جيوٽيگنگ : هاڻ ڪمپيوٽر کان ڪجهه به ڳُجهو ناهي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان فلمن ۾ به ڏٺو هوندو ته، هڪ چور جي سي.سي.ٽي.وي ڪئمرا ۾ تصوير ملي ٿي وڃي ۽ ان جي سڃاڻپ ڪرڻ لاءِ ان تصوير کي سي.آءِ.ڊي وارا پنهنجي پروگرام ۾ وجھن ٿا ته خبر پوين ٿي ته هِي شخص فلاڻو آهي. ! ڇا اهو سوچيو اٿئو ته اهو ڇا آهي؟ ڪمپيوٽر کي ڪهڙي خبر ته هِي شخص اُهوئي آهي، سيڪنڊن ۾ ڳولهي ڏئي ٿو!! سابه حقيقي معلومات!؟ هلو اها پري جِي ڳالھه، ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته فيسبوڪ تي توهان هڪ تصوير اپلوڊ ٿا ڪريو ته توهان کي فيسبڪ طرفان صلاح ٿئي ٿِي ته هن ڦوٽو ۾ توهان جو فلاڻو دوست نظر اچي پيو کيس ٽيگ ڪريو، يا پاڻمرادو ٽيگ ٿيو وڃي..! اهو ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿو! اڄ توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته ان ٽيڪنالاجيءَ کي جيوٽيگنگ چون ٿا.
    جيو ٽيگنگ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ بهترين فيچر آهي جنهن ذريعي ڪوبه شخص، ڇِڪيل تصوير متعلق معلومات حاصل ڪري سگھي ٿو ته هِي تصوير ڪهڙي جڳهه تي ورتي وئي آهي ۽ هِي تصوير ڪنهن جي آهي يا ڇا جِي آهي مطلب ته ان فيچر ذريعي ماڻهون اهو ڄاڻي سگھن ٿا ته توهان سج جي لهندڙ منظر جي تصوير ڪٿي ڇِڪي آهي يا توهان جي ڇڪيل تصوير ۾ ڪير ڪير نظر اچن ٿا. اهڙي معلومات توهان کي پنهنجا ڦوٽوز سنڀالڻ يا منظم طريقي سان رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿِي.
    جيو ٽيگنگ هڪ اهڙو پراسيس آهي جيڪو ڦوٽوئن، وڊيوز، ايس.ايم.ايس يا ويبسائٽن ۾ جغرافيائي سڃاڻپ کي شامل ڪري ٿو.
    توهان جِي جيڪڏهن فيسبڪ آئي.ڊي ٺهيل آهي ته فيسبڪ توهان جي چهري جِي ڊگھائي، ويڪر، نڪ جي ويڪر، اکين جي ويڪر وغيره، سڀ ڪُجھ محفوظ ڪري رکي ٿو، پوءِ جيڪڏهن ڪوبه توهان جو دوست يا مائٽ توهان جي تصوير اپلوڊ ڪري ٿو ته فيسبڪ ان کي ٻُڌائي ٿو ته توهان جي اپلوڊ ڪيل تصوير ۾ فلاڻو شخص آهي ڇا توهان انکي ٽيگ ڪندئو؟ ڪڏهن ڪڏهن ته فيسبڪ پاڻ ئي ٽيگ ڪريو ڇڏي! منهنجا سائين! اها ئي جيوٽيگنگ آهي جيڪا پاڪستان جي مدرسن جي ڪئي پئي وڃي ته جيئن دهشتگردي کي روڪي سگھجي.
    ياد رکو! توهان جيڪا به تصوير ڇِڪيو ٿا، ائنڊرائيڊ سسٽم ان ۾ جيوٽيگنگ شامل ڪريو ڇڏي، جيڪا معلومات ڪڏهن ڪڏهن توهانکي نقصان به ڏئي سگھي ٿِي، پر اڪثر فائدو ڏيندي آهي.
    جيڪو ٽيگنگ ڪئمرا آن ڪرڻ مهل پاڻمرادو آن ٿيو وڃي، جيڪو بند پڻ ڪري سگھجي ٿو، جيو ٽيگنگ ذريعي هن وقت نه صرف گوگل ۽ فيسبڪ پر دنيا جون کوڙ ساريون ڪمپنيون پنهنجن موبائل ايپليڪيشنز ۾ استعمال ڪري رهيون آهن. اڪثر ڪئمرا واريون ايپليڪيشنز جيوٽيگنگ استعمال ڪندي توهانجي ڇِڪيل ڦوٽوز جي معلومات محفوظ ڪري وٺنديون آهن.
    ٿيندو هيئن آهي ته توهان جڏهن به ڪا تصوير ڇڪيند آهيو ته موبائل (هاڻ ته ڊجيٽل ڪئمرا پڻ) توهان جي موجوده لوڪيشن سميت آبجيڪٽ بابت هر معلومات جي هڪ فائل ٺاهي توهان جي تصوير ۾ شامل ڪري ڇڏيندو آهي.
    تصوير بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ توهانکي تصوير ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻي پوندي، ان کان پوءِ تصوير تي مائوس سان رائٽ ڪلڪ ڪري Properties جي آپشن ۾ وڃي، اتان ”ڊٽيلس“ جي آپشن ۾ وڃڻو پوندو، جتي تصوير بابت هرمعلومات لکيل هوندي آهي، ته تصوير ڪٿي، ڪڏهن، ڪهڙي موبائل تان، ڪيترو پري، فليش جي يا بنافليش جي ورتي وئي آهي.
    نموني لاءِ هڪ اسڪرينشاٽ ڏِجي ٿو.
    [​IMG]
     
  2. احمدخان

    احمدخان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جولائي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا عبيدٿهيم اوهان هميشه ڪارائتي معلومات اسان اڳ انهيءَ کان بي خبر هئاسين اوهان اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪيو اوهان جا قرب
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    زبردست معلومات
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو