غزل. مجيب سنڌي ڪڻڪن ۾ جو لاب پيو آ پل پل جو ته حساب پيو آ ان جي ڀرسان بُھ جو ديرو ھاري جو ھي خواب پيو آ درد نه گھٽيا ساڳيا نيڻن اُلڪا اکڙين آب پيو آ سوچون جذبا ساڻا ساڻا ساڳيو قرض ڪتاب پيو آ مرڻو پرڻو بيماري پڻ جيون ڄڻ ته عذاب پيو آ