ضراب حيدر عدد ناھ عِشق، پُڄاڻي پاڻ لهي.

'ڪالم' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    عدد ناھ عِشق، پُڄاڻي پاڻ لهي.

    ضراب حيدر


    عشق هڪ لافاني شيءَ آهي، جنهن جون ميخون دنيا ۽ زندگيءَ جي سرزمين تي هرگز کُتل ناهن، عشق ته حقيقت ۾ ازل ۽ ابد جو تسلسل آهي، جنهن ڪري ڪائنات جو ضابطو ممڪن آهي، مطلب ته ڪائنات جو توازن صرف اُن عشق جي آڌار برقرار آهي، جيڪو روح کان وٺي عالم ارواح تائين ساڳيو ۽ هڪجهڙو آهي.
    عشق جون وضاحتون ڪرڻ ۽ سندس ميدان ملهائڻ لاءِ ڪيئي انسان نِروار ٿيا آهن، آئون نٿو سمجهان ته محبت يا اُنسيت جو ڪو تعلق عشق سان آهي؟ محبت ۽ اُنسيت جيڪا وجود يا جسم سان آهي، تنهن جا رنگ به صرف تيستائين آهن، جيستائين بقا آهي. ٿي سگهي ٿو اهڙي رنگ جا شعاع نيرا ۽ گهرا هجن، پر پوءِ به عشق جي رنگن جي حاڪميت گِهرن ناسي شعاعن سان نه ختم ٿيندڙ آهي. خبر ناهي ڇو مون کي ايئن لڳندو آهي ته ماڻهو سڀئي محبت ڪندا آهن، اُهي ڪنهن نه ڪنهن سان اُنسيت رکندا آهن، ڪنهن نه ڪنهن سحر، ڪنهن نه ڪنهن جمال جا مداح ٿيندا آهن، پر عشق وري ڪِن چند ماڻهن جو انتخاب ڪندو آهي ۽ مٿن ديرو ڄمائيندو آهي. عشق جنهن جون وضاحتون ۽ تشريحون ٻُڌ جي گيان جيان سامهون اچن ٿيون، سُقراط جي سچ مان واضح ٿين ٿيون، سي سولِيون ۽ سوکيون بنهه ڪونه آهن. ڪنهن نفسيات دان جيڪا جنس (sex) جي حوالي سان عشق جي تشريح ڪئي آهي، اُن جو سڌو سنئون تعلق جسم يا مادي سان آهي، مطلب ته وجود کي پنهنجي سموري آب و تاب سان بيان ڪرڻ واري معنيٰ آهي، سو عشق ته چئي نٿو سگهجي. عشق ته وجود ۽ هستيءَ جي نفي ڪري ٿو، اهڙا ڪيئي مثال آهن، جن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اِدراڪ ٿيئي ٿو ته عشق بنهه غير مجسم آهي.
    سنڌ جي لاکيڻي لطيف ’شاهه ڀٽائي‘ سرڪار جي هر سِٽ ۾ اهڙي عشق جون وڏيون آکاڻيون ۽ قصا ملن ٿا، جيڪو ڪنهن به ريت اِن ڳالهه کي نه ٿو هنڍائي ته ڪو وجود ۽ جسم به عشق جو ڪو حصيدار آهي. سُر ڪلياڻ کان يمن ڪلياڻ (ايمڻ ڪليان) ۽ ٻيا سمورا سُر اهڙي عشق جي گواهي ڏين ٿا، جيڪو هستي ۽ انا جي نفي آهي، ايئن ئي سچل سائين ڪٿي چيو آهي ته :

    ”مستيءَ دي وچ محب جو مليا، هستي هوڏ حرام...“

    عشق جيڪو ازل کان اوکو ۽ نروار آهي، تنهن جا دڳ ۽ گس سولا بنهه ڪونهن، پوءِ به جنهن جي چونڊ خود عشق اعظم ڪندو هجي، تنهن جا رنگ ئي نرالا ٿي ويندا آهن. عاشق هر شيءَ هر ڳالهه کان بي نياز ٿي ويندو آهي، سندس صفتون ۽ سڀاءُ، سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون گُمان ڪيون وينديون آهن.
    مون ننڍي هوندي هڪڙي ڪوجهي ڇوڪريءَ جو قصو پنهنجي جهونين کان ٻڌو هو. اُها ڪوجهي ڇوڪري بنهه ڪوجهي هئي، جيتوڻيڪ سندس نالو ته سسئي هو، پر ڏسڻ سان ماڻهو منهن ئي ڦيري ڇڏيندا هئا ۽ کيس نڀاڳ جي علامت سمجهندا هئا. مون اِهو به ٻڌو هو ته ان ڪوجهيءَ تي چنڊ گرهڻ جو اثر ٿيو هو. هوءَ جڏهن پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ هئي ته اُنهن ڏينهَن ۾ سخت گرميون هيون ۽ انهن گرمين ۾ سندس ماءُ اڪثر ڇت تي يا وري گهر جو پڌر تي کٽ وجهي سمهندي هئي. جنهن رات چنڊ گرهڻ ۾ ورتو ويو هو، اُن رات به سندس ماءُ پڌر ۾ ستل هئي. ننڍڙي ۽ مختصر شهر جي اُن اٻوجهه ۽ اَڻ پڙهيل عورت کي چنڊ گرهڻ جي ڪابه سُڌ نه رهي هئي ۽ شايد ٿڪ ۽ بي خيالي جي ننڊ ۾ سندس ماءُ جي جسم تان ڪٿان ڪو لٽو ڪو پلئو هٽي ويو هو، چنڊ جيڪو اُن رات گرهڻ جي عذاب ۾ ورتل هو، تنهن شايد ڪوجهيءَ جي پتڪڙي جيءَ کي ماءُ جي پيٽ ۾ چُرندي ڏسي ورتو هو ۽ پنهنجي ڪاوڙ جو سمورو ڇوهه مٿانهس ڇنڊيو هئائين.
    ننڊ ۾ ستل ماءُ اِهڙي قيس کي نه ڏٺو هو نه ئي وري محسوس ڪيو هو، هوءَ سدائين جيان گُهور ننڊ ۾ هئي ۽ پوءِ جڏهن ڪوجهيءَ جو جنم ٿيو ته ڏسندڙ حيرت ۾ دنگ رهجي ويا. ڪنهن کي به اهڙو گمان نه هو ته هڪ سهڻي موچاري ماءُ جي پيٽان ڪو اهڙي جنڙي به جنم وٺي سگهي ٿي. في الحال ته دائي ۽ اوڙي پاڙي جون عورتون به ڊڄي ويون هيون، پر پوءِ ان چرندڙ پتڪڙي وجود جي حرڪت تي کين اندازو ٿيو هو ته اها مورت به خدا طرفان هن سنسار ۾ آئي آهي. ڪوجهيءَ جڏهن مُرڪي سڀني ڏي ڏٺو ۽ پنهنجون اکيون کڻي کين نهاريو هو ته اتي موجود عورتن کي مٿس ڪهڪاءُ اچي ويو هو. ان ۾ ڪو شڪ به ڪونه هو ته ڪوجهي رڳو رنگ جي ڪوجهي ڪاري هئي، پر سندس وصف ۽ اکيون بنهه نماڻيون ۽ سونهن سان سرشار هيون. اوڙي پاڙي جا ماڻهو ڪوجهيءَ کي نڀاڳي ان لاءِ به چوندا هئا، جو جڏهن سندس ماءُ کيس ڏٺو نهاريو هو ته سندس ڪوجهائپ جو صدمو برداشت نه ڪري سگهي هئي ۽ ويم جي چِلي ۾ ئي وڃي الله سان گڏي هئي. آئون نه ٿو سمجهان ته ڪو ان ماءُ جي دَم پرواز ڪرڻ جو سبب ڪو ڪوجهي هئي، اُن جا ڪي به طبي سبب ٿي سگهن ٿا، ڇوته ماءُ جو روپ بهرحال عشق جو روپ هوندو آهي ۽ عشق جسم وجود يا غرض جو قائل نه هوندو آهي.
    مون کي ٻڌايو ويو هو ته ڪوجهي جيڪا اوڙي پاڙي ۾ بدصورتيءَ ۽ نڀاڳ جي علامت بڻيل هئي، سا اوچتو ئي اوچتو سونهن ۽ سڀيتا جي علامت بڻجي پئي. ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته ڪنهن طعني ۽ مهڻي مِلڻ تي هڪ ڀيرو ڪوجهيءَ جي دل ڏاڍو رنجي هئي ۽ هُن بارگاهه خداوند ۾ روئيندي ٻاڏايو هو، مالڪ اڳيان دانهيندي پنهنجي سونهن جو دان گهريو هيائين ۽ رب به مٿس راضي ٿي پيو هو. سندس دُعا اگهامجي وئي هئي، پر ايئن بنهه ڪونه هو! غلام سرور جيڪو پاڙي جي گهٽيءَ واري ڪنڊ ۾ کير ۽ ڏهي وڪڻندو هو، سو ٻاتو هوندو هو، تنهنڪري اوڙي پاڙي جا ماڻهوکيس ”سرو ٻاتو ڏهيءَ وارو“ سڏيندا هئا. سرو ٻاتو ڪوجهيءَ کي سدائين چاهيندو رهيو هو ۽ ڪوجهي جيڪا ويچاري دنيا جهان جي مهڻن ۽ طعنن کان بي نياز الله جي خدائي ۾ مست گهمندي وتندي هئي، تنهن جون به اکيون جيڪڏهن نياءُ سان کڄنديون هيون ته سرو ٻاتي ڏانهن کڄنديون هيون، سرو ٻاتو اڪثر ڪوجهيءَ کي سڏي اِهو ئي چوندو رهندو هو ته ”سسئي! ٻُڌ هي سڀ ماڻهو ڪوجها اٿئي، جيڪي توکي ڪوجهو سڏين ٿا، ڇوته هنن وٽ عشق ڪونهي، هي سڀ حرص ۽ لاڀ سان ڀريل آهن. سسئي، تون ته هِن ڏهيءَ ۽ کير جهڙي اَڇي آهين، پت نه اچئي ته وڃي پاڻ کي درسنيءَ ۾ ڏس.“ ۽ پوءِ ڪوجهي اڪثر گهر وڃي پاڻ کي درسنيءَ ۾ سرو ٻاتي ڏهيءَ واري جي نگاهن سان ڏسندي هئي، جن ۾ رڳو عشق سمايل هوندو هو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪوجهي پنهنجي نالي جهڙي سهڻي، سسئي بڻجي پئي.
    عشق جيڪو غير مجسم آهي، اُهو جڏهن ڪٿي به ديرو ڄمائيندو آهي ته اُهو ڪوجهيءَ جهڙي بدصورت ۽ نڀاڳي ڇوڪريءَ کي به بنهه خوبصورت ۽ ڀاڳوند بڻائي ڇڏيندو آهي، اِهو ئي عشق آهي، جيڪو ڪوجهي ليليٰ جو قصو صدين تائين ڦهلائي ڇڏيندو آهي. عشق جتي ديرو ڄمائيندو آهي، اُن جو رنگ ئي نرالو ٿي پوندو آهي، ايئن ئي جيئن ڪوجهيءَ جو رنگ نرالو ٿي پيو. گوتم ٻُڌ چيو آهي ته ”پنهنجو پاڻ سان پيار ڪيو....“ ايئن ئي وري سقراط چوي ٿو ته ”پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو“ ڪَپل وستوءَ جي شهزادي سڌارٿ جي اندر ۾ ته گوتم موجود هو، پر کيس اُن گوتم کي جيارڻ ۽ ڳولهي ڪڍڻ جي ضرورت هئي، جيڪا ڪوشش هن ڪئي ۽ اُن نرواڻ کي رسيو، جيڪو پنهنجو پاڻ سان پيار ڪرڻ ۽ عشق آهي.

    ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙو ماڻهو هڪڙي پهتل بزرگ وٽ وڃي پهتو ۽ کيس چيائين ته مون کي پنهنجو مُريد ڪر ۽ گيان جو سبق ڏي. پهتل بزرگ کيس چيو ٺيڪ آهي، تون سامهون واري خالي ڪوٺيءَ ۾ رهائش اختيار ڪر ۽ اڄ رات کان ويهي ان ڪوٺيءَ ۾ ’الله الله‘ ڪر. مريد وڃي اُن ڪوٺي ۾ رهيو ۽ ’الله الله‘ ڪرڻ لڳو، ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ بزرگ کيس گهرايو ۽ حال احوالي ٿيو ۽ ڏنل وِرد بابت پُڇيائين، مريد کيس چيو بس ’الله الله‘ ويٺو ڪريان، ٻيو مڙوئي خير...!!
    مرشد بزرگ کيس چيو ته معنيٰ تو ۾ اُن وِرد سان ڪابه تبديلي ڪونه آئي آهي؟ مريد کيس وراڻي ڏني ته
    ”نه ڪابه تبديلي ڪونهي آئي.“
    مرشد وري کيس چيو ته ٺيڪ آهي، ساڳئي طرح ’الله الله‘ ڪندو رهه، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بزرگ شخص کيس گهرايو ۽ حالي احوالي ٿيو، پر مريد جا ساڳيا حال هئا، ايئن ڪي مهينا گذري ويا، پر مريد اُهو ئي خالي ۽ ڪورو جو ڪورو رهيو. نيٺ هڪ ڏينهن کيس بزرگ چيو ڀلا ٻڌاءِ ته توکي زندگيءَ ۾ ڪا شيءَ پياري آهي، جنهن تي مريد کيس چيو ته ها هڪ ڍڳو هئم، اهو بيحد پيارو هئم. مرشد کيس چيو ته ”پيارو هئم... ڇا مطلب، هينئر توکي اهو پيارو ڪونهي ڇا؟“ مريد کيس چيو سائين ”آئون پنهنجي ڍڳي سان جنون جي حد تائين پيار ڪندو هوس، سو چوري ٿي ويو، اُن ڪري ئي توهان وٽ آيو آهيان، دل جو سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ.“
    بزرگ شخص ڳالهه سمجهي ويو، مريد کي چيائين تون پنهنجي ڍڳي کي ڪيئن پڪاريندو هئين، مطلب ته ان جو ڪو نالو وغيره ته هوندو؟ مريد کيس چيو ته ”سائين منهنجي ڍڳي جو نالو سارنگ هو“ مرشد کيس چيو ته اڄ کان تون وڃ وڃي ڪوٺي ۾ ’سارنگ سارنگ‘ جو وِرد ڪر. همراهه وڃي ڪوٺيءَ ۾ ويٺو ۽ ’سارنگ سارنگ‘ ڪرڻ لڳو، ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ بزرگ کيس سڏ ڪيو، جنهن تي همراهه در کان بيهي رڙ ڪندي چيو ته
    ”مرشد آئون در کان ٻاهر ڪيئن اچان، منهنجا سِنڱ ايڏا وڏا ٿي ويا آهن، جو مان در کان ٻاهر نڪري نٿو سگهان.“
    مطلب ته عشق آهي ئي اهڙي مراقبي، اهڙي محوويت گيان جو نالو، جنهن ۾ پنهنجي هستي نابود ٿي ويندي آهي، اِهو ئي سبب آهي جتي عشق ديرو ڄمائيندو آهي اُتي هر شيءَ ’ڪسڻ جو قرار‘ ٿي ويندي آهي، تنهنڪري ئي ته لاکيڻي لطيف پنهنجي ڪلام کي عشق جي اِسرارن سان ڀري اهڙو پيش ڪيو آهي، جو پڙهندي عقل دنگ رهجيو وڃي.
    عشق جون اِنتهائون ۽ اِسرار جيڪي شاهه سائين جي ڪلام ۾ مِلن ٿا، تن کي ڪنهن هڪ اڌ ڪتاب ۾ واضح نه ٿو ڪري سگهجي. ايئن ئي دنيا جي لکن هزارن شاعرن، صوفين، دانائن ۽ ليکڪن عشق کي انوکو ڪوٺيو آهي، جنهن جي اَنت بحر جي سُڌ چڱن ڀلن کي به ڪونه پوندي آهي. جتي عشق جي اوکن پنڌن جون ڳالهيون ۽ قصا آهن، اُتي مرشد لطيف عشق جي منزل ۽ لُطف جو اقرار به نهايت سهڻي نموني ڪيو آهي.

    مُلهه مهانگو قطرو، سِڪڻ شهادت،
    اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو. (شاهه)


    جيڪو به جِيوَ حرصي ۽ لوڀي آهي، اُهو حقيقت ۾ پاڻ کان به ڏور آهي ۽ جيڪو ڪوئي پنهنجو پاڻ کي ڏور آهي، اُهو عشق جو حصو بڻجي نٿو سگهي نه وري عشق اُن جي حصيداريءَ ۾ اچي ٿو ۽ شايد ايئن صحيح ٿئي ٿو ته لوڀي ۽ حرصي وجود پنهنجو پاڻ تي ظلم ڪري ٿو ۽ نفس جو غلام بڻجي عشق جي راهه کان ڪوهين ڏور ٿي وڃي ٿو، ڇو ته عشق خود شناسي جو پهريون ڏاڪو ۽ بنيادي ايڪو آهي، جنهن جو انت لهڻ ڪنهن جوکي کان گهٽ ڪونهي. عشق متعلق لاکيڻي لطيف جي هيءَ سِٽ سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي ته:

    نڪو سَنڌو سُور جو، نڪو سَنڌو سِڪَ
    عدد ناه عِشقَ، پُڄاڻي پاڻ لهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو