ڪافي. پيار . مجيب سنڌي

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ مجيب سنڌي ڪورائي طرفان آندل موضوعَ ‏15 اپريل 2017۔

  1. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    [​IMG]
    ڪافي. مجيب سنڌي

    پيار ۾ هر اک ٻڏل لڳي ٿي
    پر ڇو دل دل ڀڳل لڳي ٿي

    جنهن جنهن جڳ ۾ پيار ڪيو آ
    دنيا ان کي خوار ڪيو آ
    تہ بہ اک اک هت اڙيل لڳي ٿي

    مست ملنگن جو هي ٽولو
    سپنو ڀرت ڀريل ڪو چولو
    گهڙي گهڙي هر اٿل لڳي ٿي

    حسن عجب ۽ پيار عجب آ
    هر ڪنهن جو وهنوار عجب آ
    الڳ الڳ ڀت اڏيل لڳي ٿي

    محبت ماريل اک نماڻي
    مجيب هر دم لڳي اياڻي
    پنهنجو پاڻ کان رٺل لڳي ٿي.
     
  2. احمد نواز انقلابي

    احمد نواز انقلابي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2017
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    سوشل ورڪر ميمبر سنڌ هاري ڪاميٽي
    ماڳ:
    سکر
    باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو تاريخي شڪوه
    Page 1
    مون کي افسوس ٿو اللّه جي حالت تي اچي،
    مون کي حيراني ٿي انسان جي حماقت تي اچي،
    مون کي کل ٿي گهڻي حڪمت جي جهالت تي اچي،
    مون کي کي شرم گهڻو منهنجي صداقت تي اچي.
    مون کي ٿي خوف ۾ ماري هي نزاڪت منهنجي،
    ليڪن تنقيد ٿي آهي رهي عادت منهنجي.

    ناءُ مشهور جهان ۾ آهي انسان منهنجو،
    ساري قدرت جي مٿان ٿو هلي فرمان منهنجو،
    هي جهان آه فقط ساز ۽ سامان منهنجو.
    سير هر جا جو اسان توکي ڪرايو دلبر،
    عرش جو توکي ادب ساڻ ڏنوسين منظر.

    ڪو زمانو هو جڏهن تنهنجو جهان ڀي نه هيو،
    تنهنجو نالو به نه هو تنهنجو نشان ڀي نه هيو،
    تنهنجو تسبيح نه هئي تنهنجو بيان ڀي نه هيو،
    ڪو ستارو نه هيو ڪو حيوان ڀي نه هيو.
    ذات تنهنجي هئي تنهن وقت فقط ذات ۾ غرق،
    آب حيوان هو انهيءَ وقت ۾ ظلمات ۾ غرق.
    Page 2
    تڏهن حڪمت نه هئي تو ۾ جهالت نه هئي،
    ڇا تي قادر تون هئين ڪاٿي به قدرت نه هئي،
    تو ۾ جذبو نه هو جنبش نه هئي حرڪت نه هئي،
    قهر ۽ رحم نه هو تن جي ضرورت نه هئي،
    تنهنجو هو عشق عدم سان ٻيو معشوق نه هو،
    تون نه خالق هئين تنهن وقت ڪو مخلوق نه هو

    تنهنجو انجام نه آ تنهنجو ڪو آغاز نه آ،
    توکي گهرٻار نه آ ساز نه آ ناز نه آ،
    تنهنجو ڪو خويش نه آ تنهنجو ڪو دمساز نه آ،
    تنهنجو ڪڇ رنگ نه تنهنجو ڪڇ آواز نه آ،
    تو ازل کان جو عدم ساڻ رفاقت پاتي،
    اهڙين اهڙين صفتن ساڻ تو زينت پاتي.

    توکي عاجز ڪيو اڪيلائي ڇڏيئي نيٺ عدم،
    تو ڪڍيا تنهنجي شڪم مان لکها ٻار پدم،
    ”ڪن فڪان“ کي ز دِل آڻي ۽ رسايو تو بدم،
    هي جهان ٺاهي کنيئي نيٺ ترقيءَ تي قدم.
    تو جهان ٺاهيو ۽ تنهن ۾ تو ڪيو اهڙو ڪمال،
    جو انهيءَ جو نه ڪنهين کي هو ڪڏهن خواب و خيال.

    تو فلڪ ٺاهيو ۽ دنيا جو نگهبان ڪيو،
    بي عدد رنگن ۽ روپن سان پريشان ڪيو،
    حسن ۽ خوبي سان هزارن کي تو مستان ڪيو،
    حيرت انگيز جهان ٺاهي تو حيران ڪيو.
    انهيءَ حيراني فلڪ کي آهي گردش ۾ وڌو،
    ساري ڌرتيءَ کي انهيءَ حيرت آ لرزش ۾ وڌو.

    Page 3
    هر زمان سان بيگمان آه ٿي صحبت تنهنجي،
    هر مڪان ۾ آ عيان شان ۽ ڪرامت تنهنجي،
    هر زبان ۾ آ بيان تنهنجو ۽ مدحت تنهنجي،
    غرض هر شيءِ کي وڪوڙي وئي وحدت تنهنجي،
    تو ڪيو حضرت انسان جي دل گهر پنهنجو،
    ساري قدرت ۾ ڇڏيو کولي تو دفتر پنهنجو.

    تنهنجي دفتر جا سڀئي ورق ڪنهين ڪين پڙهيا،
    ڪنهين ڪارا، ڪنهين اڇا ڪنهين رنگين پڙهيا،
    ڪي سکيا ڪفر هتا ۽ ڪي هتان دين پڙهيا،
    ڪن فقط تن مان محبت جا مضامين پڙهيا،
    جيڪو جنهن ورق ڏٺو تنهن ۾ اهو غرق ٿيو،
    عمر پوري ٿي وئي پورو نه هڪ ورق ٿيو.

    تنهنجي خاطر ۾ ڪنهين ڪعبه کي تعمير ڪيو،
    تنهنجي نالي ڪنهين جبلن کي ڀي تصوير ڪيو،
    نالي تنهنجي کي فلڪ تي ڪنهين تحرير ڪيو،
    بحر ۾ بر ۾ سندءِ نالي کي تقرير ڪيو.
    ڪن جي دل تنهنجي ئي تسبيح کان خوشنود رهي،
    تنهنجي تقديس فقط منزل مقصود رهي.

    ليڪ مغرور ٿئين پنهنجو ڏسي هيڏو جهان،
    هيڏي تعريف ٻڌي تو ۾ تڪبر ٿيو عيان،
    جلد ظاهر ٿي ويا تو ۾ تنزل جا نشان،
    هر ڪمالي را زوالي ست ٿيو صاف بيان،
    تون به مخلوق مثل ٿي وئين رب اڪبر،
    تو تي ٿيو نيٺ ته مخلوق جي صحبت جو اثر.

    Page4
    ڪن کي تو پيار ڪيو ڪن سان تو تڪرار ڪيو،
    ڪن کي جنت بخشي ڪن کي تو لاچار ڪيو،
    ڪن کي صياد ڪيو ڪن کي گرفتار ڪيو،
    خون ڪن جي سان سمونڊن کي تو سرشار ڪيو.
    ڪن کي دولت بخشي کي نبوت بخشي،
    ڪن تي ڪيئي فضل عطا، ڪن کي مصيبت بخشي.

    هي دورنگي نه چڱي هن وڏو نقصان ڪيو،
    تنهنجي مخلوق کي هن سخت پريشان ڪيو،
    هن دماغن کي خيالات ۾ غلطان ڪيو،
    جن سگهو تو سان صفا جنگ جو اعلان ڪيو.
    تنهنجي لشڪر کي وڏي هار پٺيان هار آئي،
    پنهنجي لشڪر جي حمايت تي نه سرڪار آئي.

    سلسلي تنهنجي ۾ بس گوڙ ڪرايو انسان،
    سج بيماري ۽ ڌرتيءَ کي هلايو انسان،
    ۽ ستارن کي زمين کان به وڌايو انسان،
    معجزه تنهنجي کي مٽيءَ ۾ ملايو انسان.
    جنهن فلڪ کي تو خدائيءَ جو نگهبان ڪيو،
    خود انهيءَ کي به صفا ناس آ انسان ڪيو.

    تنهنجي لشڪر کي بشر آخري مغلوب ڪيو،
    ذات انسان گهڻو پاڻ کي محبوب ڪيو،
    طالبي مان وڌي ان پاڻ کي مطلوب ڪيو،
    علم سان ۽ هنرن ساڻ جهان خوب ڪيو.
    ساري دنيا ۾ پئي ڪاهي بغاوت آخر،
    هر ڪنهين کي هئي زبان ۾ هي شڪايت آخر،

    ڪاٿي آدم ڪٿي جبريل معلي تنهنجو،
    ڪاٿي آ تخت سليمان يلر بيضا تنهنجو،
    ڪاٿي آ تنهنجو خليل ۽ ڪٿي شيدا تنهنجو؟
    چوءَ ته اڄ ڪهڙي ولايت ۾ قيام آهه سندن،
    چوءَ ته اڄ ڪنهن جي اڳيان ڪارو ڪلام آهه سندن؟

    آندو آدم تو ڪٿان آيو آ ابليس ڪٿان،
    آئي انڪار جي ابليس کي چوءَ ريس ڪٿا ،
    آهي ابليس پرائي اها تدريس ڪٿان،
    چوءُ ته آدم سکي آيو سندءِ تقديس ڪٿان؟
    تون جي آدم جو خدا ڪير آ شيطان جو خدا،
    ڪير ڪافر جو خدا،تون جي مسلمان جو خدا؟

    چوءُ ته آدم کي عنايت ٿي آ جنت ڪنهن کان،
    آهي شيطان کي ملي هيتري مهلت ڪنهن کان،
    جي هدايت آهه تو کان ته ضلالت ڪنهن کان،
    هيڏي دنيا ۾ عداوت ۽ تفاوت ڪنهن کان؟
    ڪير آ ڪير آ، آخر ۾، سبب هر جو سبب،
    تنهنجي هوندي يا خدا ڪنهن کي ڏجي ههڙو لقب!

    ڪن کي ٿو مرض ڏئين ڪن کي شفاعت پنهنجي،
    ڪن کي ٿو حسن ڏئين ڪن کي قباحت پنهنجي،
    ٿو ڪرين بخل عيان ڪڏهن سخاوت پنهنجي،
    ڪهڙي منهن ساڻ ٿو ڏيکارين عدالت پنهنجي؟
    جيڪڏهن هي آ عدالت ته جفا ڇاهه ٻڌاءِ،
    سمجه ههڙي کان زياده ٿي خطا ڇاهه ٻڌاءِ؟
    Page5
    مار پيدا به ڪرين مار جو ارشاد ڪرين،
    عيد تي مڪي ٿو گهيٽن لئي بغداد ڪرين،
    ڪجه نه ٿو غور انهن جي ٻڌي فرياد ڪرين،
    ڪهڙا هي ظلم ستم جور ٿو ايجاد ڪرين؟
    ڪڇه حيا ڌار، حيا ڪر تون غريبن تي خدا،
    ظلم جي پاڙ نه آهي ايا دانا بينا!

    تون غريبن جي مٿان اڇلين ٿو طاعون و وبا،
    در بدر تن کي رلائين ٿو پنائين ٿو جدا،
    ڪهڙي ڪهڙي ٿو ضعيفن جي مٿان آڻين بلا،
    خوفناڪ آهين تون ڪهڙو نه اي قهار خدا.
    پنهنجي ٻچڙن جي مٿان تون ئي ٿو ڪاوڙ هارين،
    پنهنجي ٻچڙن کي فقط تون ئي ٿو ٺاهي مارين!

    جيڪڏهن تنهنجو جهان سارو گلسان ٿئي ها،
    هر جڳه عيش ۽ عشرت سندو سامان ٿئي ها،
    جي سدا صلح و امان حصه انسان ٿئي ها،
    تنهن جي اللّه پڻي ۾ ڪهڙو نقصان ٿئي ها!
    ذات تنهنجي به خوش ۽ مان به خوش ۽ هو ڀي خوش،
    باغبان خوش دل بلبل به خوش ۽ بو ڀي خوش!

    هي گلائون ٻڌي اللّه گهڻو ٿيو غمگين،
    اهڙو غمگين جو رسي ويٺو وڃي عرش برين،
    بي حيائي ڏسي ماڻهن جي ٿيو پرده نشين،
    موڪليائين فقط آواز اهو طرف زمين:
    مون کي جيئين ٿو وڻي تيئن ٿو ڪريان فرمان،
    ڀل مٿو پنهنجو کپائي پيو نادان انسان.

    مولويءَ کي اهو ارشاد جڏهن گوش ٿيو،
    ڏاڍو غمگين ٿيو ويچارو ۽ مدهوش ٿيو،
    پيئي تسبيح ڪري سجده فراموش ٿيو،
    جلد تنهن کي به بغاوت جو اچي جوش ٿيو،
    سيني هن جي مان هي فرياد ۽ هي آه آئي:
    تو کي غيرت نه جهان ۾ ڪڏهن اللّه آئي.

    يا خداوند ڪرج عقده ڪشائي پنهنجي،
    ڇو آهي رعب ۽ عزت تو گهٽائي پنهنجي،
    تون ڇڏي ننڊ کي ڏيکار وڏائي پنهنجي،
    مون کي آ خوف وڃائين نه خدائي پنهنجي،
    ڪٿي آ تنهنجي ڪرامت ۽ ڪٿي تنهنجو قدر،
    ڇا ٿيو توکي به مولا هي ٻڍاپڻ جو اثر؟

    تنهن جا ڪافر ٿا مزا ڪن ته غيرت ڏيکار،
    تنهن جا طالب ٿا سهن درد محبت ڏيکار،
    تنهن جا مالڪ ٿا مرن اڃ ۾ رحمت ڏيکار،
    دوستي دشمني پنهنجيءَ تفاوت ڏيکار.
    چو طرف کان ٿا چون يا خدا صدها ماڻهو،
    اهڙي اللّه کان ايئين ئي چڱو آ ماڻهو!

    چوءُ ته بن لهي ٻيو ڪير يتيمن جي نگاه،
    ٻين کي اللّه جي ٻانهن جي آ ڪهڙي پرواه،
    هوڏانهن هيڏانهن ڦري آهيو ٿيا بيره بنواه،
    چوطرف نيٺ اچي سامهون ٿي تنهن جي درگاه!
    چو ته ٻئي ڪهڙي خدا وٽ وڃون فرياد کڻي،
    پنهنجي ٻانهن کي خدا ڪري ڪوئي ارشاد کڻي.

    يا خدا تون آهين خالق ۽ مان خالق تنهنجو،
    يا فقط شاهد حق مظهر ناحق تنهنجو،
    مون سان ڇا رشتو آهي خالق مطلق تنهنجو،
    فڪر هن ۾ ٿو ڳري ۽ مري عاشق تنهنجو،
    پاڻ کي مان ڇا چوان ۽ توکي ڇا دوست چوان،
    ڇا همه نيست چوان مان يا همه اوست چوان؟

    اي جنهين مون کي حياتي ڪئي عطا ۽ دل و جان،
    اي جنهين مون کي عطا ڪيو فهم و گمان،
    اي دل و جان جهان حاڪم بي چون و چنان،
    منهن جي گستاخي مٿان خشم نه ڪر اي رحمان!
    مون هميشه کان ڀري آهه سلامي تنهنجي،
    مون ازل کان هي قبولي آ غلامي تنهنجي!

    منهن جي شڪوه مان عيان آهه لياقت منهنجي،
    ضعف منهن جو،جهل منهن جو ۽ حماقت منهن جي،
    يا خدا ڏاڍي بري آهه ٿي حالت منهن جي،
    جا بجا جاري گلا آهه نهايت منهن جي،
    جي ثنا منهن جي ٿي سائين ته ثنا ڪنهن جي ٿي؟

    تنهن جي ماڻهن سان محبت آهي مذهب منهن جو،
    تن جي تفريح ۽ خدمت آهي مطلب منهن جو،
    حيرت انگيز جهان تنهنجو آ مڪتب منهن جو،
    تو جيهي رب جي پيداش آ منصب منهن جو.
    جهڙو ئي آهيان تهڙوئي مان تنهن جو اللّه!
    ڪنهن نه حيدر کي جهان ۾ ڪيو پنهن جو واللّه!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو