ملڪه ترنم ميڊم نورجھان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ملڪه ترنم ميڊم نورجھان (2000-1926)

    ڪامريڊ ڪريم بلوچ

    ميڊم نورجھان 21- سيپٽمبر 1926ع تي ڳوٺ ڪوٽ مراد لڳ قصور شھر ۾ پيدا ٿي، والدين پاران مٿس الله وسائي نالو رکيو ويو هو. پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن کان تيرهين نمبر تي هئي. 7 ڀينرون ۽ 6 ڀائر هئا. 3 ڀائر ذهني مريض هئا، جيڪي پاڳل خاني ۾ داخل ٿيل هئا.
    نورجھان سموري زندگي پنھنجي خاندان جي مالي مدد ڪندي رهي. نورجھان ننڍپڻ ۾ سنهي نفيس خوبصورت، وار ڪارا، اکيون چمڪندڙ وڏيون هيون. اول ”ڪوهنور يونائيٽيڊ آرٽس“ جي سٿ ۾ شامل ٿي ۽ پوءِ انهن جي ڪجهه فلمن ۾ به ڪم ڪيو. ان کان بعد وري وڃي ”سيون يونائيٽيڊ آرٽسٽس“ جي سٿ ۾ شامل ٿي ۽ پوءِ انهن جي ڪجهه فلمن ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا. ان وقت ان جي فلم ”پنيت پون“ عام منظر تي آئي هئي. نورجھان چئن سالن جي عمر ۾ فلم ۾ ڪم ڪندي جلد مشھوري ماڻي ورتي هئي. هو پنھنجي پيدائش مخفي رکڻ جي سدائين خواهشمند هئي. 1967ع ۾ ڪنھن اخباري نمائندي سوال ڪيو هو ته نوري تنھنجي عمر ڪيتري آهي؟ نورجھان جواب ڏنو ته مردن جي تجربي مان توهان کي ٻڌايان ٿي ته زندگي مردن جي تجربي جي لحاظ کان منھنجي عمر هميشه سئو سال رهي آهي؟!! (نورجھان جي والد رضوي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، پوءِ رضوي ان جي پيدائشي سرٽيفڪيٽ قصور مان گهرايو هو، جنھن ۾ نوري جي ماءُ جو پيشو طوائف ڄاڻايل هو. ان دستاويز مطابق سندس جنم 21- سيپٽبر 1926ع لکيل هئي،اهو نقلي سرٽيفڪيٽ هو.) نورجھان پنھنجي زندگي ۾ ڏک سک به ڏنا هئا ۽ ڏکيا ڏينھن به سندس آيا هئا. سندس. شاديون ۽ طلاق، دل شڪستي، الزام، غير سنجيده معاشقي، شھرت، دولت تنھائي ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ مسلسل بيماري به ڏٺيون هيون. پر هو ڪڏهن به ڪنھن جي رحم ڪرم جي طرفن ڏانھن نه نھاريو هو.
    شوڪت حسين رضوي (جنھن نورجھان جي ڪھاڻي منھنجي زباني) لکي هئي ۽ هن نورجھان جي زندگي ۽ شخصيت تي ڪتاب ۾ گند ڪچرو ۽ الزام بازي ڪئي هئي. نورجھان جو. آواز ڪوئل جھڙو مٺو (پنجاب جي ننڍن وڏن شھرن ۾ اڳئي گهرن ۽ ميوزڪ سينٽرن تي پيو گونجندو هو، جو ماڻهن جي دل ۾ گهر ڪري ويو هو.
    هن جي عظيم محبت مان هڪ هو. پر نورجھان ڪڏهن به ان کي معاف نه ڪيو هو. ڪنھن سوال ڪيو هئس ته ڇا روز اخبارن ۾ خبر اچي ٿي ته تون ڇا شوڪت رضوي سان مفاهمت ڪئي آهي ڇا؟ جواب ڏنائين ته هن جي خراب سلوڪ جو نشانو ٿيڻ کانپوءِ مان هن کي ڪيئن ٿي معاف ڪري سگهان، جو هن مون سان منھنجي ٻارن سان الزام ۽ زيادتي ڪئي آهي، ڇا اها وسرڻ جھڙي آهي ڇا؟ نورجھان هڪ نرم دل عورت هئي. ان جي لاءِ نه ئي ان عورت گهٽو بيگم جي لاءِ نه. نورجھان اداڪاره ياسمين بيگم جو نالو گهٽو بيگم رکيو هو. هن نورجھان کان پوءِ شوڪت حسين رضوي سان شادي ڪئي هئي. قد جي تمام ننڍڙي هئي. دل جي آپريشن ٿيڻ کان بعد نورجھان کي پورو يقين نه هو ته ڇا هو ڳائي سگهي ي يا نه. پر ڇھن هفتن کان پوءِ شڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ صبح جو ڳائڻ ويٺي پنجيتاليهه منٽ ڳايو هو، هن جو آواز بلڪل ٺيڪ تازو لڳو. پوءِ نوري خدا جو شڪر ادا ڪيو ۽ چيو ته منھنجي دنيا زندگي ۽ منھنجو عقيدو، منھنجو خدا ٿو ڄاڻي. منھنجو واحد مقصد ٻين کي خوشيون ڏيڻ، ماڻهن جي مدد ڪرڻ، اسپتال قائم ڪرڻ ۽ ٻارن جي خدمت ڪرڻ هئي.
    1980ع جي ڏهاڪي ۾ نويد رياض سان گفتگو ڪندي پنھنجي جواني جا ڏينھن ياد ڪندي وڏي ڏک درد مان آهه ڀريندي نورجھان چيو هو ته مان پندرهن سالن جي عمر ۾ ماءُ بڻجي ويس. در حقيقت ماءُ ٿيڻ جي ڪابه خبر نه هئي. مان خود ٻار هيم پنھنجي نظر موجب ۽ پنھنجي ماءُ ٿيڻ جي متعلق هن جو چوڻ هو ته مان تمام ننڍي هئس صبح جو رياض کان پوءِ استاد مون کي روز لکائڻ پڙهائڻ ايندو هو ۽ مونکي پڙهڻ ٿورو ايندو هو ۽ مون جواب ڏنو ته وڌيڪ نه پڙهندس. پوءِ مونکي ماءُ ڏاڍي مار ڏني ۽ چيو ته ”نوري جي تسي پڙهوگي“ جيڪڏهن ماءُ نه هجي هان ته نه مان پڙهي لکي سگهان ها ۽ نه ئي ڪو گانو رڪارڊ ڪرائي سگهان ها. نورجھان وڌيڪ گفتگو ڪندي چيو ته شعر ڪاغذ تي لکي ڪري سامھون رکندي آهيان. خدا جو قسم ڪاغذ ڏسي، مونکي ماءُ ياد ايندي آهي ۽ مان پنھنجي ماءُ کي دعا ڏيندي آهيان. نورجھان جو خاندان قصور کان لاهور منتقل ٿيو، جتي ان جي وڏي ڀيڻيجي عيدن ۽ حيدر بندي اسٽيج تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 10 سالن جي هئي ته نورجھان به انهن سان وڃي گڏ ٿي ۽ هڪ نعت ڳائي جيڪا ڏاڍي مقبول ٿي، نعت جا ٻول هن ريت آهن، ”هستي هين ستاري يا شاهِ مدينا“ ان جي ڌن، اي.جي چشتي ٺاهي هئي، اٽڪل 1930ع ۾ سندس خاندان وري هجرت ڪري ڪلڪتي ڏانھن ويو ڇو جو وڏين ڇوڪرين کي فلمن ۾ ڪم وٺي ڏيڻ هو ۽ انهن جي اميد پوري نه ٿي سگهي، البته هو بدستور اسٽيج تي ڪم ڪرڻ لڳا. نورجھان کي ”هند ڪي تاري“ نالي هڪ خاموش فلم ۾ ڪردار ملي ويو. جو اها انڊين پڪچرز ڪلڪته ئي ٺاهي هئي. ان کان پوءِ خاندان بمبئي جو وري رخ ڪيو. 1931ع ۾ نورجھان ڏهه خاموش فلمن ۾ حصو ورتو (Brave Woman ) چندر مني، گُڊ باءِ, ميجڪ آف ٽو ڪنگشپ نيڪليس، هارٽ ٿيف، جنگ دولت، پرٿوي راج، شاليوا، امن، (So no sorrow) پوءِ وري پنجابي فلم ”شيلا“،”پنڊ دي ڪڙي“ 1836ع ۾ ڪلڪته ۾ ٺاهي وئي. جڏهن ته نورجھان ان وقت گلوڪار اداڪار جي طور ڪجهه مشھوري ماڻي هئي. پروڊيوسر، ڊي.مھراني، ڀيڻن جي ڳايل عقيدتمندانه گيت پنھنجي فلم ۾ استعمال ڪيو هو. هي اردو ۾ ڳايو ويو هو جو پنجاب فلم ۾ غير موزون لڳو. نورجھان کي فلم ۾ هڪ پنجابي گانو به ڳائڻ لاءِ ڏنو ويو هو. ان جي پھري ٽاڪي (Tikies ) سسئي پنھون 1932ع بمبئي ۾ رليز ٿي، هندوستان ۾ آخري فلم ”مرزا صاحبان“ 1947ع ۾ رليز ٿي. 1932ع ۽ 1947ع جي وچ ۾ ان ئي 127 فلمي گانا ڳايا هئا. 69 فلمون رليز ٿيون جن ۾ ”زينت“، ”انمول گهڙي“، ”جگنو“، ”ميرا باتي“ شامل هيون. ان فلمن ۾ 55 بمبئي، اٺ ڪلڪته، پنج لاهور ۽ هڪ رنگون (برما) ۾ ٺھي هئي. پاڪستان ۾ نورجھان 13-فلمن ۾ ڪم ڪيو هو. پھرين ”چن وي“ 1951ع ۾ ۽ آخري ”مرزا غالب“ 1961ع ۾ رليز ٿيون. نورجھان هڪ اخباري انٽرويو ۾ چيو هيو ته مان پنھنجي گهر کان ٻاهر نڪرڻ پسند نه ڪندي هئس. پارٽي ۾ وڃن جو شوق نه هو هو، هوٽلن ۽ عوامي محفلن ۾ وڃڻ کان به پاسو ڪندي هئم. مان هڪ سادي سڌي زندگي گذارڻ گهران پئي. منھنجي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ڌيءُ ”ظلِ هما“ شادي کانپوءِ شاهنواز اسٽوڊيو جي اندر ڏٺي وئي هئي. اعجاز دراني کان پيدا ٿيل ٽي ڌيئر ته هڪ دفعو به ايئن نه ڪيو، نورجھان فخريه انداز ۾ اخبار وارن کي ٻڌايو ته شوڪت حسين رضوي پنھنجي سابق زال جي متعلق ڪتاب لکيو هو ته، ”نورجھان کي فلم اسٽار مون ٺاهيو“. پر ايئن نه آهي نورجھان شوڪت رضوي سان شادي 1945ع ۾ ڪئي هئي، نورجھان شوڪت جي ملڻ کان اڳ فلم اسٽار بڻجي وئي هئي. نورجھان 1981ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن ڪوئي عورت ڪم ڪري ٿي ته انهن ڏينھن ۾ ٻڌڻ کان سواءِ ڇا ٿو ملي. ان جو سڪون صرف گهر جي چؤديواري جي اندر ئي مون کان وڌيڪ محنت ڪير ٿو ڪري سگهي، مان سڀني کان پڇان ٿي ته مون کي ڪھڙو سڪون مليو ۽ هڪ دفعو جيڪڏهن مڙس کي خبر معلوم ٿي وڃي ته زال ان کان وڌيڪ ڪمائي ٿي ته پوءِ هو ان کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو. هو ان کي پنھنجو دست نگر ڪرڻ گهري ٿو، مڪمل دست نگر ۽ عورت پنھنجي لاءِ هڪ سويٽر خريد ڪرڻ گهري ٿي، مرد گهري ٿو ته هوءَ ان کان خيرات گهري. منھنجي خيال موجب عورت ڪامياب گهريلو زندگي تڏهن حاصل ڪري سگهي ٿي ته جڏهن هو ڪجهه به ڪري.
    نورجھان فخريه انداز ۾ هن جي وڏي ڌيئرن مان هڪ فارسي سکڻ ٽائيپ رائيٽر استعمال ڪرڻ گهوڙي سواري ڪرڻ جي قابل ٿي وئي آهي. توهان ڄاڻو ٿا ته مان ان کي ڇا چيو هو. نورجھان نويد قمر کي ٻڌايو هو ته مان پنھنجي ڌيءُ کي گهر وسائڻ ۽ سوچڻ گهرجي. تون ڇا ٿيڻ ٿي گهرين ٿي؟ پولو جو کلاڙي. عورت جي تڪميل صرف مڙس، ٻار ۽ گهر سان هوندي آهي. ان معاشري ۾ عورت جو مقصد صرف هي آهي.
    هڪ دفعي 1965ع ۾ (پاڪ ڀارت جي جنگ وقت) ڳائيندي پنھنجي جوش سان ڀريل گيت جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه هن طرح ذڪر ڪيو منھنجي موسيقار مونکي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن سيشن جي وقت سائرن جو آواز اچي ته خندق ۾ هلي وڃ. موت ايندو ته ڏاڍ سٺو ٿيندو. مائيڪرو فون جي سامھون ڳائيندي اچي اوهان ٻاهر ميدان ۾ جنگ ڪندڙ نوجوانن باري ۾ سوچيو. مان جڏهن ”ميريا ڍول سپاهيا“ ڳايو هو ته اول رڪارڊ ٿيل نه هو. مان براهِ راست مائيڪرو فون تي ڳايو هو ۽ اهو لائيو نشر ٿيو، ڇو جو ٽيپ رڪارڊ خراب هو. اها منھنجي لاءِ ڏک ڀري ڳالهه هئي، ڏاڍي رُنس، منھنجي ڀاءُ حسن لطيف مون کي دلاسا ڏنا هئا ۽ گهڻي حوصله افزائي ڪئي. مونکي چيو ته تون ام ڪلثوم جھڙي آهي ۽ مونکي ان جا لفظ اڄ به ياد آهن. نورجھان ئي لاهور ۽ بمبئي ۾ معاشقي کانپوءِ شوڪت حسين سان 1945ع ۾ شادي ڪئي ۽ پاڪستان اچڻ بعد طلاق ورتي. نوري رضوي جا ٻه ٻار اڪبر اصغر بمبئي ۾ پيدا ٿيا، ورهاڱي کانپوءِ هو لاهور ۾ اچي آباد ٿيا. رضوي بند پيل اسٽوڊيو خريد ڪيو ۽ ان مٿان شاهه اسٽوڊيوز نالو رکيائين.
    رضوي کي 1942ع ۾ فلم ”خاندان“ جي هدايت ڪاري جي لاءِ لاهور اچڻ لاءِ گهرايو ويو، نورجھان پنھنجي ڀيڻن سان گڏ هر شھر ۽ ڳوٺن ۾ رقص پيش ڪرڻ واري ڊانس گروپ ۾ شامل هئي ۽ اهو گروپ امرتسر ويل هو. رضوي کي پنھنجي نئين فلم لاءِ هيروئن جي ضرورت هئي. جنھن جو هدايت ڪار دل سنگهه پنچولي هو ۽ ان جو چوڻ هو ته پنجاب يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ايس.پي سنگها جي معرفت ڇوڪرين کي آڊيشن جي لاءِ اوڏانھن موڪليو هو، انهن مان ڪابه پسند نه ڪئي وئي هئي. هن چاهيو پئي ته اسڪرين جي لاءِ هيروئن پندرهن سالن جي ڪابه ڇوڪري نظر نه آئي هئي. ان وقت نورجھان جي عمر پندرهن سال هئي. پوءِ نورجھان کي موڪيو ويو، پر هن کي نه ٻڌايو ويو ته توکي مرڪزي ڪردار ڏينداسين. پوءِ معاشقي شروع ٿي. نورجھان جا ڀائر ان کي هٿ ڏيڻ به عيب سمجهند هئا، ان مخالفت جي باوجود رضوي سان شادي ڪئي، ڪورٽ ۾ مسئلو به ويو هو ۽ نورجھان سيلاني ڊانس گروپ جي مرڪزي گلوڪاره هئي. هڪ ڏينھن شوٽنگ جي دؤران رضوي مذاق ڪندي نورجھان کي چيو هو ته تون پنھنجي وارن ۾ ڪھڙو تيل ٿي هڻين ٿو پوءِ هو ڏاڍي ڪاوڙي جو رضوي جي وات مان لفظ نڪتا هئا. پوءِ نورجھان روئڻ لڳي ۽ گهڙي پرچائڻ کان پوءِ روئيندي رهي. رضوي جي چوڻ مطابق مونکي نه چوڻ گهرجي ها جو خطرناڪ عورت هئي. منھنجي مٿان محبت جو ڀوت سوار هو، آءٌ سمجهي نه سگهيس. ان واقعي جي نتيجي ۾ شوٽنگ پنج ڇهه ڏينھن معطل رهي. هڪ ڏينھن عمر رسيده پنچولي ئي رضوي کي گهرائي چيو ته،”ڏس شوڪت ان راند کي پنھنجي گرفت ۾ رک ۽ وڌيڪ ان کي نه وڌاءِ، اڄ به ان جا لفظ منھنجي ڪن ۾ گونجن ٿا. پر محبت ته مونکي چريو ڪيو هو. بقول شوڪت رضوي 1969ع ۾ پھروين دفعو وڏي موسيقار حسن لطيف، ”لٽ الجهي سلجها جا ري بالم“، ”ميري هاٿون مين مهندي لگي“ ۽ ”جا اپني حسرتون پِه آنسو بھا ڪي سو جا“ جي موسيقار نورجھان جي گلبرگ واري گهر ۾ شوڪت حسين رضوي سان گڏ ويو، حسن لطيف سان تعارف ڪرائيندي چيو ته هي منھنجي گينگ آهن. پنجاب ۾ ميڊم جو ردِ عمل هڪ ڪلاسيڪي جملو هو،”هائي الله نه نه ڪرديا وي سو هوگئي نين“.
    نورجھان جي پنھنجي ٻارن سان ڏاڍي محبت هئي، گلبرگ لاهور جي لبرٽي چؤڪ تي وڏو گهر هو، چالاڪي هوشياري کان ڪم وٺندي جائيداد (20) ويهن ڪروڙڻ ۾ وڪرو ڪيو. هن پنھنجي ڇھن ٻارن،”اڪبر، اصغر، ضل هما، حنا، شازيه ۽ ناديه کي“ اڍائي اڍائي ڪروڙ روپيه ڏنا. ان ورهاست کان پوءِ هو ڏاڍي خوش خرم هئي. اداڪاره نگهت سلطانه سان تلخ ڪلامي جي ڪھاڻي آهي ته ان جي عدم موجودگي ۾ ڪا نازيبات ڳالهه ٿي هئي ته نورجھان جي مڙس سان نظر بازي ڪري رهي هئي ۽ نوري کي پنھنجي مڙس سان انتھا درجي جي محبت هئي. نورجھان کي ان وقت هڪ پل لاءِ به گاريون ٻڌڻيون پيون ۽ پوءِ هوءَ روئڻ لڳي. 95-1994ع ۾ نورجھان گلوڪاره طاهره سيد سان به ڪنھن ڳالهه تي ناراضگي ٿي هئي، جنھن نورجھان جي متعلق حقارت آميز گفتگو ٿي ڪئي. طاهره سيد چيو ٿي ته هو هڪ وقت ۾ نورجھان جي هڪ کان وڌيڪ گانا ٻڌڻ نه ٿي چاهي ۽ ان جو آواز ٿڪائي ٿو ڇڏي. پوءِ هوءَ نصرت فتح علي خان ۽ عطاءُ الله خان عيسى خيلوي کي پنھنجو پسنديده گلوڪار ٻين کي به ٻڌائيندي هئي پوءِ انهن کي ٻڌڻ لڳي. طاهره چوندي هئي ته نورجھان پروفيشنل گلوڪاره نه آهي.
    معاملو اڳتي نه وڌيو جيڪڏهن ميڊم ٿڌي ٿي ته طاهره سيد جي ماءُ ملڪه پکراج پنھنجي ڌيءُ جي معافي ورتي ۽ چوڻ لڳي ته هرڪو ڄاڻي ٿو ته اسان ڪير آهيون. هوءَ ڪير آهي. لاهور جي فلمي حلقن ۾ ان جملي جو فورن رد عم ظاهر ٿيو. هڪ طرف ميڊم جو دفاع ٿيو. ملڪه پکراج ۽ طاهره سيد جي لفظن جي مذمت ڪئي ۽ وڏي آواز ۾ چيو ويو ته ميڊم نورجھان عظيم عورت آهي ۽ آخر ۾ ميڊم چوڻ لڳي ته ٽرڪ ڊرائيورن کي هوءَ پسند ڪندي هئي. هن عطاءُ الله خان عيسى خيلوي جي متعلق چيو ته ان کي گلوڪاري مون سيکاري هئي. ان جو اڳ موسيقي سان ڪوبه تعلق نه هو. مھان استاد بڙي غلام علي خان به ميڊم جي عظمت کي تسليم ڪيو هو. شاگرد نورجھان جي طرفان ان عظيم استاد کي عظمت ڏيڻ جو انداز هو. حقيقت هي آهي ته نورجھان موسيقيءَ جون رمزون ڄاڻندي هئي. جڏهن ميڊيم وفات ڪئي هئي ته هن جي والد چيو هو ته نورجھان پيدا ٿي ته انهن جي پڦين روئڻ جو آواز ٻڌي پنھنجي ڀائرن کي ٻڌايو ته نورجھان روئي به پئي ته سُرَ ۾.
    1988ع ۾ مسرت نذير سان ميڊم جو جهيڙو ٿيو هو، ميڊم، گلوڪاره مسرت نذير جي گيت ”ميرا لونگ گواچا“ جي ان قدر مقبوليت ٿوري ڪي گهڻي ٿي هئي. گانو هڪ ڇوڪري جي باري ۾ هو جنھن جو لونگ رات جي وقت وڻن جي وچ مان ڀڄندي ڪري پيو هو. ڇوڪري پويان هئي، مرد کي آخر دم تائين گم ٿيل لونگ کي تلاش ڪرڻ لاءِ چئي رهي هئي،ميڊيم هر ڪنھن کي ”مير الونگ گوچا“ جي باري ۾ گفتگو ڪندي ٻڌو هو. پوءِ ان ڪري هو انهن روين کان تنگ اچي چڪي هئي. خود هن ڳايو هو پر پذيرائي نه ملڻ ڪري باهه ٿي وئي هئي!
    شوڪت حسين رضوي کان طلاق وٺڻ کان پوءِ اعجاز دراني سان شادي ڪئي هئي. اعجاز جي ڪيريئر ٺاهڻ ۾ وڏو هٿ رهيو هو ۽ اعجاز مان 3 ڌيئرون ڄائيون هيون ۽ هن جي بي وفائن ڪري تعلقات خراب ٿيا هئا. اعجاز ”پيٿروا“ ايئرپورٽ تي منشيات سميت پڪڙيو ويو هو. جو هن فلمن جي دٻن ۾ لڪائي رکيو هو ۽ چار سال سزا لڳي ۽ نورجھان وڪيلن کي ڳوري قيمت فيس ڏني، جيڪا تمام احتياط سان خرچ ڪرڻ واري هئي. ٽائيمز اخبار کي انٽرويو ڏيندي نورجھان اعجاز متعلق گفتگو ڪندي چيو ته جڏهن منھنجي ان سان شادي ٿي ته هو حقيقي معنى ۾ مون سان محبت ڪندو هو. اعجاز گجرات جو هڪ گمنام ڇوڪرو هو، مان ان کي پنھنجو سھارو ڏنو هو. نورجھان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته، منھنجي لاءِ ڪنھن مرد سان محبت ڪرڻ ۽ پسند ڪرڻ لازمي آهي، نه ته ڳائي نه سگهندي آهيان. موسيقي مونکي ڇڏي ويندي آهي. ميڊيم اعجاز جي ڪيريئر ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي هئي. ڪاميابي جي نشي ۾ اعجاز مست ٿي ويو هڪ ٻه دفعا هن کي مون سمجهايو هو پر ان حادثات جي ڪري تعلقات ٽٽڻ جا آثار ظاهر ٿيا هئا ۽ هن اداڪار فردوس سان سرعام عشق بازي شروع ڪئي ته اعجاز ۽ فردوس جو معاملو تباه ڪن نتيجو سامھون ايندو. ايئن ئي ٿيو، نورجھان ٻڌايو ته اعجاز ايڪسٽرا ۽ ننڍين اداڪارائن سان من منستيون ڪرڻ لڳو هو، جن ۾ وڌيڪ انهن بازاري عورتن جي هئي. وقت گذرڻ سن گڏوگڏ معاملو ضابطي کان وڌي ويو. مون کي ڪافي وقت کان معلوم ٿيو ته گهڻا مرد نظر بازي ڪرڻ پسند ڪندا آهن. داناءَ عورت سڀ ڪجهه قبول ڪري ان سان گڏ زندگي گذاري ٿي پر هڪ شطر جي خلاف ورزي هرگز نه ٿيڻ گهرجي. نظربازي مڙس جي لاءِ ضروري آهي جو هو پنھنجي معشوق بازي رازداري سان هلائي. پنھنجين محبوبائن ”پرڊينگين“ نه مارڻ گهرجي. ميڊيم وڌيڪ گفتگو ڪندي اخبارن واران کي ٻڌايو هو ته هر شام جو ان بازاري عورت فردوس کي ڪار ۾ ويھاري منھنجي گهر جي سامھون ڪار بيھاري گهڻي دير تائين بيٺو رهندو هو ۽ هڪ ٻه دفعا ڪار جو هارون وڄائيندو هو پوءِ روانو ٿيندو هو. مون ان کي چيو ته تون پٽڙيءَ کان لھي ويو آهين. پنھنجو سامان ٻڌ ۽ هتان هليو وڃ. مون ان کي صاف صاف چيو ته مان هڪ ايماندار عورت آهيان. آءٌ هن جي سٺي زال ٿي رهيس، شادي کانپوءِ ڪنھن به مرد ڏانھن اک کڻي نه ڏٺو هو. جيڪڏهن مان ايئن ڪيان ها ته منھنجي اک ڇنڀ جي دير هئي ۽ مرد مون ڏانھن ڊُڪندا اچن ها.
    نورجھان هڪ حيرت انگيز قوت رکندڙ، مضبوط ارادي جي مالڪه هئي. هڪ موقعي تي هن هڪ اخباري نمائندي کي ٻڌايو ته معاشري ۾ عورت جي اوقات ڇا آهي؟ ڪجهه به نه، هو صرف ڪنھن ڪرسي ميز جھڙي آهي، جنھن کي هڪ جڳهه تان کڻي ٻئي جڳهه تي رکبو آهي، اُهي بي اختيار هوندا آهن ۽ هوءَ پنھنجي ماءُ پيءُ، ڀائرن، مڙس ۽ عاشقن جي رحم ڪرم تي رهندي آهي. هن وقت مان جو ڪجهه به آهيان، اهو مون پنھنجي محنت ۽ جدوجھد جي ڪري آهيان، مون سڀ ڪجهه پنھنجي محنت سان ٺاهيو آهي.
    نورجھان چيو ته، پاڪستان اندر رجعت پسندي جو اندازو مون کي 1970ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ ان وقت معلوم ٿيو جڏهن لاهور جي هڪ مُلا منھنجي خلاف فتوى ڏني ته موسيقيءَ کي دائره اسلام کان خارج قرار ڏنو، ڇو جو ان ..... موسيقيءَ کي عبادت جي هڪ صورت آهي. نورجھان کي جلد از جلد پاڪستان کان جلاوطن ڪيو وڃي.
    نورجھان پنھنجو ننڍپڻ قصور ۾ گذاريو ۽ سندس چوڻ موجب استاد غلام محمد کيس ڪلاسيڪي موسيقي سيکاري. فلمي لائين ۾ ماسٽر غلام حيدر صديقي استاد هو. ان مائيڪرو فون جي سامھون بيھڻ سيکاريو، محبت جھڙا الفاظ ادا ڪرڻ ۽ گاني چوڻ دوران ساهه کڻڻ به سيکاريو هو. منھنجي پرورش پيار محبت ڀري ماحول ۾ ٿي، والد مون تي محبت نڇاور ڪئي ۽ چيو ته اصل خوشي پنھنجي ئي دل ۾ هوندي آهي. هو سدائين پاڻ سان گڏ رهندي آهي، جڏهن دل گهري ته دنيا جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ڪٿي به هليو وڃي. خوشي اوهان جي دل ۾ موجود هوندي نه ته اوهان کي ڪوبه خوشي ڏئي نه سگهندو.
    نورجھان لکيو آهي ته ننڍپڻ ۾ والدين جي ٻڌايل ڳالهين منھنجي وڏي رهنمائي ڪئي، منھنجا والدين چوندا هئا ته جيڪڏهن ماڻهن جي اوهان مدد نٿا ڪري سگهو ته پوءِ انهن کي نقصان به نه پھچايو. مون اهي ڳالهيون هميشه ياد رکيون هيون، ڄڻ اهي ڪبير جا شلوڪ پڙهيا هئا، ”گرتي ٿي اي ڪبير جهونپڙي جل کٽيون ڪي پاس، جو ڪرين گي سو ڀرين گي، تو ڪيو ڀيو اداس“. والدين جي زير اثر مان ايمانداري ۽ محنتي ٿيس ۽ ڪڏهن به ٻين وٽ وڌيڪ ڏسي حسد ۾ مبتلا نه ٿيس. مون وٽ جو ڪجهه هو مان ان تي خوش هيس. مون کي پنھنجي غريبي تي شرم نه ايندو هو. بچپن ۾ هڪ دعا ضرور پڙندي هئس ته، ”اي خدا مونکي پنھنجي رحمت کان سواءِ ڪنھن جو محتاج نه ڪر.“ مون پنھنجي اولاد کي به اهو سيکاريو هو. 1942ع ۾ ”خاندان“ جي لاءِ ڪاسٽ ٿيڻ کان اول نورجھان متعدد عظيم پنجابي هٽ فلم ڪري ڇڏي هئي. ان جي ٻين هِٽ اردو فلمن ۾ ”زينت“ هئي جيڪا 1945ع ۾ ٺھي. اڄ به هر شخص ان مشھور قوالي جيڪا گڏيل آواز ۾ رڪارڊ ٿي جنھن ۾ زهره ٻائي انبالي واري ۽ امير ڪرناٽڪي جا آواز به شامل هئا پر ايئن پئي لڳو ته نورجھان جو آواز ڄڻ باهه جا الا آهن ۽ سڀني مٿان هاوي هو، ٻول هئا ”آهين نه ڀرين، شڪوه نه ڪيجئي“ سندس ٻين مشھور ۽ هِٽ فلمن ۾ ”بڙي مان“، ”دوست“، ”لال حويلي“ ۽ ”گائون ڪي گوري“ هئي. لاهور جي اداڪار نذير مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.
    هندوستان ۾ نورجھان جي آخري فلمن ۾ 1974ع ۾ ”جگنو“ هئي جنھن ۾ ٻن افسانوي فنڪارن جي ڪيريئر جو آغاز هو. دليپ ڪمار، محمد رفيع، فيروز نظامي جي موسيقي دل موهي ڇڏيندي هئي، جنھن ۾ ”آج ڪي رات“ ”يهان بدلا وفا ڪا، بيوفائي ڪي سوا ڪيا هي“ ۾ نورجھان هڪ ڪاليج جي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جيڪا تپِ دق جي مريضه هئي ۽ پنھنجي محبت جي حاصلات لاءِ مري وئي. فلم جي هڪ خاص اهم ڳالهه ته هن فلم ۾ عظيم گلوڪاره ملڪه موسيقي روشن آرا بيگم جو ڳايل هڪ گيت ”ديس ڪي پر ڪيف فضائون ۾ ڪهين“ شامل هو. شوڪت حسين رضوي جي ڪيريئر جو عروج هو، پوءِ هو ڪابه وڏي ڪاميابي وٺي نه سگهيو. 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان جي جدا ٿيڻ کان پوءِ فورن نورجھان جي خلاف جنرل يحى سان عشقيه تعلق جي حوالي سان زبان درازي انهن مسئلن ۽ ڪھاڻين ۾ حقيقت تمام گهٽ هئي. يحى خان سٺي صحبت پسند ڪندو هو ۽ ميڊم جي صبحت کان وڌيڪ ڪابه سٺي صحبت نه هئي. ميڊم سرڪار چئي سڏ ڪندي هئي. يحى خان کي ميڊم جو هڪ گانو ”سيو ني ميرا ماهي ميري ڀاگ جگاون آگيا“ خاص طور تي پسند هو ۽ اڪثر اهو پئي ٻڌندو هو. يحى خان پنھنجي هڪ دوست جنرل حميد کي چيو هو، ”مان نوريءَ کي چيف آف اسٽاف ڪرڻ گهران ٿو، پوءِ مون کي يقين آهي ته توهان سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪندي.“
    ميڊم نورجھان کان هڪ ڏينھن ڪنھن يحى خان لاءِ پڇيو، نورجھان جواب ڏنو ته،”هو مھربان خوش مزاج ۽ نھايت انسان دوست آهي، مان ان جي وڏي عزت ڪندي آهيان.“ ميڊم يحى جي پٽ علي جي شاديءَ ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.
    ذوالفقار علي ڀٽو جي اقتدار سنڀالڻ کان ڪجهه وقت پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اخبار ”مساوات“ نورجھان ۽ جنرل يحى کي بدنام ڪرڻ لاءِ انهن جي ويجهي تعلقات جي باري ۾ اسٽوري شايع ڪئي هئي، اُها خبر خطرناڪ هئي، هڪ اخباري بيان ۾ چيو ويو هو،”هيءَ هي واقعي اهڙي عورت آهي، جيئن ٻڌايو وڃي ٿو، هن کي هميشه جي لاءِ پاڪستان کان نڪري وڃڻ گهرجي ۽ هن کي جلد کان جلد جلاوطن ڪيو وڃي.“ ان خبر کانپوءِ نورجھان ڀٽي صاحب سان جلد ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڀٽي وٽ ڪوبه وقت ڪونه هو. ڀٽي جو ذاتي ملازم نور محمد مغل عرف نورو، نورجھان کي گهڻو پسند ڪندو هو. هن هڪ ڏينھن مساوات جي هڪ ڪاپي جنھن ۾ ميڊم جي متعلق باتصوير اسٽوري شايع ٿيل هئي، ڀٽو ڏانھن کڻي ويو ۽ چيو ته ”صاحب حنيف رامي نورجھان جي پويا هٿ ڌوئي پيو آهي، ميڊم ان جو ڇا بگاڙيو آهي؟“ ڀٽي حنيف رامي کي چيو هو ته،”ميڊم جو پيڇو ڪرڻ ڇڏي ڏي“.
    نوريءَ کان ڪنھن سوال ڪيو هو ته ”اوهان کي پنھنجي گيتن مان وڌيڪ ڪھڙو گيت پسند آهي؟“ جواب ۾ چيائين ته، ”سڀ جو سڀ مون کي پنھنجي اولاد وانگر آهن، پوءِ مان فرق ڇو رکان. 1947ع کان اول مووي ”دوست“ جو گيت ”بدنام محبت ڪون ڪري“ اهو گيت مون کي وڌيڪ پسند آهي. ان ڪري جو ان گيت جي ڌن وڌيڪ باريڪ آهي، اها سجاد جي تيار ٿيل آهي، هو ڪڏهن به ڍلي ڌن نه ٺاهيندو آهي، مثلن سجاد جي ٺھيل ڪابه ڌُن جيڪڏهن ڪو جهونگاري ڏسي جيئن”درشن پياسي آئي اداسي“ يا ”آج ميري نصيب ني مجهه ڪو رُلا ديا“.
    نورجھان هڪ دفعي حيرت انگيز مثال ڏنو ته،”جيئن گڏهه گند جي ڍير تي گند کائيندو آهي، اوهان ڀل ان کي چندن کارايو يا سونو تاج يا هيرا لعل پارايو پر هو گڏهه جو گڏهه ئي رهندو. بلڪل ساڳي طرح، رجعت پسندن کي اوهان ڀل ڪيترو به علم يا ڪتاب پڙهايو پر ان جي فطرت اُها ئي رهندي ۽ وٽن انسانيت گهٽ نظر ايندي. ساڳي طرح نانگ جو ڪم آهي ڏنگڻ، ڀلا اوهان کين ڪيڏو به کير پياريو ۽ گوشت کارايو پر اُهي پنھنجي فطرت (ڏنگڻ) نه ڇڏيندا.“
    گهڻن ماڻهن جي ذهنن ۾ سوال اڀريا هئا ته نورجھان کي لاهور ۾ ڇونه دفن ڪيو ويو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڇو؟ نورجھان جو علاج ڪراچيءَ ۾ گهڻو عرصو هلندڙ هو. هوءَ لاهور کي ڏاڍو ياد ڪندي هئي. هڪ مشھور پاڪستاني صحافي حسين حقاني جي مطابق ته، نورجھان جي ڌيءَءَ حنا جو ماءُ جھڙي مضبوط ارادن جي مالڪ هئي، ان ئي فيصلو ڪيو هو ته نورجھان جي وفات ”شب برات“ جو ٿي آهي جيترو ٿي سگهي، رات گذرڻ کان اڳ کيس دفن ڪرڻ ضرروي آهي. اهو ڪم ڪراچيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو، لاهور پھچڻ ۾ دير ٿي ويندي.اولاد اصغر ۽ ضل هما پنھنجي ماءُ جو لاش لاهور ۾ دفن ڪرڻ جي حق ۾ هئا. ”حنا“ جذباتي ٿي چيو ته توهان نٿا چاهيو ته امان ڀلاري رات جو هوءَ جنت ۾ وڃي، پوءِ فيصلو ڪراچيءَ ۾ دفن ڪرڻ جو ٿيو. جنھن بعد هڪ سُريلو ۽ ڪوئل جھڙو امر آواز رکندڙ ميڊم نورجھان کي23- ڊسمبر 2000ع ۾ روشنين واري شھر ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.
    ميڊم نورجھان هڪ عظيم آرٽسٽ عورت هئي، ورهاڱي کان اڳ هندوستان جي معزز ۽ عظيم شخصيت هئي. پاڪستان اچڻ کانپوءِ هوءَ دل و جان سان پاڪستاني هئي، پنھنجي خاندان جي سڀني ڀاتين جي پياري هئي ۽ لاهور سندس محبوب شھر هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو