هولي ڇو ملهائي ويندي آهي؟ گوپال داس مينگهواڙ

'مختلف موضوع' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏12 مارچ 2017۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    هولي ڇو ملهائي ويندي آهي؟

    هولي هڪ رنگن جو تهوار: چمڪندڙ ۽ ٺهڪندڙ رنگ

    هولي جي تاريخ:

    ڪنهن دور ۾ هرنيانا ڪشپ نالي هڪ ظالم بادشاهه جي حڪومت هئي. هو هميشه پنهنجي مڃرائڻ جي ڪندو هو ائين کڻي چئجي ته پنهنجي پاڻ تي غرور هوندو هو. تنهن ڪري پنهنجي سڄي بادشاهت ۾ رهندڙ ماڻهن کي حڪم ڏنو ته صرف منهنجي ئي عبادت ڪريو. پر افسوس هن جي وڏي ڪمزوري هن جو پٽ هو ، جيڪو چاهيندو هو ته ائين نه ٿئي. ڇو ته هن ڪائنات کي ايشور پيدا ڪيو آهي اسان کي صرف ان جي ئي عبادت ڪرڻ گهرجي نه ئي وري ٻئي ڪنهن جي. پهلاج وشنو ڀڳوان جو عابد هو تنهنڪري سندس پيءَ جي عبادت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

    هرنيانا ڪشپ ڪيترائي ڀيرا سندس پٽ پهلاج کي مارائڻ جي ڪوششش ڪئي پر هر ڀيري وشنو ڀڳوان هن کي بچايو. آخرڪار هن پنهنجي ڀيڻ هولڪا کي چيو ته تون پهلاج سان گڏ سخت تپندڙ باهه ۾ داخل ٿي وڃ. ڇو ته هرنيانا ڪشپ کي خبر هئي ته هولڪا کي بون پاتل آهي تنهن ڪري هن کي ڪجهه به ڪو نه ٿيندو ۽ اها صحيح سلامت باهه ۾ داخل ٿي سگهي ٿي.

    هولڪا دوکي سان پهلاج کي پرچايو ۽ پهلاج کي وٺي باهه ۾ داخل ٿي وئي جتي سندس هنج ۾ پهلاج هو. نتيجتن هولڪا پنهنجي بد نيت خواهش ڪري پنهنجي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو ۽ هولڪا انهيءَ باهه ۾ سڙي ڀسم ٿي وئي. هوڪا کي اها خبر نه هئي ته بون صرف تڏهن ئي ڪم ڪيو جڏهن هوءَ اڪيلي باهه ۾ داخل ٿي هئي.

    پهلاج لڳاتار وشنو ڀڳوان کي ياد ڪري رهيو هو ۽ صحيح سلامت باهه مان واپس اچي ويو. نارائڻ ڀڳوان هن کي هڪ نئين زندگي ڏئي ڇڏي.

    اهڙي طرح هولي لفظ هولڪا مان ڪڍيو ويو آهي جنهن ۾ سچائي بديءَ کي شڪست ڏني. انهيءَ ڪري اهو تهوار ملهايو ويندو آهي. هولي هڪ سچي پوڄاريءَ جي ڪاميابي جي ڪري پڻ ملهائي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ان مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته ڪير ڪيترو به مضبوط ڇو نه هجي پر هڪ سچي پوئلڳ کي نقصان نٿو رسائي سگهي ۽ اهي جيڪي هڪ سچي پوئلڳ تي تشدد ڪن ٿا اهي جلد ئي تباهه و برباد ٿي وڃن ٿا.


    هوليءَ ۾ رنگ جو تصور:

    ڀڳوان ڪرشنا جي اوتار ۾ اهو ئي چيو ويندو آهي ته ان وقت انهيءَ خوشيءَ ۾ رنگ استعمال ڪيو ويو هو تنهنڪري هوليءَ ۾ رنگ جو تصور آيو. ڀڳوان ڪرشنا پنهنجن دوستن سان گڏ ورندان ۽ گوکل ۾ هولي ملهائي هئي.

    هولي هڪ بهار جو تهوار آهي. جيڪو سياري کي الوداع چوي ٿو. هولي هڪ ڏينهن جو تهوار نه آهي پر اهو ٽي ڏينهن ملهايو ويندو آهي.

    پهريون ڏينهن:

    مڪمل چنڊ (Full moon) تي رنگا رنگي رنگ ۽ پاڻي پتل جي ننڍي ٿانون ۽ ٿالي ۾ وجهبو آهي. خوشيءَ جو آغاز تڏهن ڪبو آهي جڏهن گهر جو وڏو گهر جي ٻين ڀاتين تي رنگ اڇلائيندو آهي.

    ٻيون ڏينهن:

    ٻئي ڏينهن کي “پنو“جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن تي هولڪا جون تصويرون ساڙيندا آهن ۽ ايتري قدر جو ماڻهو هولڪا ۽ پهلاج جي قصي تي جشن ملهائيندا آهن. مائون پنهنجن ٻارن سان گڏ باهه جي چوڌاري پنج چڪر لڳائينديون آهن ته جيئن ايشور انهن کي باهه جي عذاب کان بچائي.

    ٽيون ڏينهن:

    ٽيون ڏينهن ”پرواهه“ جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. ۽ اهو تهوار جو آخري ڏينهن هوندو آهي. هوليءَ جي انهيءَ ڏينهن تي هڪ ٻئي جي مٿان رنگ هاريندي هوليءَ جي خوشين ۾ اضافو ڪندا آهن.


    سهڙيندڙ: گوپال داس مينگهواڙ نصرپور

    0305-3102794

    gopaldas2010@gmail.com
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    معلوماتي ليک...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو