1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

سنڌي صورتخطيءَ ۾ لفظن جي مرڪَّب صورت وارو معاملو

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,583
    ورتل پسنديدگيون:
    27,084
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي صورتخطيءَ ۾ لفظن جي مرڪَّب صورت وارو معاملو

    The issue of compound form of words in Sindhi Orthography

    ڊاڪٽر الطاف جوکيو


    هيڪجـﻫـڙي/ هڪ جـﻫـڙي، هڪ ٻئي/ هڪٻئي، سڌو سنئون/ سنئون سڌو، نواب شاهہ/ نوابشاهہ، ڄام شورو/ ڄامشورو
    are studied under issue of compound form of words. This is different dilemma from complex and compound words. After the study of compound form of words regarding combining and separation, the noted points are as under:
    In Sindhi Orthography, Sindhi words are written in separate form, as: من گھڙت

    In Sindhi Orthography, Arabic or Persian components of compound words are usually written in combined form, as: ‘صورتخطي’, ‘تندرست’ etc. To large extent, Sindhi Orthography regarding combined form of words is followed by Persian Orthography.

    No any yardstick has been settled regarding combined or separate form of words; if these long vowel letter/ Harf e Illat, long nasal vowel, diphthong and clandestine ’ه‘ would be used between two words, then words will be written in a separate form.

    In rare cases, dependable syllable comprising on two letters are written jointly; otherwise hyphen is used between compound forms of words commonly.

    These forms of words are suggested: ‘هڪٻئي, اڄڪلهه, سڌو سنئون, for person: نواب شاه, ڄام شورو and for place: نوابشاه, ڄامشورو.

    ترجيحي صورت لاءِ بحث هيٺ آندل مرڪب لفظ
    هيڪجـﻫـڙي/ هڪ جـﻫـڙي، هڪ ٻئي/ هڪٻئي، نواب شاهہ/ نوابشاهہ، ڄام شورو/ ڄامشورو، سڌو سنئون/ سنئون سڌو وغيره.

    لفظ ’مرڪب‘ ۽ ’مرتَّب‘ جي لغوي اکيڙ
    مرڪَّب ۽ مرتَّب لفظن بابت تفريق وارو بحث جيئن تہ ڪافي طويل آهي ۽ هن هنڌ صرف صورتخطيءَ جو معاملو مقصود آهي؛ ان صورت ۾ مرتَّب ۽ مرڪَّب لفظن جي مختصر دائرن بعد عام صورتخطيءَ جي اڀياس تي ئي ڀاڙجي ٿو.

    مرتَّب: هي عربي لفظ آهي، هن بنيادي لفظ تي، سنڌي ٻوليءَ ۾، ٻين وزنن وارا هيٺيان لفظ ڪم آندا ويندا آهن:
    رَتَبَ، (بنياد) بروزن ’فَعَلَ‘، معنى: هو ثابت رهيو، هو ٺـﻫـي بيٺو.
    ترتِيب، (مصدر) بروزن’تَفعِيل‘، معنى: سـﻫـيڙڻ.
    مرتِّب، (اسم فاعل) بروزن’مُفعِّل‘ معنى: سـﻫـيڙيندڙ.
    مرتَّب، (اسم مفعول) بروزن’مُفعَّل‘ معنى: سـﻫـيڙيل.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظن/ صرفين جي جوڙ ملائڻ لاءِ هي اصطلاح ڪم آندو ويندو آهي. مختصر تہ ڪي بہ ٻہ يا وڌيڪ لفظ سـﻫـيڙي گڏ بيـﻫـارڻ! اها تہ ٿي لفظ جي لغوي معنى، تہ پوءِ ان جو دائرو ڪيترو آهي؟ ان جي وصف ۾ ڪـﻫـڙي قسم جا لفظ اچي سگھن ٿا؟ ان بابت هن کان اڳ شايد ڪنـﻫـن دائرو جوڙيو هجي؟ دائري مقرر ڪرڻ بعد ڪي لفظ شامل ڪيا هوندائين؟ شامل ڪيل لفظ ڪيتري قدر ان تي پورو لـﻫـن ٿا؟ وغيره جـﻫـڙن سوالن تحت اڀياس ڪيو ويندو آهي. مذڪوره عنوان تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي تفصيلي ڪم ڪيو آهي ۽ ڊاڪٽر الانا صاحب بہ ان جي ڪن پاسن تي ٻيـﻫـر سوچڻ لاءِ ضرورت ڏيکاري آهي. بـﻫـرحال هت ان موضوع جي تفصيل ۾ وڃڻ کان لنوائيندي ڊاڪٽر جيٽلي جي جوڙيل دائري تي اڪتفا ڪجي ٿو:
    ”مرتَّب لفظ (Complex wordd) اهو آهي، جنـﻫـن ۾ هڪدم ويجھن جزن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ جزو پَروس روپ آهي.“ (جيٽلي، 4- 1990: 31)

    مرڪَّب: هي لفظ بہ عربي ٻوليءَ جو آهي، سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جي بنياد مان ٻين وزنن وارا لفظ هيٺين ريت ڪم آندا ويندا آهن:
    رَڪبَ/ رڪَّب، (بنياد) بروزن ’فَعَلَ/ فَعَّلَ‘، معنى: هن جوڙيو، هن ملايو.
    ترڪِيب (مصدر) بروزن ’تَفعِيل‘، معنى: جوڙڻ.
    اِرتِڪاب (مصدر) بروزن ’اِفتِعال‘ معنى: اختيار ڪرڻ، ڪنـﻫـن ڪم ۾ هٿ ڳنڍڻ/ وجھڻ.
    مرڪَّب (ترڪيب مصدر مان، اسم مفعول) بروزن ’مُفَعَّل‘ جوڙيل.
    مُرتَڪِب (ارتڪاب مصدر مان، اسم فاعل) بروزن ’مُفتَعِل‘، اختيار ڪندڙ.
    لفظن جي ڇيد بعد سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڊاڪٽر جيٽلي صاحب جي وصف ڏجي ٿي، جنـﻫـن ۾ ڄاڻايو اٿس تہ: ”مرڪَّب (Compound word)اهو آهي، جنـﻫـن ۾ ٻئي هڪدم ويجها جزا آزاد روپ هوندا آهن.“ (جيٽلي، 4- 1990: 31)

    مرڪّب ۽ مرتّب لفظن جا دائرا
    انتـﻫـائي مختصر جاچڻ بعد هت صرف صورتخطيءَ جي حوالي سان اڀياس پيش ڪجي ٿو:
    مرتّب ۽ مرڪّب لفظن جي نوعيت مان اندازو ٿئي ٿو تہ مرتَّب لفظ هر صورت ۾ ملائي لکڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تہ مرتّب لفظ ۾ هڪ جزو/ صرفيو پروَس هوندو آهي؛ جڏهن تہ مرڪَّب لفظ الڳ لکڻ گھرجن، ڇاڪاڻ تہ ان جا جزا پروس نہ هوندا آهن. پر عام صورتن ۾ ائين نہ ٿو ٿئي، جيئن:

    مرتَّب لفظ: اڻ- وڻندڙ، بي- تُڪو وغيره.
    مرڪَّب لفظ: صورتخطي (صورت + خطي)، اڳڪٿي (اڳ + ڪَٿي) وغيره.

    مٿئين ڍنگ مان پتو پوي ٿو تہ صورتخطيءَ ۾ ملائي يا الڳ لکڻ وارو معاملو مرڪَّب يا مرتَّب لفظن جي دائري کان ٻاهر آهي. هن صورت ۾ صرف ’مرڪَّب صورت‘ جو اصطلاح استعمال ڪندي، اڀياس ذريعي ملائي يا الڳ لکڻ واري معاملي لاءِ ڪي دائرا متعيّن ڪرڻ ممڪن آهن.

    ’مرڪب صورت وارا لفظ ملائي يا الڳ لکڻ‘ جو جائزو
    مرڪب صورت وارا لفظ ٻن يا ٻن کا وڌيڪ اهڙن لفظن تي مشتمل هوندا آهن، جيڪي خيال/ تصور ۾ هڪ هجن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽن قسمن جا مرڪب صورت وارا لفظ جاچيا ويا آهن:
    (الف) کليل مرڪب صورت وارا لفظ: اهڙا لفظ جيڪي الڳ الڳ لکيا ويندا هجن؛ جيئن: سنئون سڌو، ڍڳي گاڏي، دال روٽي، ڄاڻي ٻجهي، مـﻫـمان مڙﮩـو، ڀاڄي ڀتي، اتر واءُ، چڱو ڀلو، آتم ڪـﻫـاڻي، انگ اکر، ٻانـﻫـن ٻيلي، لڏ پلاڻ، جڳ مشـﻫـور، ٿڌو مٺو، ڦوه جواني، خدا پرست، خدا ترس، وغيره.
    (ب) ڳنڍيندڙ ليڪ سان مرڪب لفظ: اهڙا لفظ جيڪي ڳنڍيندڙ ليڪ سان الڳ لکيا ويندا هجن؛ جيئن: هڪ- اڌ، ، ٻہ- اکري، ٻہ- اڍائي، يڪ- طرفي، يڪ- مشت، دو- چشمي، ورڻ- مالا، الف- بي، شمسي- قمري، ڏندن- چپ گاڏئون، ٽيـﻫـہ- اکري، اُپ- ورڻ، زيرون- زبرون، واؤ- ويڇو وغيره.
    (ج) مستقل مرڪب لفظ: اهڙا لفظ جن کي گڏي هڪ لفظ ڪري لکيو ويندو هجي؛ جيئن: کلمُک، کٽمٺڙو، اڳڪٿي، هڪدم، آسپاس، پٺڀرائي، چڱڀلائي، پوروڇوٽ، گڏوگڏ، ڊانواڊول، آپگھات، مـﻫـمانوازي، پوئلڳ، ڀڃڪڙي، سالگره، گھڻگھرو، افراتفري (افراط و تفريط)، صورتخطي، آمدورفت، خوبصورت، تندرست، فرمانبردار، خوشگوار، رحمدل، يڪتارو، رهائشگاه وغيره.

    مرڪب لفظ جون صورتون ٻن حالتن ۾ نوٽ ڪيون ويون آهن: هڪ: دائمي، ٻي: عارضي.
    دائمي مرڪب صورت: هيءَ لفظن جي مرڪب صورت اهڙي بڻجي ويندي آهي جنـﻫن کي صورتخطيءَ ۾ هڪ مستقل حيثيت حاصل هوندي آهي ۽ لغتن ۾ پڻ جاءِ ڏني ويندي آهي؛ جيئن: اڳڪٿي، خودڪشي، تندرست وغيره

    عارضي مرڪب صورت: هيءَ لفظ جي مرڪب صورت اهڙي بڻائي ويندي آهي، جيڪا پڙﻬـندڙ جي ضرورت آهر، وقتي ڪم آڻي سگھجي، پوءِ اها کليل صورت هجي، ڳنڍيندڙ ليڪ سان هجي يا ملائي لکڻ واري صورت! ليڪن ايترو ضرور آهي تہ اها عام ٿيڻ کان پوءِ هڪ صورت اختيار ڪري لغت جي زينت پڻ بڻجي سگھندي آهي؛ جيئن: ’ڏندن- چپ گاڏئون وينجن آواز‘ (الانا، 2009: ڏنل چارٽ تان)

    مرڪَّب/ مرتَّب لفظ ملائي يا الڳ لکڻ وارو معاملو ڪافي پراڻي وقت کان هلندڙ آهي، ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ جيڪو ’باب نامو‘ (ٻاراڻو ڪتاب) لکيو، جنـﻫـن کي 1853ع ۾ تعليم کاتي ڇپائي پڌرو ڪيو هو؛ انهيءَ جي سن 1857ع واري لِٿو ڇاپي جي پـﻫرين صفحي تي آئيويٽا ڏيئي، پوءِ ٻاويـﻫـہ صفحن تائين وينجنن تي اعرابن سان گڏ ڪي لفظ اهڙا بہ سڌاريا ويا، جيڪي الڳ يا گڏ لکيا ٿي ويا.
    ننديرام جي باب نامي مان: ٻہ پـﻫري/ ٻہ- پـﻫري
    هاڻوڪي هِجي: ٻِپـﻫري

    ڊاڪٽر مرليڌر صاحب صورتخطيءَ جي خيال کان لفظن کي گڏي لکڻ واري ڍنگ تي تنقيدي نظر رکندي لکي ٿو تہ: ”ننديرام ڪيترن هنڌن تي ٻن لفظن کي گڏي هڪ لفظ وانگر لکيو آهي، جن کي حقيقت ۾ جدا ڪري لکڻ کپي:
    ننديرام جي باب نامي مان: نَڪَجي، هيڪجـﻫڙي، اُنَنِکي، اُنمان، ڳَچجيتِرن
    هاڻوڪي هِجي: نہ ڪجي، هڪ جـﻫڙي، اُنَنِ کي، اُن مان، ڳَچ جيتِرن
    (جيٽلي، 1999: 178)
    19 ڊسمبر 19988ع تي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران درسي ڪتابن ۾ درست ٻوليءَ جي استعمال بابت سڏايل ورڪشاپ ۾ گروپن جي صورت ۾ صورتخطيءَ جي حوالي سان ڪي سفارشون پيش ڪيون ويون. سنڌي پـﻫـرئين ڪتاب لاءِ جيڪي سفارشون ڏنيون ويون هيون، ان ۾ هڪ لفظ گڏي لکڻ جي حوالي سان بہ هيو، جيڪو هيٺين ريت هيو:

    ڪجھ لفظن جي اِملا (صورتخطي) درست لکيل نہ آهي يا ڪجھ لفظ گڏي نہ لکيا ويا آهن، انهن جي املا/ صورتخطي درست ڪئي وڃي، جـﻫڙوڪ:
    هڪ ٻئي = هڪٻئي (صحيح)
    (تاج، جون- 1999: 71)
    20011ع ۾ هن مسئلي تي تاج جويي ’ميڊيا ۽ سنڌي ٻولي‘ جي موضوع هيٺ مرتَّب ڪيل ڪتاب جي مقدمي ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال‘ جي عنوان هيٺ لکي ٿو تہ: ”ڪيترا ليکڪ مالڪي ڏيکاريندڙ لفظن يا مختلف ضميري صيغن کي لکڻ جي اصول کان غير واقف هئڻ ڪري، انهن جي صورتخطيءَ يا لکت وقت مونجھاري جو شڪار هوندا آهن. انهن جي اها ڄاڻ نہ هوندي آهي تہ انهن لفظن يا صيغن کي ڌار لکجي يا گڏي لکڻ کپي. لفظن جي انهيءَ غلط طريقي کي بہ ’ٻوليءَ جي لکڻ‘ واري انداز جو بگاڙ سڏي سگھجي ٿو، مثال طور:
    منـﻫـن جو گھر گاڏيءَ کاتي ۾ آهي.
    تنهن جو ڪتاب ڪڏهن ڇپبو؟
    هر ڪنـﻫـنجو پنـﻫـن جو پنـﻫـن جو ظرف آهي.
    اسانجو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪجھ نہ وڃي.
    جنـﻫـنکانسواءِ دم نہ گذري، تنـﻫـنکانسواءِ ڏينـﻫـن ڪيئن گذرندا.
    مونکي اڄ ڪم آهي.
    جنـﻫـنجو کائجي، تَنـﻫـنجو ڳائجي.
    هن منـﻫـنجو حق غضب ڪيو، تنـﻫـن ڪري مون مٿس دانـﻫـيو.
    رستو کڏا کڏا هئو، جنـﻫـن ڪري توهانکي تڪليف آئي.
    ليڪ ڏنل لفظن جي ’صحيح لکت‘/ صورتخطي هيٺين ريت ٿيندي:
    ’منـﻫـنجو، تنـﻫـنجو، ڪنـﻫـن جو، پنـﻫـنجو پنـﻫـنجو، اسان جو، جنـﻫـن کان سواءِ، تنـﻫـن کان سواءِ، مون کي، جنـﻫـن جو، تنـﻫـن جو، تنـﻫـنڪري، جنـﻫـنڪري، توهان کي.‘ “ (تاج، 2009: 26- 27)

    لئنگويج اٿارٽيءَ پاران پيش ڪيل مرڪب لفظ:
    ’مرڪّب صورت‘ جي صورتخطيءَ وارن معاملن کي، ڊگھي خاموشيءَ بعد، باضابطہ طور تي 20088ع ۾ نئين سِري سان عالمن اڳيان پيش ڪيو ويو. هيٺ اهڙين صورتن ۽ عالمن جي راين کي سامهون رکجي ٿو:

    پيش ڪيل لفظ: اڄڪلهہ/ اڄ ڪلهہ/ اڄ ڪالهہ
    راءِ ڏيندڙ:
    اڄڪلهہ: ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو.
    اڄ ڪلهہ: ولي رام ولڀ، عبدالغفار صديقي.

    پيش ڪيل لفظ: پنـﻫـنجو/ پنـﻫـن جو
    راءِ ڏيندڙ:
    پنـﻫـنجو: ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراهيم جويو، ولي رام ولڀ،ڊاڪٽر مدد علي قادري، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو.
    پنـﻫـن جو: ڪوبہ نہ.

    پيش ڪيل لفظ: جنـﻫـنڪري/ جنـﻫـن ڪري
    راءِ ڏيندڙ:
    جنـﻫـنڪري: محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر مدد علي قادري، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو.
    جنـﻫـن ڪري: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ

    پيش ڪيل لفظ: کان سواءِ/ کانسواءِ
    راءِ ڏيندڙ:
    کان سواءِ: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو
    کانسواءِ: محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر مدد علي قادري، آفتاب ابڙو

    پيش ڪيل لفظ: نواب شاه/ نوابشاه
    راءِ ڏيندڙ:
    نواب شاه: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
    نوابشاه: محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو
    * پروفيسر قلندر شاه راءِ رکي تہ: شـﻫـر لاءِ ’نوابشاه‘ ۽ ماڻهوءَ لاءِ ’نواب شاه‘ لکڻ گھرجي.

    پيش ڪيل لفظ: ڄامشورو/ ڄام شورو
    ڄامشورو: محمد ابراهيم جويو، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو
    ڄام شورو: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
    * پروفيسر قلندر شاه راءِ رکي ٿو تہ: ڳوٺ ۽ ضلعي لاءِ ’ڄامشورو‘ ۽ ماڻهوءَ لاءِ ڄام شورو.

    پيش ڪيل لفظ: سڌو سنئون/ سنئون سڌو
    راءِ ڏيندڙ:
    سڌو سنئون: آفتاب ابڙو، شفيع محمد چانڊيو.
    سنئون سڌو: ڊاڪٽر الانا، ولي رام، ڊاڪٽر مدد قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
    سنئون سڌو/ سڌو سنئون (ٻئي): محمد ابراهيم جويو، عبدالغفار صديقي، پروفيسر قلندر شاه لڪياري

    پيش ڪيل لفظ: الف- ب/ الف- بي
    راءِ ڏيندڙ:
    الف- ب: ڊاڪٽر الانا، ابراهيم جويو، عبدالغفار صديقي، آفتاب ابڙو
    الف- بي: ڊاڪٽر قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور، ڊاڪٽر سحر امداد، شفيع چانڊيو
    الف- بي/ ا-ب: ولي رام ولڀ
    الف- بي/ الف- ب: پروفيسر قلندر شاه
    *پروفيسر قلندر شاه لڪياريءَ راءِ بہ رکي آهي تہ ٻئي صحيح آهن، جيئن: ABC/ Alphabet
    (حقيقت ۾ انگريزي لفظ ABC ۽ Alphabett الڳ اصطلاحن ۾ توري سگھبا ۽ ’الف- بي‘/ ’الف- ب‘ لفظ جو معاملو الڳ آهي.)

    اٿلاڻي/ نچوڙ
    هن مسئلي تي ويچارڻ جو اشارو 1998ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران درسي ڪتابن ۾ درست ٻوليءَ جي استعمال بابت سڏايل هڪ ورڪشاپ ۾ ملي ٿو، جنـﻫـن ۾ صرف هڪ لفظ ’هڪٻئي‘ بابت ترجيحي صورت متعيّن ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب پڻ پنـﻫـنجي ڪتاب: ’ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ (1999)‘ ۾ ڪي رايا رکيا آهن؛ ان بعد هن عنوان تي پروفيسر تاج جوئي پنـﻫـنجي هڪ مضمون: ’سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال‘ جي آخر ۾ چند جملا ڏنا آهن، جن ۾ ملائي يا الڳ لکڻ جي حوالي سان ترجيحي صورتون بہ ڄاڻايون ويون آهن. جيڪي صورتون ڏنيون ويون آهن، سي هيٺينءَ ريت آهن:
    ’منـﻫـنجو، تنـﻫـنجو، ڪنـﻫـن جو، پنـﻫـنجو پنـﻫـنجو، اسان جو، جنـﻫـن کان سواءِ، تنـﻫـن کان سواءِ، مون کي، جنـﻫـن جو، تنـﻫـن جو، تنـﻫـنڪري، جنـﻫـنڪري، توهان کي.‘
    مرڪَّب/ مرتّب لفظن کي گڏي يا الڳ لکڻ جي معاملي ۾، باضابطه طور تي 2008ع ۾ عالمن اڳيان چند لفظ پيش ڪيا ويا؛ جيڪي لفظ هن عنوان آهر ترجيحي صورت لاءِ سامهون آيا آهن، سي هن ريت آهن:
    اڄڪلهہ/ اڄ ڪلهہ/ اڄ ڪالهہ، پنـﻫـنجو/ پنـﻫـن جو، جنـﻫـنڪري/ جنـﻫـن ڪري، کان سواءِ/ کانسواءِ، نواب شاه/ نوابشاه، ڄامشورو/ ڄام شورو، سڌو سنئون/ سنئون سڌو، الف- ب/ الف- بي.

    ڏنل اٿلاڻيءَ مان ٻنهي لفظن کي ملائڻ سان لفظن جا هيٺيان گروه بيـﻫـن ٿا:
    وياڪرڻي معاملو
    اسان جو، منـﻫـنجو، پنـﻫـنجو، تُنـﻫـنجو، تَنـﻫـن جو، تنـﻫـنڪري، تنـﻫـن کان سواءِ؛
    ڪنـﻫـن جو، جنـﻫـن جو، جنـﻫـن کان سواءِ، جنـﻫـنڪري؛
    مون کي، توهان کي.

    مرڪَّب صورتن جو معاملو
    اڄڪلهہ/ اڄ ڪلهہ/ اڄ ڪالهہ،
    هڪ ٻئي/ هڪٻئي
    سڌو سنئون/ سنئون سڌو،
    نواب شاه/ نوابشاه، ڄامشورو/ ڄام شورو،
    الف- ب/ الف- بي.

    ڇنڊ ڇاڻ
    هن عنوان ۾ جيڪي مرڪَّب/ مرتَّب لفظن جا نمونا سامهون آيا آهن، تن جي نوعيت پنجن قسمن جي آهي:
    هڪڙا، لفظ وياڪرڻي اصولن موجب ملائي لکڻا ٿا پون، اُهي الڳ صورت ۾ لکڻ بي زيبا ٿا لڳن، جيئن: منـﻫـنجو، پَنـﻫـنجو، تُنـﻫـنجو؛
    ٻيا، اهي آهن جيڪي وياڪرڻي اصولن موجب ڌار لکيا ٿا وڃن، گڏ صورت ۾ اڻ- وڻندڙ پيا لڳن، جيئن: تَنـﻫـن جو؛
    ٽيا، اهڙا آهن جن سان وياڪرڻ موجب ڪنـﻫـن بہ صورت ۾ ڪنـﻫـن امڪان جو مونجھارو نہ ٿو رهي؛ ان لاءِ عالمن جي اتفاق تي ڀاڙڻو پوندو آهي، جيئن: کانسواءِ/ کان سواءِ؛
    چوٿا، اهڙا مرڪّب صورتن جا لفظَ جن کي ڌار يا الڳ لکڻ لاءِ عام صورتخطيءَ کي جاچڻُو ٿو پوي، جيئن: اڄڪلهہ، چڱڀلائي، صورتخطي، ڀڄ ڊڪ، پاڻي ڪانجھي، داڻو پاڻي وغيره.
    پنجا، اهڙا لفظ آهن جيڪي ’بيـﻫـڪ جي نشانيءَ‘ سان ڳنڍي لکيا ٿا وڃن، جيئن: الف- بي/ الف- ب.

    هن عنوان سان لاڳاپيل معاملو اهڙو آهي، جنـﻫـن ۾ ڪي خاص مونجھارا ڪونـﻫـن، ان حالت ۾ گڏي لکڻ يا ڌار لکڻ يا بيـﻫـڪ جي نشانيءَ سان يا سواءِ لکڻ لاءِ ترجيحي صورت جي گھرج پيش ٿيندي آهي؛ ليڪن اهو تہ طئه آهي تہ ترجيحي صورت لاءِ بہ ڪن مونجھارن معلوم ڪرڻ لاءِ اڀياس ضروري هوندو آهي؛ ۽ لفظ جي وياڪرڻي حيثيت بابت اڀياس ڪرڻ بعد جيڪي امڪاني مونجھارا ۽ مروّج صورت سامهون ايندي، ان حالت ۾ ڪا ترجيحي صورت متعيّن ڪئي ويندي آهي/ ڪرڻ گھرجي.
    پروفيسر تاج جوئي جي هيءَ ڳالهہ تہ: ’ڪيترن ليکڪن کي لکڻ جي اصولن کان، اها ڄاڻ نہ هوندي آهي تہ انہن لفظن يا صيغن کي ڌار لکجي يا گڏي لکڻ کپي‘ ان سببان هوا ۾ هلي ٿي وڃي، جو اها فاضل دوست جي راءِ ذاتي آهي؛ ڇاڪاڻ تہ ڪٿي بہ ڪي سبب يا اصول نہ جوڙيا اٿس ۽ نہ وري ڪنـﻫـن عالم جو حوالو ڏنو اٿس؛ جنـﻫـن بنياد تي چئي سگھجي تہ هن جڳهه تي گڏي لکبو يا ڌار لکبو!

    وياڪرڻي صورتون
    ’اسان جو، منـﻫـنجو، پنـﻫـنجو، تنـﻫـنجو، تَنـﻫـن جو، تنـﻫـنڪري، تنـﻫـن کان سواءِ‘ جي ترجيحي صورتن جو معاملو:
    هي صورتون تاج جويي جي مضمون مان کنيل آهن، صاحب موصوف جيڪي صورتون ڏنيون آهن تنـﻫـن لاءِ ڪي اصول تہ ڄاڻايا ڪونهن، نہ وري اهو ڄاڻايو اٿس تہ هي صورتون ڪي عام صورتخطيءَ موجب رکيون وينديون آهن! هن صورت ۾ اهڙا رايا ذاتي رايا ليکيا ويندا آهن.
    هنن صورتن جي آخري جوڙ: ’جو‘ جي حيثيت ’حرف اضافت‘ (ڀيرومل، 1985: 522) يعني لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. هت اهو معاملو ڏسڻ جـﻫـڙو آهي تہ لاڳاپو ڏيکاريندڙ لفظ: ’جو‘ ڪنـﻫـن ضمير يا اسم سان گڏي لکجي يا ڌار لکجي؟
    ڄاڻايل ترجيحي صورتن ۾ لاڳاپو ڏيکاريندڙ لفظ ’جو‘ ڪن ضميرن سان گڏ لکيل آهي تہ ڪن کان ڌار رکيو ويو آهي. اهڙي معاملي کي جاچڻ لاءِ اڳئين جوڙ وارن لفظن جي امڪاني مونجهارن جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.
    اسان + جو:
    ’اسان + جو‘ لفظ ترجيحي صورت لاءِ رکيو ويو آهي تہ ملائي لکجي يا الڳ ڪري؟ لفظ ’اسان‘ ضمير جمع متڪلِم جي صورت آهي ۽ لاڳاپو ڏيکاريندڙ لفظ: ’جو‘ سان اهو لفظ ضمير جي حالت اضافت سڏبي. جيئن تہ هي لفظ ’اسان‘ اڪيلي صورت ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ آخري نون گھُڻي تي پورو ٿئي ٿو، ان صورت ۾ ’نون گُھڻي‘ کي وائکو رکڻ جي خيال کان، ذاتي راءِ موجب الڳ لکڻ بـﻫـتر ٿيندو.
    مختلف صورتون: اسان جو/ اسانجو
    ترجيحي صورت: اسان جو
    وياڪرڻي حيثيت: ضمير، جمع متڪلم + حرف اضافت

    منـﻫـن + جو:
    سنڌي صورتخطيءَ موجب لفظ ’مُنـﻫـن‘ (زيرن- زبرن کان سواءِ) ٻن صورتن ۾ ڪم آندو ويندو آهي:
    ’مُنـﻫـن‘ جو لفظ ’چـﻫـري‘ جي معنى ۾ ڪم ايندو آهي، جنـﻫـن سبب مونجھاري جو امڪان رد نہ ٿو ڪري سگھجي؛

    ٻي صورت ۾ ’مُنـﻫـن‘ لفظ اصل ۾ پروس جزي طور، ضمير آهي، ڇاڪاڻ تہ اڪيلي صورت ۾ ڪڏهن بہ ڪم نہ آندو ويندو آهي؛ ’مُنـﻫـن‘ لفظ حرف اصافت ’جو‘ سان ئي بيـﻫـندو آهي. مٿي ڄاڻايل جملي ۾ ’منـﻫـنجو‘ لفظ ’گھر‘ سان مالڪيءَ جو لاڳاپو ڏيکاري ٿو، تنـﻫـن ڪري هن لفظ ۾ ’اضافتي صفت واري خاصيت‘ آهي ۽ جيئن تہ ’مُنـﻫـن‘ لفظ اصل ضمير آهي، تنـﻫـن صورت ۾ ان کي ’ضميري صفت‘ چئبو. لفظ ’منـﻫـنجو‘ کي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ’ضمير مشترڪ‘ ۾ ڄاتو آهي (الانا، 1977: 156)، جيڪو وياڪرڻي مزاج مطابق درست ڪونهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ’مُنـﻫـِن‘ جو لفظ اصل ۾ ’مان‘ جي ٻي صورت آهي، جيڪو ’مان‘ ۾ ’حرف اضافت‘ ڳنڍڻ سبب ’مُنـﻫـن‘ جي صورت اختيار ڪندو آهي. وياڪرڻ جي لحاظ کان ’ضمير متڪلِم‘ آهي، پر جيئن تہ حيدرآبادي/ لاڙي لـﻫـجي موجب ’مان‘ ۽ ’آءٌ‘ لفظن مان ’آءٌ‘ جي صورت کي معياري ڄاتو ويو آهي، جنـﻫـن سبب ان قسم جي لفظ تي مناسب غور ڪونہ ڪيو ويو آهي. حيدرآبادي لـﻫـجي موجب’مان‘ لفظ کي معياري صورت ۾ شامل نہ ڪرڻ جو اهو سبب ڄاڻايو ويندو آهي تہ ’مان‘، ’خودي‘ ۽ ’پاڻ کي ڀانئڻ‘ جي معنى رکندو آهي. حقيقت ۾ ٻوليءَ جا ماهر ڄاڻندا آهن تہ هر لفظ ٻہ معنائون رکندو آهي، هڪ: لغوي، ٻي: رواجي! تنـﻫـن کان سواءِ جملي جي نوعيت پٽاندر هڪ جي حيثيت ضمير واري ٿيندي تہ ٻئي جي اسم واري! اهڙي قسم جو جواز (Justification) محدود سوچ جو اظـﻫـار آهي.
    ’آءٌ‘ جو لفظ صرف پـﻫـرين صورت (زمان حال) ۾ ڪم اچي ٿو، باقي ٻين جملن ۾ ڌاريائپ جو ڏک ڏيندو آهي؛ ان صورت ۾ زوريءَ معياري ٻوليءَ طور مڙهڻ، زورآوري آهي.
    ان حالت ۾ ڊاڪٽر الانا صاحب جو، ’منـﻫـنجو‘ لفظ کي، ضمير مشترڪ ۾ ڄاڻائڻ، درست نہ سمجھيو وڃي.
    مٿئين مختصر اڀياس بعد اها ئي راءِ جڙي ٿي تہ: ضميري لفظ ’مُنـﻫـِن‘، اضافتي لفظن ’جٗو/ جِي/ جٖي/ جا / جَن‘ کان سواءِ، ڪنـﻫـن بہ صورت ۾ اڪيلو ڪم نہ ٿو اچي، ان حالت ۾ مذڪوره ’ضميري صفت‘ جا لفظ گڏي لکڻ ئي بـﻫـتر آهن. هيٺ چند مثال ڏجن ٿا:
    ضميري صفت جا لفظ: مُنـﻫـن + جٗو = منـﻫـنجو، مُنـﻫـن + جِي = منـﻫـنجِي، مُنـﻫـن + جٖي = منـﻫـنجٖي، مُنـﻫـن + جا = منـﻫـنجا، مُنـﻫـن + جن = منـﻫـنجن

    ٻوليءَ جي مزاج ۽ علمي معاملن مطابق، خود حيدرآبادي عالم پڻ ’مان‘ جو لفظ ضمير متڪلِّم طور ڪم آڻيندا آهن، جيڪا سندن مجبوري پڻ هوندي آهي؛ اهڙا مثال ’آئیے سندھی سیکھیں‘ ۾ ڊاڪٽر فـﻫـميده حسين صاحبہ پڻ ڏنا آهن، جنـﻫـن ۾ ڄاڻايل آهي:
    ”اب تک کے اسباق میں میں نے آپ کو زمانہ حال میں جملے بنانے کے اصول بتائے جن میں ضمیر متکلم مذکر مؤنث شامل ہیں آج ان کو دہرالیتے ہیں:
    حسن: میں لکھتا ہوں۔ ماں لکھاں تھو۔
    میں پڑھتا ہوں۔ ماں پڑھاں تھو۔
    میں کھاتا ہوں۔ ماں کھاں تھو۔
    میں پیتا ہوں۔ ماں پیئان تھو۔“ (فہمیدہ، 2011: 68)
    اردو طالب علم لاءِ ’ میں‘ جو بدل ’آئوں‘ بدران ’ماں‘ بـﻫـتر آهي، جيڪو ٻولين جو پاڻ ۾ رابطو بہ ڏَسي ٿو؛ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ لفظ ’آئوں‘ بيشڪ وائڙو لڳندو.
    لفظ ’مان‘ ضمير متڪلِّم جي صورت سان دلامل بولچند صاحب بہ استعمال ڪيو آهي، جيڪو پڻ حيدرآبادي لـﻫـجي جو فرد هيو. صاحب موصوف ڄاڻايو آهي:
    Singular
    مان هجان...I may be
    تون هجين.... Thou mayst bee
    هو هجي. ..... He may be
    Plural
    اسين هجون..... we may be
    تَوِهين هجو... You may be
    هو هجنِ... they may be

    فوٽ نوٽ ۾ غالباً ايڊيٽر پاران ڄاڻايل آهي تہ:
    “The word مان= ‘I’ has also another form viz آءٌ, also written آئون ; and is ofen used instead of مان.” (Bulchand, 2003: 59)
    مسٽر دلامل بولچند صاحب پنـﻫـنجي پوري ڪتاب ۾، ٻوليءَ جي گردانن ۾ ضمير متڪلم جي صورت ۾ ’مان‘ ڪم آندو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي گردانن ۾ بہ ڦيرو کائي سگھي ٿو.
    نوٽ: لفظ ’منـﻫـنجو‘ ملائي لکڻ ئي مناسب آهي، جڏهن تہ ’مُنـﻫـن‘ چـﻫـري جي معنى ۾ الڳ لکڻ کپي، جيئن: ’مُنـﻫـن جو رنگ ئي مٽجي ويس!‘

    پَنـﻫـن + جو
    سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’پنـﻫـن‘ واري صورت هڪ ئي معنى ۾ ڪم ايندي آهي. ’پنـﻫـن‘ لفظ ’ضمير مشترَڪ‘ هجڻ جي صورت ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪيلو ڪم ڪونہ ٿو اچي، اضافت واري لفظ ’جو، جِي، جٖي، جا، جن‘ ڳنڍڻ سان ان جي ضمير مشترڪ واري صورت ختم ٿي وڃي ٿي؛ ان حالت ۾ اضافت واري جوڙ سان، ان کي ’ضمير مشترَڪ‘ ڄاڻڻ/ ڄاڻائڻ ڀُل آهي. هن حوالي سان مرزا قليچ بيگ مرحوم ۽ ان جي پوئواريءَ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جن، ان لفظ کي ڪـنـﻫـن دائري ۾ ڦاسائڻ لاءِ تڪڙ ڪئي آهي.
    ضمير مُشتَرَڪ جو دائرو: اهو ضمير جيڪو مفعولي صورت ۾ ضمير خالص کي زور وٺائڻ لاءِ ڪم اچي؛ جيئن: آءٌ خود توسان ملڻ لاءِ ايندس؛ تون خود اهو ڪم ڪري اچ؛ اسين پاڻ ڪوشش ڪنداسين؛ هو پنهنجي سِر لکندو؛ مان پنهنجي سِر اهو ڪم ڪندس، ۽ ٻيا.
    مذڪوره جملن ۾ ’خود‘، ’پاڻ‘ ۽ ’پنهنجي سِر‘ ضمير مشترَڪ آهن.
    ضمير مشترڪ جي قسم جي مثالن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب خود، پنڊ، پاڻ سان گڏ لفظ ’پنهنجي‘ پڻ شامل ڪيو آهي (قليچ، 2006: 188). ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڻ لفظ ’پنهنجو، تنهنجو، منـﻫـنجو‘ کي ضمير مشترڪ ۾ شامل ڄاتو آهي (الانا، 1977: 156)
    هي لفظ اڪيلي صورت ۾ نہ بلڪ حرف اضافت سان ڪم ايندو آهي ۽ ان سبب لفظ ’پاڻ‘ جي شڪل ڦيرائيندو آهي، جيئن: ’پنـﻫـن + جو‘ = پَنـﻫـنجو. مٿي ڄاڻايل جملي ۾ لفظ ’پنـﻫـنجو‘، ضمير مشترڪ جي حالت اضافت جي صورت ۾ ڪم آيو آهي.
    لفظ ’پنـﻫـن‘ اصل ۾ ’پاڻ‘ جي ٻي صورت آهي يا ٻوليءَ جي نسبت بدل لفظ آهي؛ جيڪو ’حرف اضافت‘ سبب پنـﻫـنجي صورت ڦيرائي ٿو.

    مٿئين مختصر اڀياس بعد اها ئي راءِ جڙي ٿي تہ: ضمير مشترڪ جي صورت وارو پروس جز/ لفظ: ’پَنـﻫـِن‘، اضافتي جزن/ لفظن ’جٗو/ جِي/ جٖي/ جا / جَن‘ کان سواءِ، ڪنـﻫـن بہ صورت ۾ اڪيلو ڪم نہ ٿو اچي، ان حالت ۾ ڳنڍ بعد، مذڪوره ’ضميري صفت‘ جو لفظ گڏي لکڻ ئي بـﻫـتر آهي. هيٺ چند مثال ڏجن ٿا:
    ضميري صفت جا لفظ: پَنـﻫـن + جٗو = پَنـﻫـنجو، پنـﻫـن + جِي = پنـﻫـنجِي، پنـﻫـن + جٖي = پنـﻫـنجٖي، پنـﻫـن + جا = پنـﻫـنجا، پنـﻫـن + جن = پنـﻫـنجن

    تنـﻫـن + جو:
    سنڌي صورتخطيءَ موجب لفظ ’تنـﻫـن‘ جو لفظ اعرابن جي عام رواج نہ هجڻ سبب، ٻن امڪاني معنائن سان ڪم اچي ٿو:
    ’تَنـﻫـن‘ جو اڪيلو لفظ ’اُن‘ جي معنى ۾ صاف اچي ٿو، جيڪو ’ضمير جواب موصول‘ جي مثال طور سڃاتو ويندو آهي، جيئن: ’جنـﻫـن جو کائجي، تنـﻫـن جو ڳائجي.‘ هن مثال ۾ ’جنـﻫـن‘ لفظ ضمير موصول آهي ۽ ’تَنـﻫـن‘ لفظ ضمير جواب موصول آهي. ان صورت ۾ ’تَنـﻫـن‘ لفظ اڪيلي صورت ۾ ئي لکڻ گھرجي.
    ٻي حالت ۾ عام طور’تُنـﻫـن‘ وارو پروس جز/ لفظ ’ضمير حاضر‘ جي صورت ۾ عام طور ڪم نہ ٿو اچي؛ ڇاڪاڻ تہ ’تُنـﻫـن‘ اصل ۾ ’تون‘ جي صورت آهي، جيڪا حرف اضافت جي ڳنڍ سبب پنـﻫـنجي شڪل ڦيرائي ٿو. ان حالت ۾ ’تُنـﻫـن‘ سان اضافتي لفظ ’جٗو، جِي، جٖي، جا، جَن‘ گڏي لکڻ ئي سٺو لڳندو.
    مختلف صورتون: تنـﻫـن جو/ تنـﻫـنجو
    ترجيحي صورت: تُنـﻫـنجو (ضميري صفت)، تَنـﻫـن جو (ضمير جواب موصول جي اضافت)

    تنـﻫـن + ڪري:
    ’تنـﻫـن ڪري/ تنـﻫـنڪري‘ جي ترجيحي صورت جو معاملو آندو ويو آهي، جنـﻫـن لاءِ تاج جويي گڏي لکڻ جي راءِ ڏني آهي. هي لفظ جيئن تہ گڏيل صورت ۾ حرف جملي جي حالت ۾ ڪم آندو ويندو آهي، امڪان آهي تہ اهو خيال رکندي تاج صاحب گڏي لکڻ واري راءِ کي عام جي استعمال مطابق بحال رکيو هجي.
    هن کان اڳ، هن لفظ: ’تَنـﻫـن‘ کي الڳ لکڻ جي راءِ جوڙي وئي آهي ۽ هتي بہ ائين ئي ٿيڻ گھرجي؛ پر جيئن تہ عام کي اهميت وڌيڪ آهي ۽ حرف جملي طور سڃاتو وڃي ٿو، ان صورت ۾ ’تنـﻫـنڪري‘ لفظ کي گڏي لکڻ تي اڪتفا ڪجي ٿو:
    مختلف صورتون: تنـﻫـن ڪري/ تنـﻫـنڪري
    ترجيحي صورت: تنـﻫـنڪري (حرف جملو)

    تنـﻫـن + کان + سواءِ:
    هتي ’تنـﻫـن کان سواءِ/ تنـﻫـن کانسواءِ/تنـﻫـنکان سواءِ/ تنـﻫـنکانسواءِ ‘ جي ترجيحي صورت جو معاملو آندو ويو آهي، جنـﻫـن لاءِ تاج جويي هر لفظ الڳ لکڻ جي راءِ رکي آهي. لفظ ’تنـﻫـن‘ جي وياڪرڻي حيثيت بابت مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، اهو بہ جاچيو ويو آهي تہ ’تَنـﻫـن‘ جو لفظ حرف اضافت سان الڳ لکڻ بـﻫـتر آهي، جڏهن تہ ’تنـﻫـنڪري‘ جي لفظ جِي صورتخطيءَ کي عام موجب اهميت ڏيڻ گھرجي؛ ان کان علاوه ’تنـﻫـنڪري‘ لفظ ’حرف جملي‘ جو مثال آهي، جنـﻫـن سبب پڻ ’تنـﻫـنڪري‘ جي صورتخطيءَ کي گڏي لکڻ بـﻫـتر آهي. هت معاملو وري بہ ساڳيو اچي ٿو ان صورت ۾ مذڪوره لفظ جي ٽنهي جزن جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ جاچڻ بعد ڪا راءِ ڏيڻ ٺيڪ لڳندي.
    تنـﻫـن + کان: هنن ٻنـﻫـي لفظن جو جوڙ تہ آهي، ليڪن وياڪرڻ جي ليکي تحت الڳ الڳ حيثيت رکن ٿا؛ ’تَنـﻫـن‘ وياڪرڻ ۾ ’ضمير جواب موصول‘ ۾ ڳڻيو ويندو آهي؛ جڏهن تہ ’کان‘ حرف جر! ان حالت ۾ ٻنهي کي ملائڻ چڱو ڪونہي، موجوده رواج ۾ بہ انهن لفظن کي الڳ صورت ۾ رکيو ويندو آهي. جيئن: مون احمد کي چيو: ’هي جيڪو تو ڪم ڪرايو آهي، تنـﻫـن کان تہ ڀلو جو پاڻ ڪم ڪرين ها!‘
    کان + سواءِ: هنن ٻنهي لفظن جو لاڳاپو تمام ويجھو آهي، ڪن حالتن ۾، ’سواءِ‘ لفظ ’کان‘ کان علاوه ڪونہ ٿو جڙي؛ ان حالت ۾ گڏي لکڻ (کانسواءِ) وڌيڪ ٺيڪ لڳندو. پر ان راءِ جڙڻ بعد هڪ ٻيو مونجھارو سامهون ٿو اچي، جيڪو ’کان + علاوه‘ ۾ پيش ٿو اچي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سواءِ‘ ۽ ’علاوه‘ ساڳي معنى ۽ مفـﻫـوم سان ساڳي جڳـﻫـه تي عام ڪم آندا ويندا آهن، ان صورت ۾ ’علاوه‘ سان ’کان‘ حرف جر ملائي نہ ٿو لکي سگھجي/ لکيو وڃي. ٻيو خيال اهو بہ اچي ٿو تہ: ڳنڍيل لفظ ’کانسواءِ‘ ۾ ’ن‘ گھُڻو جيڪو اڳيئي مونجھاري جي ور چڙﮩـيل آهي ۽ سنڌي صورتخطيءَ ۾ ان جو ڪو حل نڪري نہ سگھيو آهي؛ بـﻫـتر ٿيندو تہ ’کان سواءِ‘ الڳ لکجي تہ جيئن ’ن‘ ڪا گُھڻي واري ڏِک ڏئي سگھي يا ڪا پنـﻫـنجي سـﻫـڃارپ رکي سگھي! هونئن بہ ڊگھن سُرن جي پڇاڙيءَ ۾ ’نون‘ گھُڻي‘ جو اضافو يا هجڻ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج ۾ بہ شامل آهي، جيئن: خديجہ > کتيجان، آمنہ > ايمڻان وغيره.
    اها صورت ڏسي ڪري، حتمي راءِ اها ئي جڙي ٿي تہ ’کان سواءِ‘ الڳ صورت ۾ ئي لکڻ گھرجي.
    مختلف صورتون: تنـﻫـنکانسواءِ/ تنـﻫـنکان سواءِ/ تنـﻫـن کانسواءِ/ تنـﻫـن کان سواءِ
    ترجيحي صورت: تنـﻫـن کان سواءِ (ضمير جواب موصول، حرف جر، ظرف)

    ’ڪنـﻫـن جو، جنـﻫـن جو، جنـﻫـن کان سواءِ، جنـﻫـنڪري‘ جي ترجيحي صورتن جو معاملو:
    هن گروه ۾ ٻن لفظن جا جوڙ: ’ڪنـﻫـن جو، جنـﻫـن جو، جنـﻫـن کان سواءِ، جنـﻫـنڪري‘ اڳئين لفظ بنسبت رکيا ويا آهن، هيٺ ڪيل اڀياس پيش آهي:
    ڪنـﻫـن + جو:
    هتي جوڙ ’ڪنـﻫـنجو/ ڪنـﻫـن جو‘ مان ڪابہ هڪ ترجيحي صورت متعيّن ڪرڻ جو معاملو آهي. لفظ ’ڪنـﻫـن‘ وياڪرڻ ۾ ’ضمير مبـﻫـم‘ (مثلاً: منـﻫـنجو ڪتاب ڪنـﻫـن تہ کنيو هوندو!) ۽ ’ضمير استفـﻫـام‘ (مثلاً: منـﻫـنجو ڪتاب ڪنـﻫـن کنيو آهي؟) جي جملن ۾ ڪم آندو ويندو آهي. استعمالي مٽَ باوجود، ٻنهي صورتن ۾ ساڳي معنى رکندڙ لفظ آهي. ٻنـﻫـي مثالن مان اندازو ٿئي ٿو تہ ان لفظ سان اضافت وارو لفظ ’جو، جِي، جٖي، جا، جن‘ ڳنڍي لکڻ سان ڪو مونجھارو سامهون نہ ٿو اچي. البتہ، جيئن تہ هي لفظ الڳ سان پنـﻫـنجي معنى مفـﻫـوم ۾ ڪم اچي ٿو، ان صورت ۾ الڳ لکڻ سيبائتو لڳندو.
    مٿئين اڀياس آڌار، هيٺ ترجيحي صورت جي راءِ رکجي ٿي:
    مختلف صورتون: ڪنـﻫـن جو/ ڪنـﻫـنجو
    ترجيحي صورت: ڪَنـﻫـن جو (ضمير مبـﻫـم يا استفـﻫـام + حرف اضافت)

    جنـﻫـن + جو:
    هن لفظ جي جوڙ ۾ لفظ ’جَنـﻫـن‘ ضمير موصول آهي، مثال: ’جنـﻫـن سان پرِيت هجي، تَنـﻫـن سان ڪـﻫـڙو ليکو!‘ هيٺ ترجيحي صورت رکجي ٿي:
    مختلف صورتون: جنـﻫـنجو/ جنـﻫـن جو
    ترجيحي صورت: جنـﻫـن جو (ضمير موصول ۽ حرف اضافت)

    جنـﻫـن + کان + سواءِ:
    هن جوڙ ۾ ’جنـﻫـن کان سواءِ، جنـﻫـنکان سواءِ، جنـﻫـن کانسواءِ، جنـﻫـنکانسواءِ‘ جون امڪاني صورتون سامهون اچن ٿيون. اصولي طور تي ’جنـﻫـن‘ ۽ ’کان سواءِ‘ لفظن جي وياڪرڻي حيثيت بابت مٿي ذڪر اچي چڪو آهي، ان بنياد تي هيٺ ترجيحي صورت جي راءِ رکجي ٿي:
    مختلف صورتون: جنـﻫـن کان سواءِ، جنـﻫـنکان سواءِ، جنـﻫـن کانسواءِ، جنـﻫـنکانسواءِ
    ترجيحي صورت: جنـﻫـن کان سواءِ (ضمير موصول، حرف جر، ظرف)

    جنـﻫـن + ڪري:
    لفظ ’جنـﻫــن‘ بابت مٿي ذڪر ٿيو آهي، سنڌي صورتخطيءَ موجب عام صورت کي ڏسي ڪري ۽ لفظ ’تنـﻫـنڪري‘ جيان ’جنـﻫـنڪري‘ کي بہ گڏي لکڻ جي راءِ کي بـﻫـتر سمجھجي ٿو.
    مختلف صورتون: جنـﻫـن ڪري/ جنـﻫـنڪري
    ترجيحي صورت: جنـﻫـنڪري (حرف جملو)

    ’مون کي، توهان کي‘ جي ترجيحي صورتن جو معاملو:
    مون + کي:
    هتي ’مونکي/ مُون کي‘ جي ترجيحي صورت جو معاملو ڄاڻايو ويو آهي. اترادي توڻي وچولي لـﻫـجي موجب لفظ ’مون‘ ضمير متڪلم ’مان‘ جي مفعولي صورت آهي، حيدرآبادي/ لاڙي لـﻫـجي موجب ’آءٌ‘ جي مفعولي صورت آهي؛ جڏهن تہ ’کي‘ حرف جر آهي، جيڪو ’مان‘ يا ’آءٌ‘ سان ملڻ جي حالت ۾ ان جي شڪل ڦيرائي ’مُون‘ بيـﻫـاريندو آهي. ان مان اهو ئي اخذ ٿو ٿئي تہ مذڪوره لفظ جو بنياد ’مان‘ مان آهي، نہ ڪي ’آءٌ‘ منجھان! عام صورتخطيءَ ۾ ’مون‘ کي الڳ صورت ۾ لکيو ويندو آهي، ان سببان مذڪوره لفظ کي الڳ لکڻ ئي سُـﻫـائيندڙ ٿيندو.
    مختلف صورتون: مونکي/ مون کي
    ترجيحي صورت: مون کي (ضمير متڪلم- حالت مفعولي، حرف جر)

    توهان + کي:
    ترجيحي صورت لاءِ ’توهان کي/ توهانکي‘ بہ شامل ڪيو ويو آهي. لفظ ’توهان‘ بنيادي طور تي ’تون‘ جي نحوي گھرجن آهر، جمع صورت آهي؛ عام صورتخطيءَ موجب هن لفظ کي الڳ صورت ۾ لکيو ويندو آهي، ان صورت ۾ الڳ لکڻ ئي بهتر آهي.
    مختلف صورتون: توهانکي/ توهان کي
    ترجيحي صورت: توهان کي (ضمير حاضر- حالت مفعولي، حرف جر)

    مرڪَّب صورتون
    سنڌي ٻوليءَ جي مرڪَّب/ مرتّب لفظن جي دائرن تي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي صاحب جو ڪم ڪافي ساراهڻ جوڳو آهي (سماهي مـﻫـراڻ: 4، 1990)، هتي ٻن آزاد صورت وارن لفظن جي صورتخطيءَ جو معاملو آهي؛ ان حوالي سان مختصر اڀياس ضروري آهي. هيٺ مرڪَّب لفظن جي بغير ڪنـﻫـن وياڪرڻي ڇيد ۽ حيثيت تي بحث ڪرڻ جي، اهڙا سنڌي، عربي، فارسي ٻٽا لفظ رکجن ٿا جيڪي سنڌي صورتخطيءَ ۾ ملائي ۽ الڳ لکيا ٿا وڃن:

    الڳ صورت ۾ لکجندڙ ٻٽا لفظ
    ڍڳي گاڏي، دال روٽي، سون ورنو، ميڻ بتي، من گُھريو، هڪ- ٻہ، بيٺي پير، واٽ ويندي، اڳي پوءِ، هيٺ مٿي، ايندي ويندي، وڏي واڪي، ڄاڻي ٻجهي، ڏسي وائسي، واه واه/ وه واه، پل پل، منـﻫـان منـﻫـن، ڌڻي ڌوڪي، ٺيڪ ٺاڪ، مـﻫـمان مڙﮩـو، ڀاڄي ڀتي، سچ پچ، وڻ ٽڻ، آمهون سامهون، اوسي پاسي، ڀيڄ ڀني، اڄ سڀاڻي، هڪ- اڌ؛ وڏ ڦڙو، اتر واءُ، چوٽيءَ ڦل، راه خرچ، ڳڙ ڌاني، کنڊ ڀڳڙا، چڱو ڀلو، ٻار ٻچو، هٿو هٿ، ڇيڙ ڇاڙ، ڌنڌو ڌاڙي، گھڻو تڻو، پڇا ڳاڇا، تڙ تڪڙ، آتم ڪـﻫـاڻي، انگ اکر، ٻانـﻫـن ٻيلي، پره ڦٽي، اڻ ڏٺو (اڻڏٺو)، ڀؤ ڀولو، واڌ ويجھ، ڪروڙ پتي، ونجھ وٽي، سار سنڀال، لڏ پلاڻ، من گھڙت؛ جڳ مشـﻫـور، وقت بوقت، قبل- مسيح؛ نامراد، ناحق، هر روز، سادو سودو، ٿڌو مٺو، ڦوه جواني، دوا درمل، سدا بـﻫـار، خدا پرست، خدا ترس، خير خواه، خود داري، وغيره.
    الڳ صورت ۾ لکجندڙ ٻِٽن لفظن جون خاصيتون
    (الف) هي اهڙا لفظ آهن جيڪي منفصِل اکرن (ا، ڏ، ر، ڙ و، واؤ لِين، ه مختفي) سبب الڳ ٿي ٿا پون، جيئن: دوا درمل، وڏ ڦڙو، اتر واءُ، ڇيڙ ڇاڙ، ڌنڌو ڌاڙي، ڀؤ ڀولو، راه خرچ وغيره.

    (ب) الڳ لکڻ جي سببن ۾: ٻن لفظن جي جوڙ جي وچ ۾ معروف توڻي مجـﻫـول ’ڊگھن سُرن، ڊگھن گھُڻن سُرن‘ ۽ ’مختفي ه‘ سبب بہ الڳ لکيا ٿا وڃن، جيئن: ڌڻِي ڌوڪي، ڀاڄِي ڀتي، ڄاڻِي ٻجھي، اوسٖي پاسي، وڏٖي واڪي، آمهون سامهون، مُنـﻫـان منـﻫـن، وه واه وغيره.

    (ج) اهڙا ٻٽا لفظ جن کي جوڙڻ لاءِ ڳنڍيندڙ ليڪ جو استعمال ڪيو ٿو وڃي، جيئن: قبل- مسيح، الف- بي وغيره.

    (د) منفصل توڻي متصّل اکرن هوندي، ٻنهي لفظن کي وٿيءَ سان لکيا ويندا آهن، جيئن: پڇا ڳڇا، سادو سودو، ٻار ٻچو، گھڻو تڻو؛ دال روٽي، ميڻ بتي، ٺيڪ ٺاڪ وغيره.

    ڳنڍيل صورت ۾ لکجندڙ ٻٽا لفظ
    ٻپـﻫـري، اڻـﻫـوند، اڻويـﻫـه کلمُک، کٽمٺڙو، انگوڇو، انگرکو، اڳڪٿي، هڪدم، آسپاس، پٺڀرائي، چڱڀلائي، هڪٻئٖي، انمول، پاڻمرادو، پاڻڀرو، پوروڇوٽ، گڏوگڏ، ڊانواڊول، آپگھات، مـﻫـمانوازي، پوئلڳ، ڀڃڪڙي، ڦلواڙي، ڦرلٽ، جوڙجڪ، چترڪاري، چؤڏول، سرڳواسي، سالگره، مهاڀاري، گھڻگھرو، ننڊاکڙو؛ افراتفري (افراط و تفريط)، ايامڪاري، ڪسمپُرسي؛ صورتخطي، آمدورفت، پڌرنامو، آبـﻫـوا، خوبصورت، تندرست، مڇرداني، چالبازي، ڌوڪيبازي، فرمانبردار، سنگتراش، پُرسڪون، نڪتچيني، خبرداري، صاحبزادو، ڪارساز، دلگير، غمگسار، پيشگوئي، رومال، پائمال، راهنما، صحتياب، پرجوش، دلپسند، آبڪلاڻي، بزدل، بندرگاه، بيـﻫـوشي، چغلخور، خوردبيني، دوربيني، خوشحالي، درخواست، دڪانداري، دلپذير، دلگير، رضامندي، رواداري، زيردست، سرپرست، سنگمرمر، شاهنامو، ضرورتمند، گمراهي، گلقند، نگـﻫـباني، هر دلعزيز، نورجـﻫـان، نيلگون، همدم، همعصر، همسر، يڪجـﻫـتي، خوشگوار، رحمدل، يڪتارو، رٿابندي، رهائشگاه وغيره.

    ڳنڍيل صورت ۾ لکجندڙ ٻِٽن لفظن جون خاصيتون
    (الف) متصّل اکرن سبب بہ گڏي لکيا ٿا وڃن، توڻي جو هم معنى، متضاد يا لاڳاپو رکندڙ هجن، جيئن: چڱڀلائي، کٽمٺڙو، اڄڪلهہ، صورتخطي، تندرست وغيره.

    (ب) منفصل اکرن سبب ٻئي لفظ الڳ صورت ۾ بيـﻫـن ٿا، ليڪن پوءِ بہ ملائي لکيو ويندو آهي يعني وچ وارن اکرن ۾ وٿي ڪانہ ايندي آهي، جيئن: گڏوگڏ، ننڊاکڙو، افراتفري، آمدورفت، پڌرنامو وغيره.

    (ج) سنڌي صورتخطيءَ ۾ ملائي لکڻ واري خاصيت جو گھڻو زور فارسي لفظن ۽ پوءِ عربي گاڏڙ فارسي ۽ سنڌي لفظن تي رهي ٿو جيئن: سرپرست، خوردبيني، صورتخطي، ڪسمپُرسي، اڳڪٿي، پٺڀرائي وغيره.

    (د) گڏي لکجندڙ لفظن جي ڳنڍ ۾ ڪوبہ ’ڊگھو سُر، ڊگھو گھُڻو سُر ۽ مختفي ه‘ نہ ٿي اچي، جيئن: چڱ + ڀلائي = چڱڀلائي (جڏهن تہ ٻنهي جي ڳنڍ ۾ ڊگھو سُر ’او‘ ملائڻ سان الڳ صورت ۾ لکيو ٿو وڃي ۽ ان ۾ وٿي بہ اچي ٿي، جيئن: چڱو ڀلو.)

    حاصل مقصد
    مٿي مرڪَّب صورت وارن لفظن جي (گڏ ۽ ڌار) صورتخطيءَ جي اڀياس بعد جيڪي ڳالهيون نوٽ ڪيون ويون آهن، تن کي هيٺين ريت رکجي ٿو:

    1.سنڌي صورتخطيءَ ۾ سنڌي لفظن کي اڪثر ڌار لکيو ٿو وڃي.

    2.سنڌي صورتخطيءَ ۾ عربي- فارسي جوڙ وارا لفظ اڪثر گڏي لکيا ٿا وڃن؛ سنڌي صورتخطيءَ ۾ گڏي لکڻ جو رواج، ڪنـﻫـن حد تي فارسي صورتخطيءَ جو اثر آهي.

    3.لفظن کي گڏي يا ڌار لکڻ لاءِ ڪو اصول اخذ ٿي ڪونہ سگهيو آهي؛ البتہ، ٻن لفظن جي وچ ۾ جيڪڏهن ’ڊگھو سُر، ڊگھو گھُڻو سُر، واؤ لين ۽ مختفي ’ه‘ اچي ٿي تہ ان صورت ۾ لفظ ڌار لکيا ٿا وڃن.

    4.گھڻي قدر اڳئين ٻہ- اکري لفظ کي ٻئي سان ڳنڍي لکڻ بہ جاچيو ويو آهي؛ ٻي صورت ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ ڪم آندي وڃي ٿي.

    5.سنڌي صورتخطيءَ جو گھڻو مدار عام استعمال تي مبني آهي.
    مٿئين مختصر اڀياس بعد هيٺين لفظن جي ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکجي ٿي:

    مرڪب لفظن جي ترجيحي صورت
    اڄڪلهہ/ اڄ ڪلهہ/ اڄ ڪالهہ،
    20088ع واري مذاڪري ۾ مذڪوره لفظ لاءِ جن عالمن ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکي، تنـﻫـن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
    ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکندڙ:
    اڄڪلهہ: ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو.
    اڄ ڪلهہ: ولي رام ولڀ، عبدالغفار صديقي
    اڄ ڪالهہ: ڪوبہ نہ.
    جيئن تہ وچولي لـﻫـجي موجب ’ڪَلهہ‘ لفظ ڪم آندو ٿو وڃي، ان سببان ’ڪالهہ‘ جي صورتخطيءَ کي پاسيرو رکي ’اڄ ڪلهہ/ اڄڪلهہ‘ جي ترجيحي صورت مقصود آهي. ٻوليءَ ۾ ’اڄ‘ ۽ ’ڪلهہ‘ جا لفظ گڏي ڳالهايا ويندا آهن، جنـﻫـن سبب هنن ٻٽن لفظن کي ’متضاد مرڪَّب‘ جي نوعيت ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. سنڌي صورتخطيءَ ۾ اهڙين مرڪَّب صورتن جا ڪي دائرا تہ مقرر ڪونہن، ان صورت ۾ عام استعمال کي ئي اهميت ڏني ويندي آهي؛ جيئن تہ گڏي لکڻ جي خاصيتن ۾ ٻہ- اکرو لفظ کي گڏي لکڻ، ٻي صورت ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ سان لکڻ جاچيو ويو آهي، ان صورت ۾ ’اڄ + ڪلهہ/ اڄ- ڪلهہ‘ مان ’اڄڪلهہ‘ جي صورت لاءِ راءِ رکجي ٿي.
    پيش ڪيل لفظ: اڄڪلهہ/ اڄ ڪلهہ/ اڄ ڪالهہ
    ترجيحي صورت: اڄڪلهہ

    هڪ ٻئي/ هڪٻئي:
    19 ڊسمبر 19988ع تي صورتخطيءَ جي هڪ ورڪشاپ ۾ هي لفظ ’گڏيل صورت‘ ۾ لکڻ لاءِ طئه ڪيو ويو هو ۽ ٻيـﻫـر ڪنـﻫـن بہ تضاد جو شڪار نہ رهيو. هن مرڪَّب صورت ۾ پڻ مٿين نوعيت جيان، اڳيون اکر، ٻہ- اکرو آهي، ان صورت ۾ ’هڪ + ٻئي/ هڪ- ٻئي‘ مان ’هڪٻئي‘ جي صورت کي بـﻫـتر سمجهجي ٿو.
    پيش ڪيل لفظ: هڪ ٻئي/ هڪٻئي
    ترجيحي صورت: هڪٻئي

    نواب شاه/ نوابشاه ۽ ڄامشورو/ ڄام شورو:
    هي لفظ جيئن تہ ساڳي نوعيت جا آهن ان سببان ساڳئي دائري ۾ رکيا ويا آهن. هي لفظ پـﻫـريون ڀيرو 2008ع واري مذاڪري ۾، ترجيحي صورت مقرر ڪرڻ لاءِ، عالمن اڳيان رکيا ويا هئا.
    پيش ڪيل لفظ: نواب شاهہ/ نوابشاهہ
    ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکندڙ:
    نواب شاهہ: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني
    نوابشاهہ: محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، پروفيسر قلندر شاه لڪياري، شفيع محمد چانڊيو.
    *پروفيسر قلندر شاه راءِ رکي تہ: شــﻫـر جي صورت ۾ نوابشاه (گڏيل)؛ جڏهن تہ ماڻهوءَ جي صورت ۾ نواب شاهہ.

    پيش ڪيل لفظ: ڄام شورو/ ڄامشورو
    ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکندڙ:
    ڄام شورو: ڊاڪٽر غلام علي الانا، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر مدد علي قادري، ڊاڪٽر سحر امداد،
    ڄامشورو: محمد ابراهيم جويو، عبدالغفار صديقي، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، آفتاب ابڙو، پروفيسر قلندر شاه، شفيع محمد چانڊيو.
    *پروفيسر قلندر شاه ساڳي راءِ رکي تہ: ڳوٺ ۽ ضلعي جي صورت ۾ ڄامشورو (گڏيل)؛ ۽ ماڻهوءَ جي صورت ۾ ڄام شورو.
    مٿيان ٻئي لفظ ساڳي نوعيت جا آهن، ان سببان ٻنهي لفظن بابت عالمن جي راءِ بہ ساڳي آهي، سواءِ محترم عبدالغفار صديقيءَ جٖي! صديقي صاحب ’نواب شاه‘ کي الڳ لکڻ جي راءِ رکي آهي ۽ ’ڄامشورو‘ کي گڏي لکڻ جي راءِ رکي آهي؛ جنـﻫـن لاءِ ڪو جواز ڄاڻايل ڪونہي. جيئن تہ: جن لفظن ۾ مونجھاري جو امڪان نہ رهندو آهي، ان حالت ۾ مروّج صورت کي ئي اهميت ڏبي آهي؛ مبادا، محترم عبدالغفار صديقي صاحب جي نظر مروّج صورت تي هجي!
    هن حوالي سان ڪو اصول ٺاهڻ يا بيـﻫـارڻ ان حوالي سان بہ اڻ- سُـﻫـائيندڙ آهي جو گڏي يا ڌار لکڻ جي عمل ۾ ڪنـﻫــن اصول کي سامهون نہ رکيو ويندو آهي؛ پر مذڪوره لفظن بابت پروفيسر قلندر شاه لڪياريءَ جي راءِ ڪنـﻫـن حد تي سـﻫـائيندڙ آهي، جو سندس ڄاڻايل مونجھارو ڪنـﻫـن حد تي وزن رکي ٿو تہ: مذڪوره لفظ اسم جي حالت ۾ ساهواري ۽ جاءِ، ٻنهي لاءِ ڪم اچن ٿا، ان حالت ۾ بـﻫـتر آهي تہ ٻئي صورتون الڳ ۽ ڌار، ويڇي سان رکيون وڃن. جيئن تہ مذڪوره لفظن ۾ مونجھاري جي امڪان جو جيڪو پروفيسر قلندر شاه ذڪر ڪيو آهي، ان بنياد تي بـﻫـتر ٿو سمجھجي تہ ٻئي صورتون الڳ الڳ مرادن لاءِ ڪم آنديون وڃن:
    پيش ڪيل لفظ: نواب شاهہ/ نوابشاهہ ۽ ڄام شورو/ ڄامشورو
    ترجيحي صورت:
    نواب شاه (ماڻهو- اسم- ساهوارو)، نوابشاه (شـﻫـر- اسم- جاءِ)
    ڄام شورو (ماڻهو- اسم- ساهوارو)، ڄامشورو (شـﻫـر- اسم- جاءِ)

    ٻي صورت جتي ڪنـﻫـن مونجھاري جو امڪان نہ ٿو رهي ان صورت ۾ مستعمل صورت کي ئي اهميت ملڻ گھرجي جيئن: محراب پور (وٿيءَ سان)، شهدادپور، خيرپور، ميرپورخاص، جيڪب آباد (وٿيءَ سان)، حيدرآباد، هيرآباد، سيال آباد (وٿيءَ سان) وغيره.

    سڌو سنئون/ سنئون سڌو:
    هي لفظ 20088ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان منعقد ڪرايل مذاڪري ۾، اڳي پوءِ لکڻ جي حوالي سان، عالمن اڳيان پيش ڪيو ويو؛ جن عالمن ان بابت راءِ رکي، تن جو تفصيل هيٺين ريت آهي:
    پيش ڪيل لفظ: سڌو سنئون/ سنئون سڌو
    ترجيحي صورت لاءِ راءِ رکندڙ:
    سڌو سنئون: آفتاب ابڙو، شفيع محمد چانڊيو.
    سنئون سڌو: ڊاڪٽر الانا، ولي رام، ڊاڪٽر مدد قادري، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
    سنئون سڌو/ سڌو سنئون (ٻئي): محمد ابراهيم جويو، عبدالغفار صديقي، پروفيسر قلندر شاه لڪياري

    هي معنى موجب مرڪَّب/ جاڙا لفظ عام طور ٻنهي صورتن ۾ ڪم آندا ويندا آهن. ٻنهي لفظن جي معنى تقريباً ساڳي آهي ليڪن ڪيفيت مٽَ آهي؛ ٻنهي لفظن جي اڳي پوءِ ڪم آڻڻ سان ڪو مونجھارو ڪونہ ٿو رهي، ان سببان هنن مرڪَّب لفظن جي ترجيحي صورت وارو معاملو جيترو سولو آهي ايتروئي ڏکيو پڻ!
    جڏهن ڪو ظاهري مونجھارو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ان صورت ۾ ڳالهايل ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ٻنهي صورتن جو اڀياس ڪرڻ گھربو آهي. هيٺ ساهتي لـﻫـجي موجب، چند جملا ٻنهي صورتن کي استعمال ڪندي، پيش ڪجن ٿا:
    سڌو سنئون/ سڌي سنئين:
    قرآن پاڪ سڌو سنئون هدايت تي مبني آهي./ بـﻫـتر عمل سان ئي سڌي سنئين راه حاصل ٿيندي آهي.
    اهو سڌو سنئون ڪوڙو بيان آهي./ اها ڳالهہ سڌي سنئين ڪوڙي آهي.
    هي سڌو سنئون رستو آهي./ اها سڌي سنئين بدمعاشي/ حرامپائي آهي.
    دوستيءَ ۾ سڌو سنئون هلڻ گھربو آهي. / ڪنـﻫـن جي ڏکن ۾ شامل ٿيڻ سڌي سنئين نيڪي آهي.

    سنئون سڌو/ سنئين سڌي
    قرآن پاڪ سنئون سڌو هدايت تي مبني آهي./ بـﻫـتر عمل سان ئي سنئين سڌي راه حاصل ٿيندي آهي.
    اهو سنئون سڌو ڪوڙو بيان آهي./ اها ڳالهہ سنئين سڌي ڪوڙي آهي.
    هي سنئون سڌو رستو آهي./ اها سنئين سڌي بدمعاشي/ حرامپائي آهي.
    دوستيءَ ۾ سنئون سڌو هلڻ گھربو آهي./ ڪنـﻫـن جي ڏکن ۾ شامل ٿيڻ سنئين سڌي نيڪي آهي.

    مٿين حالت ۾ ’سڌو سنئون‘ صورت کي وڌيڪ بـﻫـتر ڄاتو ويندو آهي.
    ٻوليءَ موجب، ٻنهي اندازن سان جملن جي استعمال بعد ڊاڪٽر غلام قادر سومري صاحب جي ’سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت‘ ڏسڻ سان بہ وڌيڪ آساني ٿيندي:
    سِڌو سنئون: سولو/ سُوڌو/ سنواٽو، مثال:
    هلان توسان سڌو سنئون ٿو، هلين مون سان ڏنگو ٿو،
    ســندءِ هـــن ڪـــج ادائـــي جـــي صـــفائي روبـــرو ٿينـدي. ’حافظ احسن‘ (قادر، 1996: 416)
    سنئون سڌو: سوڌو/ سولو/ بلڪل سڌو/ سُپتيو/ ايماندار. (قادر، 1996: 435)
    ڊاڪٽر سومري صاحب ٻنهي نوعيت سان لفظ ڏنا آهن، جنـﻫـن ۾ خاص ڳالهہ اها جاچي وئي تہ ڄاڻايل پـﻫـرئين مرڪَّب صورت ۾ ’سڌو‘ لفظ اڳيان آيو آهي، جنـﻫـن جو مثال بہ ڏنو ويو آهي، ليڪن ڄاڻايل ٻي نوعيت واري مرڪَّب صورت ۾ ڪو مثال نہ ڏئي سگھيو آهي. ان مان اندازو ڪري سگھجي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’سڌو‘ لفظ عام طور استعمال ڪجي ٿو، مرڪَّب صورت جي حالت ۾ ’سنئون‘ لفظ بعد ۾ ڳنڍي استعمال ڪيو ويندو آهي.
    اصولاً ٿيڻ بہ ائين کپي تہ اهڙن ٻن لفظن جي اڳين يا پوئين حالت معلوم ڪرڻ جو هڪ اهو بہ طريقو آهي تہ ٻنهي لفظن مان گھڻي استعمال ٿيندڙ لفظ کي اڳين حالت ۾ رکڻ گھرجي.
    لفظ جي نوعيت جاچڻ لاءِ قرآن شريف جا مختصر سنڌي ترجما پڻ اڀياس هيٺ آندا ويا؛ جنـﻫـن ۾ ’اهدنا صراط المستقيم‘ جي ترجمي کي جاچيو ويو:
    ڪيل ترجمو:
    اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. (مولانا تاج محمود امروٽي- 1980)
    ڏيکار اسان کي واٽ سڌي. [تحت اللفظ] (مولانا عبدالڪريم قريشي- ٻير شريف- 1999)
    اسان کي سڌو رستو ڏيکار. (عبدالله تنيو- 2000)
    تون اسان کي سڌي واٽ ڏيکار. (محمد عثمان ڏيپلائي- 2002)
    اسان کي سڌيءَ واٽ تي هلاءِ. (مولانا امام الدين جوڻيجو- ؟)
    اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ. (پروفيسر عبدالقادر ڏاهري- ؟)
    ڏيکار اسان کي رستو سڌو. [تحت اللفظ] (استاد غلام رسول ميمڻ پريالوءِ- 2000)
    عالمن سڳورن جي ترجمن مان اهو خيال ٿيو تہ لفظ ’سڌو/ سڌٖي‘ جو استعمال ٻوليءَ ۾ گھڻو ٿئي ٿو، ان صورت ۾ جڏهن ’سنئون‘ سان مرڪَّب ڪري ڳالهائڻو يا لکڻو پئي ٿو، تہ اهو بعد ۾ ئي سونـﻫـين ٿو.
    مٿئين مختصر اڀياس بعد اها راءِ رکجي ٿي تہ عام استعمال ۾ ’سڌو‘ لفظ گھڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو، جڏهن تہ مرڪَّب صورت ڪم آڻڻ لاءِ ’سڌو سنئون‘ ڪم آندو وڃي ٿو.
    پيش ڪيل مرڪَّب لفظ جي صورت: سڌو سنئون/ سنئون سڌو
    ترجيحي صورت: سڌو سنئون

    الف- ب/ الف- بي
    مٿي مختصر بيان ٿي چڪو آهي تہ سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ اڪثر ٻہ- اکرا لفظ لکڻ وقت يا تہ گڏي لکندا آهيون، يا وري انهن جي وچ ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ جو استعمال ڪندا آهيون؛ هيٺ ڳنڍيندڙ ليڪ سان، اهڙا اڀياس ۾ آندل مرڪَّب صورتن وارا لفظ ڏجن ٿا:
    مرڪَّب ٻوليون ۽ علائقا: عربي- سنڌي، سنسڪرت- سنڌي، عربي- فارسي، سامي- سبائي، هندو- سنڌي، انگريزي- اردو، هند- آريائي، سنڌي- هندو، ايشيا- يورپ، پاڪ- هند، اتر- سنڌ، وغيره.

    انگ اکر ۽ اصطلاح واريون مرڪَّب صورتون: هڪ- ٻہ، هڪ- اڌ، ، ٻہ- اکري، ٻہ- اڍائي، ٻہ- ٽي، ٻہ- هڪڙا، يڪ- طرفي، يڪ- مشت، دو- چشمي، سه- حرفي، رديف- وار، ٽٻڪن- وار، اکر- وار، ورڻ- مالا، الف- بي، شمسي- قمري، ڏندن- چپ گاڏئون، ٽيـﻫـه- اکري، اُپ- ورڻ، زيرون- زبرون، واؤ- ويڇو وغيره.
    (ٻي صورت ۾: يڪطرفي، يڪمشت، يڪدم، يڪسان، يڪتارو، اپٻيٽ، اپمان، سوڳوار وغيره عام صورتخطيءَ موجب آهي.)

    اَڻ (غير، کان سواءِ) سان مرڪَّب صورت : اڻ- ڏٺو، اڻ- مٽجندڙ، اڻ- ڳنڍيندڙ، اڻ- ڇـﻫـيل، اڻ- وڻندڙ، اڻ- واقف، اڻ- پيتل، اڻ- ميو، اڻ- سـﻫـو، اڻ- ڏڌل، اڻ- ڳڻيو وغيره.
    (ٻي صورت ۾: اڻڄاڻائي، اڻلکو، اڻلڀ، اڻڄاتل، اڻهوند، اڻبڻت پڻ عام صورتخطي آهي.)

    هم (ساڳيو) سان مرڪَّب صورت: هم- شڪل ، هم- معنى، هم- زلف، وغيره.
    (ٻي صورت ۾: همدم، همغم، همدرد، همسفر، همعصر، همسر وغيره پڻ عام صورتخطي آهي.)
    قبل- مسيح (ٻي صورت ۾ قبل مسيح)
    متضاد لفظن جو جوڙ: وڏ- ننڍائي، ننڍ- وڏائي،
    بي (سواءِ): بي- تڪو، بي- زيبو، بي- واجبي، بي- نفس وغيره.
    (ٻي صورت ۾: بيوس، بيحد، بيشڪ، بيڪار، بيوقوف وغيره پڻ عام صورتخطي آهي.)
    مٿئين مختصر اڀياس مان اهو ئي معلوم ٿيو تہ مرڪَّب صورتن ۾ ٻہ اکرا لفظ هڪ صورت ۾ گڏي لکيا ٿا وڃن، ٻي صورت ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ جو استعمال بـﻫـتر ڄاتو ويو آهي. ان کان علاوه ٻن ٻولين، ٻولين جي گروهن، علائقن، انگَ، اصطلاحن ۽ فارسي توڻي سنڌي اڳياڙين جي مرڪَّب صورت لاءِ ڳنڍيندڙ ليڪ ڪم آندي ويندي آهي.
    الف- بي جو شمار هڪ اصطلاح توڻي مخفّف جي هڪ قسم ۾ ٿئي ٿو، ان صورت ۾ ڳنڍيندڙ ليڪ جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٻي صورت ۾ ڪوبہ اهڙو لفظ ڪونہ ملي سگھيو آهي، جنـﻫـن ۾ هڪ اکر سبب ڳنڍيندڙ ليڪ جو استعمال ڪيو وڃي (سواءِ الف- ب جي)! هن آخري مرڪَّب صورت جي صورتخطيءَ جو مرڪز بيـﻫـڪ جي نشانيءَ (ڳنڍيندڙ ليڪ) تي رهيو.

    *******************

    حوالا/ ذريعا
    آڏواڻي، ڀيرومل، مهرچند (1985) وڏو سنڌي وياڪرڻ _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (1977) لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو.
    الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2009) سنڌي صوتيات- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    جويو، تاج- ايڊيٽر (جون- 1999) سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    جويو، تاج- مرتب (2009) سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (1999) ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ- اکل ڀارتييه سنڌي ساهتيه دهلي.
    سومرو، غلام قادر، ڊاڪٽر (1996) سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت- ثقافت ۽ سياحت کاتو ڪراچي.
    جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر (4- 19900) ٽماهي مهراڻ، ايڊيٽر: شيخ، نفيس احمد - سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    فہمیدہ حسین، ڈاکٹر (2011) آئیے سندھی سیکھیں۔ سندھی لئنگویج اتھارٹی حیدآباد۔
    مولانا عبدالڪريم قريشي- ٻير شريف (1999)، عبدالله تنيو (2000)، محمد عثمان ڏيپلائي (20022)، استاد غلام رسول ميمڻ پريالوءِ (2000)، مولانا امام الدين جوڻيجو (؟)، پروفيسر عبدالقادر ڏاهري (؟) جا سنڌي ترجما.
    سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ پاران، 2008ع ۾، ڪوٺايل مذاڪري ۾ ترجيحي صورتن لاءِ پيش ڪيل فائيل
    Bulchand, Dulamal (2003) – A manual of Sindhi – Sindhi Language Authority Hyderabad
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو