ڪتاب ننڍڙو شهزادو جو تنقيدي جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ حميده ميربحر طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2017۔

  1. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    تنقيدي تجزيانگار: حميده ميربحر

    تعارف

    آنتوان دُ سينٽ ايگزيوپيري فرانس جي ناول نگار جو لکيل ناوليٽ ”ننڍڙو شهزادو“ جنهن جوسنڌيءَ ۾ ترجموڊاڪٽر اسحاق انصاري ڪيو ۽ ماءِ پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. منهنجي نطر مان گذريو. سچ به ته ان ترجمي کي پڙهندي ڏاڍو سٺو لڳو ۽ دل چيو ته ان جي باري ۾ ٻه اکرضرور لکجن. سڀ کان پهرين اهو ٻڌائيندي هلان ته آنتوان دُ سينٽ ايگزيوپيري جنهن کي دنيا هڪ هواباز طور ت

    ناوليٽ ”ننڍڙو شهزادو“ جو تنقيدي تجزيو

    ي سڃاڻي ٿي پاڻ تمام بهترين ناول نگار پڻ رهي چڪا آهن. جنهن پنهنجي هوائي تجربن ۽ پيش آيل حادثن جي باري ۾ لکيو آهي، ”ننڍڙو شهزادو“ سندس شاهڪار ناوليٽ آهي جنهن کي دنيا جي تقريبا ٻه سئو پنجاه مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. چوندا آهن ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ترجمو ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي هوندو ۽ خاص طور تي جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي ڪنهن شاهڪار کي ترجمو ڪرڻو هجي ته اهو وري اڃان به وڌيڪ ڏکيو ڪم ٿي وڃي ٿو. پرڊاڪٽر اسحاق انصاري جي ترجمي ڪيل هن ”ننڍڙي شهزادي“ کي پڙهندي بلڪل ڪونه محسوس ٿيندو ته ڪو اسين ڪنهن ڌاري ٻوليءَ جو ناوليٽ پڙهي رهيا آهيون.

    بظاهر هي ناول ٻارن لاءِ لکيل ناول لڳي ٿو پر مان سمجھان ٿي ته هن ناول ۾ انساني احساسن جو ڀرپور عڪس چٽيو ويو آ ۽ هي ناول نه صرف ٻارن بلڪ هرانسان پوءِ اهو ٻار،نوجوان يا ڪنهن به عمر جو ڇو نه هجي ان جي احساسن جي ترجماني ڪندڙ آهي.

    ڊاڪٽر اسحاق جي چواڻي مطابق پاڻ اهو ناول سلوواڪ ٻوليءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿن. ۽ جڏهن اسين ان جي ٻوليءَ ۽ ڪردارن جو ڇيد ڪيون ٿا ته محسوس ئي نه ٿيندو ته ڪو هي ناول اوپريءَ ٻوليءَ مان آندل آ. ان ۾ تمام خوبصورت لفظن جي چونڊ ۽ احساسن جي ڀرپور عڪاسي ٿيل نظر اچي ٿي.

    ناوليٽ” ننڍڙو شهزادو “جي مختصر ڪهاڻي

    هن ناوليٽ کي ستاويهه بابن ۾ ورهايو ويو آ. انهن بابن جو تفصيل سان هتي ذڪر ڪرڻ ضروري ناهي فقط ايترو ٻڌائڻ ضروري ٿي سمجھان ته انهن سڀني بابن ۾ ناوليٽ جو هيرو جيڪو ننڍڙو شهزادو آ جيڪو ڪنهن گره (ايسٽرائيڊ بي ڇهه سئو ٻارنهن) تان آيو آ. ان گره تي ننڍڙي شهزادي وٽ هڪ گل ۽ ٽي ٻرندڙ جبل آهن جيڪي سندس ڪُل ملڪيت آهن. ان گل سان ننڍڙي شهزادي کي بيحد انسيت آ پر اهو گل ڏاڍو مغرور ۽ نخريلو آ. ۽ شهزادي کي ٽوڪيندو رهي ٿو. هڪ ڏينهن شهزادو ڪجھ اداس ۽ مايوس ٿي پنهنجو گره ڇڏي زندگيءَ جي باري ۾ ڪجھ سوالن جي جوابن جي تلاش ۾ نڪري ٿو، هوُ پنهنجي هئڻ جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو.۽ ان لاءِ هوُ مختلف گره گھمي ٿو مختلف ماڻهن سان ملي ٿو. جن ۾ بادشاه،خود پرست، شرابي، واپاري، بتين ٻارڻ وارو، جاگرافيدان، فانوس ٻارڻ وارو، نانگ ۽ لومڙيءَ سان ملي ٿو. ۽ ايئن ئي گھمندي گھمندي ڌرتيءَ تي اچي ٿو ۽ راويءَ سان هڪ صحرا يا بيابان ۾ ملاقات ٿئيس ٿي.

    ناوليٽ ”ننڍڙي شهزادي“ جو تنقيدي تجزيو

    احساسن ۽ روين جي ڪهاڻي

    ڪهاڻيءَ جو راوي جيڪو هڪ پائليٽ آ ان جو جهاز اڏامندي ڪنهن صحرا ۾ اچي ڪري ٿو. جهاز جي انجڻ خراب هئڻ ڪري في الحال سواءِ اتي صحرا ۾ رهي پنهنجو پاڻ کي بچائڻ ۽ اتان نڪرڻ جو حل ڳولهڻ ۾ گذاري ٿو ۽ اتي ئي راويءَ جي ملاقات ننڍڙي شهزادي سان ٿئي ٿي.

    هن ڪهاڻي جو راوي ڪهاڻيءَ جي شروعات ئي پنهنجي احساسن جي اّظهار سان ڪري ٿو. جنهن ۾ خاص ڪري هوُ پاڻ کان وڏن کي ڪجھ نا پسند ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته راوي سمجھي ٿو ته وڏا شين کي ان طرح نه ٿا ڏسن ۽ سمجھن جهڙي طرح هڪ ٻار ڏسي ٿو سمجھي ٿو ۽ پرکي ٿو. ان لاءِ جو هوُ سمجھي ٿو ته وڏا شين کي انهن جي ظاهري شڪل شبيهه سان ڏسن ٿا، مٿاڇري نظر سان پر جيڪو ظاهر نظر اچي ٿو اصل ۾ اهو ايئن هوندو ناهي. جيئن مثال طور هوُ ٻڌائي ٿو ته

    هڪ ڀيري هوُ هڪ وڏي نانگ کي ڪنهن وڏي جانور کي ڳڙڪائي هضم ڪرڻ جي تصوير ٺاهي ٿو ۽ جڏهن اها تصوير وڏن کي ڏيکاري ٿو تو هوُ ان کي سمجھي ئي نٿا سگھن .پر وري جڏهن ٻي تصوير جنهن ۾ساڳي منظر کي ڪجھ واضع انداز ۾ کولي سمجھائي ٿو ته پوءِ وڏن کي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي ٿي. پر پوءِ ٿئي ڇاٿو جو اُهي وڏا کيس ڊرائنگ ڪرڻ کان منع ڪري ڇڏين ٿا. ۽ ايئن ئي هڪڙو خال آ جيڪو سندس اندر ۾ رهجي وڃي ٿو...

    (ن.ش12)

    انساني فطرت جا مختلف روپ ۽ رويا

    ان ناوليٽ جي مختلف ڪردارن تي نظر وجھڻ سان محسوس ٿيندو ته ڪيڏي نه بهترين طريقي سان انسان جا مختلف روپ ۽ انهن جا رويا چٽيا ويا آهن. ايئن به چئي سگھجي ٿو ته هن ناوليٽ جي ليکڪ هن ناوليٽ جي ذريعي اسانکي مختلف انساني روين کي سمجھڻ جو هڪ موقعو ڏنو آ ته اسين ڏسون ۽ پسون ته زندگي ڪيترن مختلف ڪردارن سان ڀري پئي آهي. جڏهن هر گره تي شهزادي جي ملاقات ڪنهن ماڻهوءَ سان ٿئي ٿي ته انهن جي ڳاله ٻولهه مان اسين زندگي ءَ ڏانهن سندن رويي جي باري ۾ اندازو لڳائي سگھون ٿا.

    مثال طور بادشاه جو ڪردار جو ڇيد ڪيون ٿا ته عام طور تي بادشاهن لاءِ اهو تصور هوندو آ ته اهي پاورفل هوندا آهن جيئن جيڪو وڻين سو ڪري سگھن ٿا. پر هن ناوليٽ جو بادشاه جي ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ لاجڪ يا منطق به نظر اچي ٿي ته جڏهن شهزادو بادشاه کي چوي ٿو ته

    مونکي سج لهڻ جو منظر ڏسڻو آهي توهان سج کي حڪم ڏيو ته لهي وڃي ته ان تي بادشاه شهزادي کي چوي ٿوته

    جيڪڏهن مان ڪنهن جنرل کي حڪم ڏيان ته پوپٽ جيان هڪ گل کان ٻي گل تي اڏامي يا ڪو الميه ڊرامو لکي، يا پنهنجو پاڻ کي سمنڊ جي پکيءَ ۾ تبديل ڪري ۽ جيڪڏهن جنرل منهنجن حڪمن جي پوئواري نه ڪري سگھي ته ڪير ڏوهي هوندو.“ بادشاهه سوال ڪندي چيو، ”مان يا جنرل؟

    ” توهان. “ ننڍڙي شهزادي پڪ سان چيو.

    ” بالڪل، ڪنهن کان ڪا گھرج ڪرڻ کان اڳ اهو ذهن ۾ ضرور رکڻ گھرجي ته ڇا اها گھرج يا ڪم ڪرڻ جي صلاحيت هن وٽ موجود آهي. “

    بادشاهه وڌيڪ ڳالهائيندي چيو:”قابل قبول اختيارن جو بنياد دليل تي آهي. توهان جيڪڏهن پنهنجن ماڻهن کي چئو ته هو وڃي سمنڊ ۾ ٽپو ڏين ته اهي توهان جي خلاف بغاوت ڪندا. مون کي پنهنجن حڪمن جي اطاعت ڪرائڻ جو حق تڏهن آهي جڏهن منهنجا حڪم مناسب هوندا.

    (ن.ش48)...“

    مٿي حوالي طور ڏنل مثال مان ننڍڙي شهزادي(جيڪو ٻارڙو آ) ۽ بادشاه (جيڪو وڏو ۽ سمجھ وارو آ) انهن ٻنهن جي ڳالهائڻ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ٻار جي سوچڻ جو انداز ۽ رويو ڪهڙو آ ۽ وڏا شين کي ڪيئن ٿا ڏسن. وڏن جي سوچ ۽ رويو لاجيڪل۽ پريڪٽيڪل آهي پرٻار پنهنجي انداز سان شيون سوچي ٿو پوءِ انهن جو ڪو منطقي لاڳاپو هجي يا نه انهن کي ڪا پرواه ناهي.

    اڳتي هلي ڏسون ٿا ته هڪ ڪردار خود پرست جو به اسانکي ملي ٿو.. اها به انساني فطرت آهي ته ماڻهو پنهنجي ساراه چا هيندو اهي خاص ڪري اهي ماڻهو جيڪي خود پرست هوندا آهن اهي چاهيندا آهن ته سندن واکاڻ ڪرڻ وارو ڪو هجي. ايئن ئي خود پرست ننڍڙي شهزادي کي تعريف ڪرڻ لاءِ چوي ٿو۽ پڇي ٿو ته

    ”ڇا تون واقعي به مون کي ساراهين ٿو؟

    ” ساراهه جي معنى ڇا آهي؟“

    ”” تعريف جي معنى اها آهي ته تون مون کي خوبصورت، خوش پوش، شاهوڪار ۽ هن گرهه جو ذهين ترين ماڻهو سمجھين ٿو. ( ن ش.52)

    هن ناوليٽ ۾ ٻيا به کوڙ سارا ڪردار آهن جيئن شرابي، ٽن پتين وارو گل، نانگ، جبل ۽ ٻيا کوڙ سارا،پر سڀني ڪردارن کي اسين جيڪڏهن تفصيل سان لکنداسين ته تمام ڊگھو بحث ٿي ويندو. چوڻ جو مقصد اهو آ ته اهي سڀ ڪردار ڪٿي نه ڪٿي ڪجھ نه ڪجھ زندگيءَ جي باري ۾ ڏسيندا ۽ سمجھائيندا هلن ٿا پر مان هتي خاص طور ٿي ذڪر ڪندس ان ڪردار جو جنهن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان پوءِ ننڍڙي شهزادي جي زندگيءَ ۾ هڪ ٽرننگ پوائنٽ اچي ٿي. يا ايئن چئون ته ننڍڙي شهزادي کي پنهنجي سوالن جا جواب ملي وڃن ٿا ۽ ان کي پنهنجي زندگيءَ جي اصل مقصد جي ڄاڻ ملي وڃي ٿي. ۽ اهو ڪردار آهي لومڙيءَ جو، لومڙي جنهن جي باري ۾ عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو آ ته اهو هڪ چالاڪ ۽ مڪار جانور آ ۽ پنهنجي شڪار کي ڦاسائڻ لاءِ مختلف سٽون سٽيندو آهي پر هن ناول، ننڍڙي شهزادي ۾ ان کي هڪ ڏاهي ۽ عقلمند جانور طور تي ڏسيو ويو آ جيڪو زندگيءَ جي اصل رمز ڄاڻي ٿو.۽ ڀٽڪيلن کي ان جي صحيح منزل تي رسائڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو.

    ننڍڙو شهزادو اداس گھمندو جڏهن لومڙيءَ سان ملي ٿو ته ان کي منٿ ڪري ٿو ته

    ”اچ مون سان کيڏ.“ ننڍڙي شهزادي تجويز ڏيندي چيو: ”مان ڏاڍو ڏکويل آهيان.“

    ”مان توسان کيڏي نه ٿي سگھان مان پالتو ناهيان.“ لومڙيءَ وراڻيو...

    ”پالتو جو مطلب ڇا آهي؟...“

    ”” اهو اهڙو عمل آهي جيڪو هميشه نظر انداز ڪيو ويو آهي. ان جو مطلب آهي ٻنڌڻ قائم ڪرڻ “ لومڙي چيو.(ن.ش.80)

    انهن ننڍڙن جملن ۾ تمام وڏي معني سمايل آهي بظاهر ايئن لڳي ٿو ته اهي عام چيا ويندڙ جملا آهن پر ناوليٽ جو ليکڪ شايد اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته اسين هر ڪنهن سان هري مري ڪونه ٿا وڃون. ڪنهن کي پنهنجو ڪرڻ لاء لازمي آهي ته پهريان هري مري وڃون ان کي پنهنجائپ جو احساس ڏياريون ڪنهن سان گڏ گھارڻ لاءِ ضروري آ ته ان کي پنهنجي هير وجھون ۽ ان کي پاڻ ڏانهن هيرايون.ان سان وقت گھاريون. ڪيڏي نه سٺي انداز ۾ لومڙي وڌيڪ سمجھائي ٿي ته

    ”” تون منهنجي لاءِ اڃان تائين هڪ ننڍي ٻار کان وڌيڪ ڪجھه به ناهين. اهڙي ريت جيئن سوين ٻيا ننڍا ٻار آهن. ۽ مون کي تنهنجي ضرورت ناهي ۽ توکي وري منهنجي ضرورت نه هجڻ کپي. تنهنجي لاءَ مان به ٻين سوين هزارين لومڙين جيان هڪ لومڙي آهيان. پر جي تون مون کي پالين ته پوءِ اسان کي هڪٻئي جي ضرورت پوندي. پوءِ تون مون لاءِ هن دنيا ۾ خاص بڻجي ويندين ۽ مان وري تنهنجي لاءِ خاص بڻجي پونديس هن دنيا۾.“(ن.ش80)

    هاڻي هتي ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ليکڪ جو اشارو ان ڳالهه ڏانهن آهي ته بغير ڪنهن اُنسيت جي ڪنهن سان ملڻ جلڻ ۽ هڪ خاص رشتو قائم ڪرڻ ٻه الڳ الڳ ڳالهيون آهن. روزانو اسين الائي ڪيترن ماڻهن سان ملون ٿا ڳالهايون ٿا وقت گذاريون ٿا پر انهن ماڻهن سان اسان جي جيڪڏهن ڪا خاص انسيت ناهي ته پوءِ اهڙن ماڻهن سان ڪو لاڳاپو يا دل جو جڙاءُ نٿو ٿئي. پر دل جو جڙاءَ ڪجھه خاص ماڻهن سان ٿئي ٿو. ۽ پوءِ جنهن سان ڪو اهڙو رشتو جڙي پوي ٿو ته پوءِ ان لاءِ هڪ احساس ذميواري به جاڳي ٿي . ان جي خوشين ،خواهشن جو ازخود خيال رکڻو پوي ٿو.

    زندگي جي مڪملتا ڪيئن ٿي ٿئي؟ ڪڏهن پنهنجو پاڻ آسودو محسوس ٿو ٿئي؟ اهو سوچڻ ۽ ڪنهن کي ياد ڪرڻ اهو سڀ ڇا آهي؟ ان کي سمجھڻ لا ليکڪ لومڙيءَ جي واتان سمجھائي ٿو ته

    ”ڪا به شي مڪمل ناهي.“ لومڙي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو: ”منهنجي زندگي به يڪسانيت واري آهي. مان ڪڪڙين جو شڪار ڪيان ٿي ۽ ماڻهو ور ي منهنجو شڪار ڪن ٿا. سڀ ڪڪڙيون به ساڳيون آهن ۽ ماڻهو به ساڳيا آهن. جنهنجي نتيجي ۾ مان بور ٿي پئي آهيان. پر جي تون مون کي پاليندين ته اهو ايئن هوندو ڄڻ سج منهنجي زندگيءَ ۾ چمڪڻ شروع ڪيو هجي. مان هڪ قدم جو آواز ٻين قدمن کان مختلف ٻڌڻ لڳنديس. ٻيا قدم مون کي جلدي ۾ پنهنجي ٻِر ۾ لڪڻ لاءِ مجبور ڪندا آهن. پر تنهنجن قدمن جو آواز مون کي موسيقيءَ جيان پنهنجي ٻِر مان ٻاهر ڪڍندو. ۽ ٻُڌ، تون سرسبز ٻنيون ڏسين ٿو؟ مان ماني نه کائيندي آهيان. ڪڻڪ منهنجي ڪنهن ڪم جيناهي. نه ئي اهي ڪڻڪ جون ٻنيون مون لاءِ اهميت رکن ٿيون. جيڪو پنهنجي جڳهه تي افسوس لائق به آهي. پر تنهنجن وارن جو رنگ سونهري آهي. سوچ اهو ڪيڏو نه شاندار هوندو جڏهن تون مون کي پاليندين. ڪڻڪ جا سنگ جيڪي پڻ سونهري آهن اهي مون کي تنهنجي ياد ڏياريندا رهندا. ۽ مون کي ڪڻڪ ۾ ويهي هوا کي ٻُڌڻ سٺو لڳندو...(ن.ش81)...“

    اهو سڀ ۽ انسان گڏ ان ساڳي باب جو جڏهن ڪجھ ٻيون سٽون پڙهجن ٿيون ته ايئن لڳي ٿو ته هن ناول جو ليکڪ ڪيڏي نه فلاسفيڪل انداز ۾ سمجھائي ٿو ته بظاهر زندگيءَ جي ڪا اهميت ناهي سڀني جو انت موت آ پران زندگيءَ جي سڄي عرصي ۾ اهي پل اهميت رکن ٿا جن ۾ محبتن جو ساٿ آهي، ڪو خاص جيڪو توهانجي نظر ۾ٻين کان خاص آهي الڳ آهي ان جي هجڻ جو احساس ئي توهانجي زندگيءَ کي اصل سونهن ۽ معني بخشي ٿو. پوءِ موت يا موت جو ڊڄ به بي معني ٿي وڃي ٿو ۽ انسان پنهنجي زندگي کلندي خوشيءَ سان تياڳڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.

    ان ساڳي ئي باب ۾ لومڙي چوي ٿي ته زندگيءَ جا معامرا رڳو اهي ماڻهو ئي سمجھي سگھن ٿا جيڪي ڪنهن کي ريجھائي ڄاڻن. ۽ ماڻهن وٽ ايترو وقت ئي ناهي جو انهن ڳالهين تي سوچين. انلاءِ ماڻهو اڪيلا آهن انهن وٽ دوستن جي ڪمي آهي.هڪ هنڌ شهزادو لومڙيءَ کان پڇي ٿو ته

    ” تو کي ريجھائڻ لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو؟

    ”پهريان ته توکي صابر ٿيڻو پوندو. توکي مون کان پري ويهڻو پوندو، جيئن هاڻي. مان پنهنجين اکين جي ڪنڊ مان توکي ڏسندي رهنديس ۽ تون مون کي ڪجھه به نه چوندين. لفظ غلط فهمين جو سبب آهن. پر هر ڏينهن تون منهنجي ويجھو ايندو ويندين .(ن.ش82).“

    ڪيڏي نه وڏي ڳالهه سمجھائي وئي آ ته سٺي تعلق لاءِ صبر ڪرڻ ڪيڏي اهميت رکي ٿو. انسان جذباتي هوندو آ هر شيءِ کي حاصل ڪرڻ جي جلدي هوندي اٿس. اها جلدي ۽ اٻهرائپ نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿي.ان لاءِ صبر کان ڪم وٺڻ گھرجي.۽ لفظن جي اهميت جي باري ۾ چوي ٿو ته لفظ غلط فهمين جو سبب بڻجن ٿا ان لاءِ خاموشي اختيار ڪجي. ان ڳالهه تي گھڻن کي اختلاف به ٿي سگھي ٿو پر اها به حقيقت اهي ته ڪڏهن ڪڏهن خاموشيءَ جي زبان چيل لفظن کان وڌيڪ اهميت رکندي آهي..

    لومڙيءَ جي ڳالهين ۾ انتظار ڪرڻ جي ڪيفيت ۽ انتظار ڪرڻ جو به تمام پر اثر ذڪر ملي ٿو . انتظار جو الڳ الڳ ڪيفيتون بيان ڪري ٿي.. ريتن رسمن جو ذڪر به تمام اهميت وارو ڪيو اٿس مطلب ته هن ننڍڙي باب ۾ زندگيءَ جا کوڙ سارا راز پروڙيا اٿس جن جو حوالوڏيڻ تي اچون ته هي سڄو باب ۽ ان جي هڪ هڪ سٽ ڪوٽ ڪرڻ جهڙي آ..شهزادي جي لومڙيءَ سان ملاقات ۽ ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه کان پوءِ شهزادي کي احساس ٿئي ٿو ته هن پنهنجي گل کي اڪيلو ڇڏي غلط ڪيو آ ان لاءِ شهزادي کي واپس پنهنجي گره تي پنهنجي گل ڏانهن وڃڻ گھرجي. هن کي احساس ٿي چڪو آ ته سندس غير موجودگيءَ ۾ گل جي سنڀال ڪير ڪندو؟ اهڙيءَ طرح ننڍڙو شهزادو پنهنجي گره ڏانهن واپسيءَ لاءِ نانگ کان پاڻ کي ڏنگ هڻائي ٿو .. اها پاڻ تياڳڻ جي جيڪا ڪيفيت ۽ جذبو اڀري ٿو ان کي ليکڪ ڏاڍي ڪمال سان ان کي لکيو آ.

    نتيجو

    مجموعي طور تي هن ناوليٽ کي پڙهڻ ۽ سمجھڻ کان پوءِ ان جو ڇيد ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته واقعي به اهو هڪ شاهڪار ناوليٽ آهي جنهن ۾ سادن سودن لفظن ۾ زندگيءَ جي فلسفي کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. خاص طور تي جيڪو رشتن جو ڳانڍاپو ۽ ان جي اهميت بيان ڪئي وئي آ اها واقعي به ڪمال جي آهي.. انساني فطرت ۽ احساسن کي ڀرپور انداز ۾ چٽيو ويو آ.. انساني زندگي جيڪا لالچ ۽ لوڀ سان ڀري پئي آ اتي محبتن جو احساس ماڻهوءَ کي معراج بخشي ٿو.۽ زندگيءَ کي اصل معني بخشي ٿو.

    آنتوان دُ سينٽ ايگزيوپيري ته ڪمال ئي لکيو آ پر ترجمو ڪندي ڊاڪٽر اسحاق جيڪا لفظن جي چونڊ ڪري ان ۾ جيڪي احساس ڀريا آهن اهو واقعي به هر ترجمي نگار جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي. جيئن ته اسحاق انصاري پاڻ فڪشن رائيٽر آهن انهن کي اها خبر آ ته ڪهڙا لفظ ڪيئن ۽ ڪٿي استعمال ڪري سگھجن ٿا. ڌاري ٻوليءَ جي ناوليٽ کي پنهنجو ڪري ڇڏڻ اهو فن ڊاڪٽر اسحاق جو ئي ڪمال آ ته جڏهن پڙهندڙ پڙهي ته انجي دلچسپي ۽ ڌيان مسلسل ڳنڍيل رهي.. مون هي ناوليٽ هڪ ئي ويهڪ ۾ پڙهي پورو ڪيو ڇاڪاڻ ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي ٻيو ڪجھ ڪرڻ تي دل نه پئي چاهيو. ۽ اها ئي هڪ ڪامياب لکڻيءَ جي نشاني آ.. لفطن جي سحر م پنهنجي پڙهندڙ کي جڪڙي ڇڏڻ ئي اصل ڪاميابي آ.

    نوٽ

    هن ناوليٽ کي ڪوٽ ڪندي ان جي ريفرنس طور ن. ش جا اکر استعمال ڪيا ويا آهن. جتي جتي به ن.ش نظر اچي ت ان کي ن .ننڍڙو+ ش. شهزادو پڙهيو وڃي
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو