عالم چنه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏29 مارچ 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    سادگي پسند عالم چنا جي قدآور آکاڻي.
    گنبذ بوڪ آف ورلڊ ريڪارڊ موجب( 1982 کان 1998 ) تائين پاڪستان جو عالم چنا دنيا جو سڀ کان طويل القامت( ڊگهو) شخص هئو. اطلاعات موجب وفات کان اڳ سندس قد 7 فوٽ 7 انچ هئو.
    عالم چنه جو تعلق هڪ غريب سنڌي گهراڻي سان هو. ڪنهن به قسم جي آعلي تعليم حاصل نه ڪيائين. ان جي گهراڻي جا مرد مشهور صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جا معتقد هئا. ملازم به هئا. شروعاتي ننڍي وڏي مذدوري کان پوء عالم چنه زياده وقت اتي ئي سيوهڻ ۾ گذاريو. هن جي ذمه مزار جي ڪجهه حصن جي صفائي ۽ سنڀال هئي. روايتي طور تي صوفي بزرگ لعل شهباز قلندر جو عرس( ميلو) هر سال ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو هئو. ميلن تي هر سال سرڪس وارا به پنهنجي انداز سان وڏو تنبو لڳائي ٽڪيٽ رکي زائرين لاء دلچسپي جو سامان مهيا ڪندا هئا. جن ۾ انسانن ۽ جانورن جا ڪرتب ناچ راڳ يا مسخري وجهي ماڻهن کي وندرائيندا هئا. اهڙي هڪ سرڪس واري عالم چنه کي ملازمت جي آڇ ڪئي 1978 کان هو سرڪس سان منسلڪ ٿيو. مزار تي هفتي ۾ کيس 15 روپيه ملندا هئا سرڪس وارن کيس 160روپيه مهيني تي رکيو . اها پيشڪش هن فورا قبول ڪئي.
    ائين عالم چنه مقامي اسٽار ٿي ويو. سرڪس سان هلندي هن سڄي سنڌ جو سفر ڪيو. ننڍڙي قد جا ٻه جوڪر ايندا هئا ڪرتب ڪندي عالم چنه جي انٽري ٿيندي هئي. هلندي جوڪرن کي جهٽي ڪلهي تي ويهاريندو هئو. ائين محسوس ٿيندو هو ته هڪ ديو کان ڀڄڻ جي ڪوشش پيا ڪن. ماڻهو گهڻو داد ڏيندا هئا. 1981 ۾ هڪ آدم شناس ماڻهو عالم چنه کي سرڪس ۾ ڏٺو. گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ جي ايڊيٽر کي خط لکيو. خط سان گڏ ڪجهه تصويرون به موڪليون. ڪجهه مهينن اندر گنيز جا ڪجهه آفيسر ڪراچي آيا، جتان سيوهڻ پهچي انهن عالم چنه سان ملاقات ڪئي، قد جي ماپ ڪئي جيڪو ست فوٽ ست انچ هئو ۽ برطانيه پهچي کيس دنيا جو قدآور ترين شخص قرار ڏئي گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ درج ڪيو. هي خبر پهرين سنڌي اخبارن ۾ پوءِ اردو ۽ انگريزي پريس ۾ اها خبر ڇپي. آخرڪار سرڪاري ٽي وي( پي ٽي وي ) تي رات جو 9 واري بليٽن ۾ اها خبر نشر ٿي. اهڙي طرح عالم چنه راتون رات قومي کان ٻين الاقوامي شهرت حاصل ڪئي. جتي ويندو هو ميڊيا، نمائنده ۽ تماشائي سندس پيڇو ڪندا هئا. جنهن انداز ۾ کيس جلدي شهرت ملي ان مان پريشان ٿي سرڪس ڇڏي مزار تي اوقاف جي مستقل ملازمت اختيار ڪئي.
    عالم چنه ان وقت به مزار تي ملازم هئو جڏهن 1983 ۾ جنرل ضیاء الحق جي آمريت خلاف سنڌ ۾ جدوجهد پئي هلي.
    هن جدوجهد ۽ مظاهرن کي چند 'غدارن' جي ڪارستاني قرار ڏيڻ لاءِ ضيا سنڌ صوبي جي اهم جاين جي دوري جو فيصلو ڪيو. پر سندس هيلي ڪاپٽر جتي به لٿو پئي اتي مسلسل احتجاج، مظاهره، پٿر ۽ لعنتون پئي مليس. سيپٽمبر 83 کان پوءِ ضياء الحق هڪ اهڙي جڳھ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو جتي ڪشيدگي عروج تي هئي. يعني دادو
    مشيرن چيس ته اتي هو فخر سنڌ عالم چنه سان فوٽو سيشن ڪري.
    سيوهڻ ۾ اڌ درجن پوليس وارا ڪجهه آفيسر خاموشي سان عالم چنه جي گهر پهتا. مزار تي نه ويا ڇو ته مزار ضيا مخالف ڪارڪنن جو مرڪز بڻجي چڪو هو. عالم چنه کي ٻڌايو ويو ته پوليس اهلڪار تنهنجي گهر تي بيٺل آهن، هي غير سياسي ما ڻهو پريشان ٿي ويو مزار کان ڪونه چريو . ان وچ ۾ هڪ پيغام رسان کيس ٻڌايو ته صدر هٿان کيس ايوارڊ ملڻو آهي. اهو وصول ڪرڻ لاءِ ڪراچي هلبو. هي گهر طرف آيو آفيسرن سان مليو ۽ هلڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن شام جو ڪراچي هلڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو.
    جيئن ئي آفيسر روانا ٿيا، سنڌي قوم پرستن، گهر وارن ۽ دوستن سان سندس ملاقات ٿي، احوال ٿيا. سڀني کيس جهليو ته اصل ملاقات نه ڪجو اسين سڀ سنڌي ضياء جي ظلم جو شڪار آهيون. عالم چنه ڪلها لوڏي نه وڃڻ جي حامي ڀري. ٻئي ڏينهن حسب دستور مزار تي آيو. شام تائين ٻاهر نه نڪتو. افسران آيا، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳوليندا رهيس نيٺ مايوس ٿي خالي هٿين ڪراچي واپس ٿيا.
    الائي ڇو ۽ڇا ضيا کي ٻڌايو ويو، پر هن مشهور سنڌي سان ضياء کي ملڻ جو جنون برقرار رهيو. 1985 ۾ وري کيس عالم چنه سان تصوير ڪڍائڻ جو شوق جاڳيو. ان وقت تائين عالم چنه هڪ حقيقي اسٽار بڻجي چڪو هو. ٻاهرين ملڪن مان کيس تقريبن جون دعوتون ملڻ شروع ٿي ويون. هي ساڳي طرح مزار تي ويندو رهيو. مارچ 85 تي کيس سيوهڻ ۾ ملڻ ڪجهه آفيسر آيا( هن دفعي پوليس وارا نه هئا)،کيس 23 مارچ تي ضياء الحق هٿان يوم پاڪستان جي پريڊ تي چوري ايوارڊ وصول ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي. 21 مارچ تي ڪراچي پوء اتان هوائي سفر ذريعي اسلام آباد نيو ويو. تقسيم ايوارڊ جي تقريب دوران هزارين ماڻهن سامھون هن ضياء کان ايوارڊ وصول ڪيو هڪ فوٽو گرافر ان لمحي کي قيد ڪيو.
    پاڪستان جي سڀني نمايان اخبارن برطانيه جي ڊيلي ٽيليگراف به اها خبر ۽ تصوير شايع ڪئي ظاهر آهي ته ضيا ننڍي قد جو هو ايوارڊ ملڻ وقت ۾ عالم چنه کي ڪافي جهڪڻو پيو. سنڌي پريس زبردست تبصرو ڪيو ته " سنڌ هاڻ به ضياء الحق کي ننڍو سمجهي ٿي"
    1988 ۾ ضياء جي موت بعد به عالم چنه جي شهرت عروج تي پهچي وئي
    بي نظير ڀٽو ۽ نواز شريف به سندس مان ڪيو سرڪاري خرچ تي يورپ آمريڪا، خليجي ملڪن جا دورا ڪيائين.
    خير سان 1989 ۾ شادي ڪيائين 1990 ۾ کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
    سندس صحت وڌيڪ وزن هجڻ سبب خراب ٿيڻ شروع ٿي. هو اڪثر شڪايت ڪندو رهندو هئو ته مان عام زندگي ۾ ڏاڍو خوش هئس. پنهنجي درگاهه جي فقيري ۽ سرڪس جي زندگي جو ذڪر ڪندو رهندو هو. کين ڪافي قيمتي تحفا به ملندا هئا پر هن مزار جي حاضري نه ڇڏي.
    1998 ۾ سندس گڙدا ناڪاره ٿيڻ شروع ٿيا. حڪومت وقت کيس علاج لاءِ سرڪاري خرچ تي آمريڪا موڪليو. اتي اسپتال ۾ هو ڪوما ۾ هليو ويو جلد ئي وفات ڪري ويو. ان وقت سندس عمر 45 سال هئي. مرحوم سيوهڻ ۾ مدفون آهي.
    عالم چنه جي 27 سالہ پٽ کي پنهنجي بابا جي دلي خواهش کي پوري ڪرڻ جو عزم آهي ته سيوهڻ ۾ هڪ يونيورسٽي هجي. ان لاءِ هو حڪومت وقت، ارباب اختیار کي اپيلون ڪندو رهي ٿو.
    هي مضمون ڊان اخبار 25آڪٽوبر 2015 تي سنڊي ميگزين ۾ شايع ٿيو. ليکڪ نديم ايف پراچہ
    Sanaullah Khan Ahsan جي ٿورن سان.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو