سهڻي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مجيب ڪورائي جو تعارف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سهڻي شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار مجيب ڪورائي جو تعارف

    پيشڪش : احساس ميرل


    اصل نالو : مجيب الرحمان
    ادبي نالو : مجيب سنڌي
    والد جو نالو : محمد حيات
    جنم : 5 مارچ 1983
    ذات : ڪورائي
    رهائش : عمر مارئي ڳوٺ قائد آباد، بن قاسم ٽائون ڪراچي
    تعليم : مئٽرڪ
    ڪرت : پنهجو ڪاروبار
    لکڻ جي شروعات : 1998ع
    ڇپيل مواد : سنڌي مئگزين، رسالن ۽ اخبارن ۾ مختلف وقتن تي تخليقون ڇپجنديون رهن ٿيون.
    صنفون : غزل، گيت، وائي، ڪافي، بيت، نظم وغيره وغيره، مضمون ۽ ڪجھ ڪهاڻيون.
    ڇپيل ڪتاب : تياري جي مرحلي ۾ آهي

    سندس شاعري مان ڪجھ چونڊ

    غزل

    ڇا جي چاهت ڇا جي ياري
    هر ڪنهن وٽ آ دنيا داري

    رشتن جو ڪو مان نه آهي
    سڀ کي پياري ناماچاري

    هر ڪو ساڙ سڙيو ٿو ڏسجي
    هر ڪنهن وٽ آ مارا ماري

    مفلس ماڻهو سورن ۾ آ
    آهي تماشو دنيا ساري

    نيٺ مجيب اڀرڻو آهي
    مون جنهن سج جي راھ نهاري.

    غزل

    شاھ گداگر تنهنجي در تي
    ڪيئي گوهر تنهنجي در تي

    آئون به دل جو دان رکان ٿو
    منهنجا دلبر تنهنجي در تي

    مون جهڙا سَوَّ شاعر آهن
    سڀ ثنا گر تنهنجي در تي

    هيڪر ٻيهر ٽيهر ڇا لئه
    ايندس هر هر تنهنجي در تي

    وائي

    هاڻي آءُ هلي،
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    ٿر بر آ سائو ٿيو
    مهڪي مند ڀلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    موسم ڏس ملهار جي
    کنوڻين ساڻ کلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    رنگ نرالا مينهن جا
    ڌرتيءَ جھول جھلي
    آيا سانوڻ مينهنڙا

    گيت

    سھڻي سنڌي ٻولي آ
    سرل سجيلي سولي آ

    سچا مٺا سنڌي آهن
    نفرت دل ۾ رکندا ناهن
    اهڙي مليل لولي آ

    جيئي سنڌ ۽ سنڌ جو نعرو
    باکن جهڙو سرخ نظارو
    دل جي ڳالھ مون کولي آ

    ڄاڻن ٿا بس پيار ئي پيار
    ٻڍا پڪا توڙي ٻار
    ڄڻ چاهت جي چولي آ

    اهڙي "مجيب" ٻي ڪا ناهي
    جھڙي سنڌي ٻولي آهي
    ڳلي ڳلي مون ڳولي آ.

    ڪافي

    پيار ۾ هر اک ٻڏل لڳي ٿي
    پر ڇو دل دل ڀڳل لڳي ٿي

    جنهن جنهن جڳ ۾ پيار ڪيو آ
    دنيا ان کي خوار ڪيو آ
    تہ بہ اک اک هت اڙيل لڳي ٿي

    مست ملنگن جو هي ٽولو
    سپنو ڀرت ڀريل ڪو چولو
    گهڙي گهڙي هر اٿل لڳي ٿي

    حسن عجب ۽ پيار عجب آ
    هر ڪنهن جو وهنوار عجب آ
    الڳ الڳ ڀت اڏيل لڳي ٿي

    محبت ماريل اک نماڻي
    مجيب هر دم لڳي اياڻي
    پنهنجو پاڻ کان رٺل لڳي ٿي.
     
  2. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    پيارا سائين محمد سليمان وساڻ صاحب، تعارف ۽ تخليقون سنڌسلامت تي ونڊڻ تي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان
    ڪروڙين قرب، سدائين خوش آباد هجو
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو