اعلى تعليم بي لاڀ ڇو بڻيل آهي؟ (شجاع مهيسر)

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    مانواري سائين پروفيسر شجاع مهيسر صاحب جو اڄوڪي ڪاوش ۾ آيل مضمون ::
    *********************
    اعليٰ تعليمي ادارن جو مقصد صرف اھو ڪو نه آھي ته اھي شاگردن کي تعليم ڏئي انھن کي سندون ڏين پر حقيقي مقصد اھو آھي ته اھي ملڪ جي پاليسين ٺاھڻ ۾ پنهنجو ڀرڀور ڪردار پڻ ادا ڪن. اعليٰ تعليمي ادارن ۽ پاليسي ٺاھڻ وارن ادارن ۾ اھڙي قسم جو تعلق ختم ٿيندو پيو وڃي نتيجي ۾ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ٿيندڙ تحقيق بي الپ ثابت ٿي رھي آھي، ڇو ته تحقيق ڪرڻ لاءِ اھو ضروري ھوندو آھي، ته اھڙي موضوع جي چونڊ ڪجي، جنھن سان ملڪ جي بهتري ٿٿي. عام ماڻھن جي مسئلن جو ڪو حل نڪري ۽ نئين نسل لاء ڪو نئون علم. نون خيال ۽ نوان نظريا ۽ نون طريقا دريافت ٿي سگھن ته جيئن سماجي ۽ اقتصادي تبديلي جي رفتار کي وڌائي سگھجي، پرحقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته صنعت ۽ تحقيق جي وچ ۾ ڪٺھن به قسم جو رابطو ڪونھي، وري جيڪڏھن حال ۾ ٺهندڙ پاليسين جو تجزيو ڪجي ته معلوم ٿيندو ته پاليسي سازي جو ڪم ڪندڙن جي تاريخ ۾ ڪا دلچسپي ڪونھي. ۽ اھي ماضي مان سبق پرائڻ بدران غلطين کي بار بار ورجائي رھيا آھن ان جو نتيجو اھو ٿو نڪري جو اسانجي ملڪي پاليسي پوء اها ڏيھي پالسي ھجي يا وري کڻي پرڏيهي پاليسي ھجي. ناڪام ٿيو وڃي.
    تعليم ۽ تحقيق ۾ رڪاوٽون :
    نصابي سرگرمين جي حولي سان ڏسبو ته خبر پوندي ته نصاب تي ڪو خاص توجھه ناھي. اعليٰ تعليمي ادارن ۾ جيڪو نصاب وڃي ٿو اھو پرڻو ۽ مدي خارج ٿي چڪو آھي اھو اسانجي مسئلن جو حل نٿو ٻڌائي سوشل سائنس جو نصاب شاگردن ۾ نواڻ Creativity ۽ ‏ Criticlal thinking واريون صلاحيتون اجاگر نٿو ڪري. اھو انهن کي ھنر نو سيکاري. جنهن ڪري بٻيروزگارن جو لشڪر وڌندو پيو وڃي. اھڙو نصاب شاگردن کي معاشري ۾ رھڻ جا طور طريقا نٿو ڌائي ۽ نه وري سماجي قدرن جي افاديت واضح ڪري ٿو غير نصابي سرگرمين، جيڪي شاگردن کي دماغي توائي جو ذريعو ھجن ٿيون، جي پڻ شديد اڻاٺ آھي حقيقت ۾ نصاب جو مقصد اسانجي سماجي قدرن جهڙوڪ: ايڪو ٻڌي امن، ڀائيچاري. مهمان نوازي مذھبي ۽ سياسي سهپ ۽ جمهوري روين کي ھٿي وٺائڻ آھي. نصاب کي سماجي برين جهڙوڪ، رشوت خوري، غربت بيروزگاري، جهالت. معاشي اڻبرابري، عورتن تي تشدد ۽ ڪاروڪاري واري رسم جي ظلم کي اجاگر ڪرڻ کپي. تحقيق ڪرڻ ورن جي عدم دلچسپي به تحقيق جي شعبي کي متاثر ڪيو آھي. ان کان عالوه تحقيقي سامان جي عدم فراهمي تحقيق سان ويساه گھاتي جو اھم سبب آھي. اڄڪلھه وري ادبي ۽ تحقيقي چوري به عام جام آھي يعني پرائو مضمون پنهنجي نالي سان ڇپائڻ مود انٽرنيٽ تان چوري ڪري پنهنجو ڄاڻائي ڇپرائڻ يا وري مقالي ۾ شامل ڪرڻ جي ڏوھه کي Plagiarism چيو وڃي ٿو غير نصابي سرگرميون شاگردن جي زندگي ۾ نصابي سرگرمين کان علاوه غير نصابي سرگرميون به انتهائي اھم هونديون آھن، جيڪي شاگردن کي پنهنجي شخصيت سنوارڻ ۾ مدد ڪنديون آھن سڌريل ملڪن جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين کان علاوه عام ماڻهن جي ڀلائيءَ واري ڪم ۾ رضاڪاراڻي طور خدمتون پڻ سرانجام ڏيندا آھن مثال طور: شاگرد پنهنجي پنهنجي يونيورسٽي جي آس پاس ۾ رھندڙ ماڻھن کي مختلف ھنر سيکارڻ جو ڪم ڪندا آھن. ان کان علاوه اھي رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي پنھنجي اداري ۾ صفائي سٿرائي جا ھفتيوار ڏينھن ملهائيندا آھن ان سان گڏو گڏ ماحوليات جي بقاء لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن جا به ٻانھن ٻيلي ٿيندا آھن اسانجي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اھڙي قسم جي شديد کوٽ آھي. ان ڪري اھو الزام آھي ته شاگردن ۾ رضاڪاراڻي ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو وڃي ۽ انھن لاء تاحيات تنظيمون ٺاھي انهن کي اھو احساس ڏياريو وڃي ته ڊگري ختم ڪرڻ کان پوء به انھن ڄو يونيورسٽي سان ھڪ مضبوط الاڳاپو رھڻ کپي.
    ادارن ۾ سهولتن جي کوٽ :
    اڪثر تعليمي ادا مقرر وقت تائين ڪم نـه ٿا ڪن ۽ تمام گهٽ اھڙا ادارا آھن جيڪي شاگرن کي 24 ڪلاڪ پڙهائي ۽ تحقيق جي سهولت ڏين ٿا. ٿوري وڦت ملڻ جي صورت ۾ استاد صاحبان پٺهنجي دفتر جو ڪم کڻي وڃي گهرن ۾ ڪن ٿا. جنھن سان نه صرف انهن جي پنھنجي صحت متاٿر ٿئي ٿي پر گهر ڀاتين سان تعلقات تي به ناڪاري اٿر پون ٿا. اڪثر ادارن ۾ استادن جي آفيسن جي کوٽ، فرنيچر جي عدم دستيابي. تعليمي ۽ تحقيقي سامان جي کوٽ، لوث ھجڻ سرفهرست آھن ٽٽل روڊن ۽ رستن ۽ صفائيء جي ناقص نظام، تعليمي ادارن جي تصور کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آھي.
    ناقص تعليمي سرشتو :
    اڪثراعليٰ تعليمي ادارن ۾ اڃان تائين ڪارو بورڊ ۽ اڇو چاڪ استعمال ٿئي ٿو ڪٿي ته وري اھڙي سهولت پڻ اڻلڀ آھي. Multimedia تي ليڪچر ڏيڻ واري روايت قائم نه ٿي سگهي آھي ڪلاسن ۾ شاگردن جي حاضري به نالي ماتر آھي. اڪثر ڪري اھو ڏٺو ويو آھي ته تعليمي ادارن ۾ امتحاني نظام به خامين جي ور چڙھيل آھي، نتيجي ۾ هوشيار شاگردن به محنت ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي شام جو پڙهايا ويندڙ ڪورس ۽ پرائيويٽ ڊگري پروگرامن مجموعي طور تي ڊگرين جو وقار ختم ڪري ڇڏيو آھي پئسي عيوض بغير پڙھي لکي ڊگري ملڻ انتهائي نامناسب عمل آھي
    غيرفعال انتظاميا:
    تعليمي ادارن ڄي انتظاميا وري اٺنهن ادارن جو Elite Class سمجهيو وڃي ٿو انهن کي جيڪو وڻين ٿو سو ٿا ڪن شاگردن کي ته ٺهيو پراستادن کي به پنهنجي آفيسن جو ٻار ٻار طوف ڪرائين ٿا انتظاميا جي آفيسن ۾ استاد پنھنجي ڪم ڪارين ورن فائيلن کي ڳولھڻ ۾ر يورا هوندا آھن ۽ اتي ويٺل پاڻ کي آفيسر سڏائيندڙ فائيلن کي لڪائڻ ۾ مشغول ھوندا آھن بدقسمتي سان اسانجي تعليمي ادارن ۾ File- Trackinh جو ڪو به نظام قائم نـه ٿي سگهيو آھي.
    تعليمي ادارن جو اندروني ڪلچر:
    تعليمي ادارن ۾ نين نين بيمارين اچي گھر ڪيو آھي. اقربا پروري. بدعنواني ۽ ھراسان ڪرڻ جنسي فرق، ڌمڪائڻ ڊيڄارڻ عام آھن اھڙين ٻلائن مقدس تعليمي ادارن کي به نه بخشيو آھي، جنھن ڪري استاد ۽ شاگرد جو رشتوداء تي لڳل آھي استاد تيزي سان پنهنجي عظمت ۽ مان مرتبو ڇائي رھيا آھن، شاگرد وري زندگي جو قيمتي وقت ضائع ڪري رھيا آھن انتظاميا اھو تماشومزي سان ڏسي رھي آھي.
    موثر رابطي جي کوٽ:
    دنيا تبديل ٿي وئي آھي. رابطن جا نون نون ذريعا استعمال ٿيڻ لڳا آھن سريل ملڪن ۾ انٽرنيٽ ماڻهن جي رابطن سرڪاري ۽ غير سرڪاري لکپڙه جو اھم ذريعو بڻجي چڪو آھي ۽ ڪاغذ جو استعمال گهٽ کان گهٽ ٿي رھيو آھي پراسانجي ملڪ ۾ لکپڙه لاء اڃان تائين ڪاغذ جو جهجهو استعمال ٿئي ٿو ۽ ڪاغذ جي درآمد تي بجيٽ جو ڳچ حصو خرچ ڪيو وڃي ٿو نتيجي ۾ اڪثر ڪري ڏٺو ويو آھي ته آفيسن جون الماڙيون انھن استعمال ٿيل ڪاغذن جون آخري آرام گاهه بڻجن ٿيون. انھن سرڪاري ڪاغذن کي ڳاڙھي ڪپڙي ۾ ويڙھي ڳنڍ ٻڌي رکيو وڃي ٿو جيڪڏھن تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻو آھي ته رابطي کي موثر ۽ تيز ڪرڻ لاء نئين ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌائڻو پوندو ان کان علاوه پنهنجي ڪم ڪرڻ جو ڍنگ ۽ انداز بدلائڻو پوندو رابطي جي زبان کي درست ڪرڻو پوندو مثال طوراستاد ۽ شاگرد کي ڪيئن ھڪ ٻئي سان ڳالهائڻ کپي استاد ۽ انتظاميا جو ھڪ بئي سان رويو ڪيئن ھجڻ کپي، اھو طئي ڪرڻ النمي آھي جيڪڏھن اسان رابطي ۾ رڪاوٽون دور ڪري وياسين سمجهو آڏو مسئلا حل ٿي ويا. عام طرح ڏٺو ويو آھي ته اڪثر جهيڙن جهڳڙن جو بنيادي ڪارڻ غلط فھمي ۽ لفظن جو نامناسب استعمال ھوندو آھي.
    Shuja Mahesar
     
    سليمان وساڻ ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو