غزل سعيد سومرو هڪ دفعو ڀاڪر ڀريو تو، سيءَ ۾، عمر مان ڏڪندو رهيس پو، سي ۾. هير ٿڌڙيءَ سان گھٽيءَ مان حيدري، ڪئن نه ’حق حق‘ ٿي ڪندو ويو، سيءَ ۾. گرم تنهنجن قربتن جي مٽ نه آ، ساٿ تنهنجين سارڻين جو، سيءَ ۾. ڇا ٿيو، جي لاهي چادر پيرَ تان، ساڌ ننگي تي وڌي تو، سيءَ ۾. چاندنيءَ ۾ پيچرا ڪو پُور هن، ماٺ کي آ تنهنجو لهجو، سيءَ ۾. صبح ساجهر ريڙهي ڪڍندي روڊ تي، ڪيڏو ٿڙڪي ٿو ڪراڙو، سيءَ ۾. ڪير نڪري سڏ ورنائي ’سعيد!‘ ديش سارو، سانت - سوگھو، سيءَ ۾.