي گهر 26.03.1915 ڳوٺ دودو مهر تعلقه ميرپور ماٿيلو ۾ پيدا ٿيا.ڪجهه وقت کانپوءِ سائيجن جو والد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.(جنهن جي مزار مبارڪ جروار روڊ سيد جليل شاه بخاري لڳ پير بکر قبرستان ۾ آهي) سائيجن جاعزيز و اقارب اتان لڏي بخشي بوزدار جي ڳوٺ اچي ويٺا.اتان سائيجن کي سندس چاچي حضرت ميانجي موليڏنو رحمۃ لله تعالي عليه ديني تعليم لاءِ ڳوٺ شير محمد مشوري ۾ حضرتقبله استاد الحفاظ خير محمد مشوري رحمۃ الله تعالي عليه جن وٽ ويهاريو.جن جووالد باني ڀرچونڊي شريف جنيد وقت سيد العارفين حافظ الملت حافظ محمد صديق القادري النقشبندي رحمۃ الله تعالي عليه جو شاگرد ۽ فيض يافته هيو. (۽ پاڻ رحمۃ الله تعالي عليه، درگاه شريف پير پڳاره جن رحمۃ الله تعالي عليه جا خليفه ۽ فيض يافته هئا) حافظ الملت رحمۃ الله تعالي عليه جو فيض پوري برصغير ۾ ڇوليون ڏئي رهيو هو ، ڏئي رهيو آهي ۽ تا قيامت ڏيندو رهندو. (انشاء الله تعالي )واه ڀاڳ ڀلا سائين جن جا هڪ ته پاڻ ديني گهراڻي جا ۽ ٻيو ته استاد به درويش صفت انسان هو.پاڻ ۾ ائين ملي ويا جئين کير ۾ کنڊ ۽ سائين جن کي چار چنڊ لڳي ويا ، ٿوري وقت ۾ قرآن شريف حفظ ڪري ورتائون ۽ قادري سلسلي ۾ جانشين حافظ الملت مجاهد اهلسنت پير طريقت رهبر شريعت حضرت خواجه پير عبد الرحمن المعروف ڀورل سائين رحمۃ الله تعالي عليه جن جا دست بيعت ٿيا ۽ سندن ڳوٺ ۾ مدرسو کوليائون پر ٻهراڙي ۽ پس مانده ماحول سبب مدرسو ڪامياب نه ٿي سگهيو ،پاڻ رحمۃ الله تعالي عليه دل برداشته ٿي جروار شهر ۾ سيد ڀورل شاه کان آري مشين ٺيڪي تي ورتائون ۽ اتي ڪم ڪرڻ لڳا،هڪ ڏينهن حاصل فقير بوزدار رحمۃ الله تعالي عليه (خليفه خانقاه عاليه قادريه جيلانيه سوئي شريف) ڪنهن ڪم سبب آري مشين تي آيا، سائين جن رحمۃ الله تعالي رحمۃ الله تعالي عليه عليه وڏي ادب ۽ احترام سان وڃي مليا ته فقير رحمۃ الله تعالي عليه پڇيو ڪير آهيو سائين رحمۃ الله تعالي عليه جن چيو ته کٽي (سومرا)آهيو فقير رحمۃ الله تعالي عليه پڇيو ته پڙهيل آهيو سائين رحمۃ الله تعالي عليه جن چيو ته قرآن شريف جو حافظ آهيان فقير فرمايو ته قرآن شريف جا حافظ ٿي ڪري آري مشين تي ڪم ٿا ڪريو وڃي ديني مدرسو کوليو دنيا اوهان جي پويان هوندي ۽ قيامت تائين اوهان جو فيض جاري رهندو سائين جن ٻيهر قرآن شريف جي پڙهائي جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو تمام گهڻو ڪامياب ويو، ٻن ميلن تائين قرآن شريف جون لوليون ۽ آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو ڪجهه وقت کان پوءِ سانين جن اتان لڏي اچي جهنگان بوزدار ويٺا اتي به قرآن شريف جي پڙهائي جو سلسو جاري رکيائون جنهن جي ڪري اهو ڳوٺ جهنگان بوزدار منجهان جهنگان شريف سڏجڻ لڳو، اتي قبا تي هڪ عاليشان مسجد شريف ٺهرايائون جيڪا جماعت جي وڌي وڃڻ سبب شهيد ڪرائي ٻي وڏي ۽ ڪشاده مسجد شريف ٺهرايائون جنهنجي ڀر ۾ سائين جن جي ڪجهه عزيزن جون قبرون به آهن ،سائيجن جي وڏي ڀاءُ محمد عظيم مزاحيه طور جانشين حافظ الملت مجاهد اهلسنت پير طريقت رهبر شريعت حضرت پير عبد الرحيم المعروف شهيد بادشاه کي عرض ڪيو ته اسان جو ڀاءُ اڌ پير ٿي ويو آهي شهيد بادشاه فرمايو ته اسان حافظ صاحب کي سڃو پير ڪري ڇڏيو آهي مسجد منزل گاه سڪر جو مشهور واقعو آهي جيڪو 1939ع انگريزن جي دور ۾ ٿيو مسجد شريف کي ڪافرن مندر ڪري ڇڏيو هو جڏهن اها خبر جانشين حافظ الملت مجاهد اهلسنت پير طريقت رهبر شريعت حضرت خواجه پير عبد الرحمن المعروف ڀورل سائين جن کي پئي ته پاڻ هزارين عقيدتمدن سان گڏجي سڪر پهتا ۽ جماعت فقيرن کي منظم ڪرڻ جي ذميواري سائيجن جي حوالي ڪيائون جيڪا پاڻ احسن انداز سان نڀايائون ۽ مسجد شريف ڪافرن کان آزاد ڪرائي مسلمانن جي حوالي ڪيائون پر افسوس جو انهي مسجد شريف تي اڄ بد مذهب قابض آهن . سائين جن جي شاگرد حافظ الهڏتو ڇڃڻ جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن سائيجن منهنجي سامهون پنهنجي استاد محترم قبله حافظ خير محمد مشوري جي قدمن تي سر مبارڪ رکي دعا لاءِ عرض ڪيائون ته استاد محترم قبله حافظ خير محمد مشوري جن فرمايو ته حافظ صاحب ڪجهه ڇڏيندو يا نه ،وڃ اسان توکي ايترو ڏنو جيڪو نه اوهان کان کٽي ۽ نه اوهان جي پوئين کان .۽ اوهان جي مٿان عاليشان روضو ٺهندو .ڪجهه وقت کان پوءِ سائين جن لڏي اچي پنهنجي مرشد جي جانشين مجاهد اهلسنت پير طريقت رهبر شريعت ولي ابن ولي الحاج پير عبد الخالق لقادري دامت برڪاتهم العاليه مرڪزي امير جماعت اهلسنت پاڪستان ۽ مرڪزي اڳواڻ فنگشنل مسلم ليگ پاڪستان جي حڪم ۽ سرپرستي ۾ جونگ ڪالوني اچي ويٺا هتي به قرآن شريف جي تعليم جو سلسلو جاري رکيائون جيڪو اڄ به وڏي شان و شوڪت سان جاري و ساري آهي ۽ ان شا ء الله تعالي قيامت تائين جاري و ساري رهندو. هزارن جي تعداد ۾ فيض يافته شاگرد ۽ عقيدتمند ،سنڌ،پنجاب، بلوچستان ۽ عربستان تائين آهن همعصر بزگن ۾ ولي ڪامل حرن جو روحاني پيشوا فنڪشنل مسلم ليگ جو سربراه سائين سنڪدر علي شاه مردان شاه المعروف پير پڳاره درگاره شريف جن سان تمام ويجها تعلق هئا ،هر سال درگاه شريف پيرجو ڳوٺ مان خصوصاً27 رجب شريف جي دعوت ايندي هئي جامعيه راشديه مان فارغ التحصيل علماءَ جي دستار جو ور به سائيجن کان ڏياريو ويندو هو .جانشين جيلاني بادشاه پير مٺل سوئي شريف، جانشين حافظ الملت پير طريقت رهبر شريعت حضرت پير عبد الرحيم المعروف شهيد بادشاه، جانشين حافظ الملت پير طريقت رهبر شريعت حضرت پير عبد العليم المعروف شهيد سائين، خانگڙه شريف جا باني حضرت احمد سائين ،فقير محمد حاصل بوزدار،فقير عبد الغفور مهر مياڻي شريف،پير سيد محمد شاه ڳڙهي چاڪر،حضرت علامه مولنا محمد قاسم مشوري لاڙڪاڻي وارا ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ سائجن جا همعصر هئا.پاڻ هميشه سادگي ۽ عجز و انڪساري سان زندگي مبارڪ گذريندا هئاهميشه خدمت خلق ۽ لنگر جاري رهندو هو ،روزي،نماز،زڪوات،ڏاڙهي مبارڪ، باوضو رهڻ ۽ هميشه شريعت مطهره تي عمل جي تلقين ڪندا هئاڪو مريد ٿيئڻ ايندو هو ته ان کي خانقاه عاليه قادريه جي صاحب سجاده ڏانهن موڪليندا هئا پر هڪ شخص قرآن شريف واسطو ڏئي مريد ٿيو پاڻ سيرت ۽ صورت مبارڪه ۾ پنهنجو پٽ پاڻ هئا جيڪو هڪ دفعي صحبت ۾ ويهندو هو سو ديوانو ٿي پوندو هو ۽ بار بار خدمت اقدس ۾ حاضر ٿيندو رهندو هو،دعا ڌاڳي جي لاءِ پري پري کان ماڻهو ايندا هئا پاڻ انهن سان سهڻي سلوڪ سان پيش ايندا هئا ۽ بغير لوڀ و لالچ جي دعا ڏيندا هئا هر عام و خاص کي هن وظيفي جي اجازت آهي ته" 3 دفعه اول وآخر ڪو به درود شريف 21 دفعه بسم الله الرحمن الرحيم پڙهي ڪنهن به شيءِ تي دم ڪري کارائجي انشاء الله تعالي ڪهڙي به مرض هجي شفانصيب ٿيندي"سائيجن جون بيشار خدمتون ۽ ڪرامتون آهن سي لکجن ته جامع ڪتاب لکجي سگهن ٿا پر هتي حصول برڪت لاءِ هڪ واقعو لکجي ٿو ته هڪ دفعي مفسر قرآن سيد نعيم الدين مراد آبادي ۽ شيخ الحديث سيد احمد سعيد ڪاظي مدرسه عربيه حنفيه حفظ القرآن جونگ ڪالوني آيا سائيجن ٻنهي بزرگن جا هٿ چمي وڏي ادب ۽ احترام سان مليا خيريت معلوم ڪيائون ٻنهي بزگن فرمايو ته" اسان کي خواب ۾ حضور تاجدار مدينه راحت وسرورقلب و سينه حضرت احمد مجتبي محمد مصطفي ﷺ جن اوهان جي طبيعت پڇڻ ۽ بلا ناغه درود تاج شريف پڙهڻ جو حڪم فرمايو آهي"ٻنهي بزرگن سائجن کي فرمايو ته اوهان پنهنجي ڪا ڪرامت ٻڌايو سائيجن ادب سان عرض ڪيو ته قبله آءُ کٽي(سومرو)آهيان پنهنجي عمر يتيم ۽ معذورٻارن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪئي ۽ قرآن شريف پڙهايو آهي پر ٻنهي بزرگن ڏاڏو زور ڀريو ۽ فرمايو ته ڪرامت ضرور ٻڌايو جنهن تي سائيجن عرض ڪيو ته " الله تعالي ۽ مديني واري سرڪارﷺ جن جي فضل و ڪرم سان هن عاجز فقير کان (سواءِ بيماري جي ڏينهن کان) پوري زندگي درود تاج شريف،تهجد،اشراق،چاشت ۽ اوابين جي نماز ڪڏهن به قضا نه تي آهي "تنهن تي ٻنهي بزرگن فرمايو ته " سبحان الله ، الله اڪبر ! انهي کان مٿي ولايت ۽ ڪرامت ڪهڙي هوندي آهي"آخر ڪار مرد درويش ولي ڪامل صوفي باصفا عاشق رسول ﷺ فقير عبدالستار قادري نقشبندي رحمۃ الله تعالي عليه 3 ربيع الثاني 1423 هجري بروزآڱارو هن فاني جهان مان لاڏاڻو فرمايو.انا لله وانا اليه راجعون . الله تعالي کان دعا آهي ته اسان کي استاد سائين جن جي نقش قدم جي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ سائيجن جا درجات بلند فرمائي .آمين ثم آمين
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو