ديپ جيان هو يار ٻري ٿي ____________ ديپ جيان هو يار ٻري ٿي قهرڪري ٿي قهر ڪري ٿي .... جيءُ جلائي پاڻ به ساڙي جرڪائڻ هي دنيا گهري ٿي شعله شعله شوق ۾ شامل سڪ سوايو سور سري ٿي هن جي محبت من ۾ آهي چاهت الفت يار چري ٿي روشن جنهن سان روح رهي ٿو هاءِ هي صورت ڪيئن ڀري ٿي لبستم دائودپوٽه