ضراب حيدر ڪارا ناسي ڪنگڻ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ضراب حيدر طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2017۔

  1. ضراب حيدر

    ضراب حيدر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    ريسرچ فيلو.
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪارا ناسي ڪنگڻ
    ضراب حيدر
    ننڍپڻ ۾ بابا، ميلن تي وٺي ويندو هو، انهن ميلن ۽ زندگيءَ جي هاڻوڪن ميلن ۾ ڪيڏو نه فرق پيو ڀائنجي!؟ موت جي کوهه ۾ موٽرسائيڪل هلائيندڙ سوار کي همٿ ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويندو هئس، کيس دل ئي دل ۾ ڏاڍو داد ڏيندو هئس، جيڪو پنهنجيءَ جان جي پرواهه نه ڪندي موت جي مُنهن ۾ ڦيريون پائيندو هو ۽ اڄ پاڻ تي بنهه حيرت نه اٿم، جو زندگيءَ ۽ موت جي وچ واري کوهه ۾ ڦيريون پائي رهيو آهيان، نه چاهيندي به مُرڪان پيو، کلان پيو جيئان پيو. سرڪسَ جي اُن جوڪر وانگي، جنهن جي منهن تي مزاق جا ڪيئي لينگها هوندا آهن. مان به ته پنهنجي وجود سان شڪستن جا ڪيئي مزاق ۽ داغ سانڍيو مُرڪندو وتان، جن تي منهنجي چوڌاري رهندڙ، مون کي ڏسندڙ سمورن رشتن ۽ ناتن ٽهڪ ڏئي کليو آهي.

    اڄ پنهنجي ڪمري جي اڪيلائيءَ ۾ پاڻ کي ائين پيو ڦٿڪندو ڀانيان جيئن اُن ميلي ۾ آندل جانورن جي پڃرن مان هڪ پڃري ۾ بند ٿيل رڇ جو ٻچڙو، جنهن جي بي چينيءَ جو ڪاٿو ڪوئي به نٿو ڪري سگهي، جيڪو پڃري جي هڪ ڪُنڊ کان ٻئي ڪُنڊ تائين پيو ڦيريون پائيندو آهي. قيد به ڪيڏو نه وڏو عذاب آهي! ۽ مان پڻ زندگيءَ جي پڃري ۾ قيد ٿي پيو ڦٿڪان. ائين محسوس ٿيندو اٿم ته ڄڻ مان اُن ميلي ۾ آندل جادوءَ واري دنيا جي حسين ڇوڪريءَ جيان آهيان، جيڪا پنهنجي ڳچي، ڪاٺ جي ٽيبل جي گول خال ۾ ڦاسائي ويٺي هوندي آهي، جنهن جو ٻيو ڌڙ ڌوکي ۽ منافقت وارو روپ هوندو آهي ۽ سندس وات ۾ پيل ڪنڊيءَ دار زبان سوالن جا جواب ڏيندي رهندي آهي، رڳو اُن شخص جي سوالن جا جواب جيڪو لَٺ کنيو بيٺو هوندو آهي. مان پڻ معاشي مسئلن ۾ ڳچي ڦاسائي ويٺو آهيان، منهنجي وات ۾ رکيل زبان رڳو گهرو خسارن جي پورائي لاءِ جواب ڏيندي آهي ۽ منهنجو ڌڙ منافقت ۽ ڌوکي جو روپ ڌاري ڪوڙيون محبتون تلاش ڪندو آهي. مون کي وقت جو چرخو اُن ماڻهوءَ وانگي لڳندو آهي، جيڪو اُن جادوءَ واريءَ دنيا جي شو ٻاهران دَخل تي ويٺو روپئي روپئي واري ٽڪيٽ جو هوڪو ڏيندو آهي ۽ انساني محرومين سان مزاق ڪندو آهي.

    اڄ پنهنجي خيالن ۽ سپنن کي به اُن ميلي ۾ ڊوڙون پائيندڙ اُٺن ۽ گهوڙن جيان پيو ڀانيان، جيڪي ساڀيان ماڻڻ لاءِ وڏيون وڏيون ٻرانگهون پائيندا، سهڪندا ڊوڙندا ويندا آهن ۽ ميلي جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اُتي فقط سُڪل پلال نظر ايندو آهي، جيڪو هِڪ ئي تيليءَ سان جلي رک ٿي ويندو آهي.

    منهنجي زندگيءَ ۾ ميلا، اِن ڪري به اهميت رکن ٿا، جو مون ميلن ۾ پنهنجو پاڻ کي وڃايل ڀانيو آهي....! پوءِ اُهي ڇو نه محبتن جا ميلا هجن.

    هفتو اڳ سيما، خبر ناهي ڪيئن مون وٽ اچي نڪتي هئي... سيما منهنجي چاهيندڙ آهي. سندس سچائي ۽ اُڪير ڏسي، محبتن جا سمورا فلسفا وسري ويندا اٿم. هوءَ اِهو ڄاڻيندي به مون وٽ اچي نڪرندي آهي ته مان شادي شدهه آهيان، شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان پوءِ هڪ پُٽ جو پيءُ به بڻجي چُڪو آهيان، منهنجي زندگيءَ ۾ جڏهن منهنجي شاديءَ جو ميلو مَتو هو، ته سيما جي محبت جو ميلو پنهنجون ڌمالون پوريون ڪري ختم ٿي چڪو هو. اُن سمئي سندس زندگيءَ جي حيرت جوڳي سرڪس، پنهنجون سموريون نمائشون وڃائي مڇريل هاٿيءَ جي سونڊ ۾ اچي وئي هئي.... اُهو مڇريل هاٿي منهنجي شاديءَ جو ڪارڊ هو، جنهن پنهنجي سونڍ جهڙي حقيقت سان سندس جذبن ۽ سپنن کي ڦيرائي ڦيرائي زمين تي سٽيو هو پر پوءِ به هوءَ ٽُٽي ناهي، وِکري ناهي، هوءَ اڄ به مون کي چاهي ٿي.

    اِن ڪري، هوءَ اڄ اوچتو مون وٽ آئي هئي، سمن سرڪار جو ميلو گهمڻ لاءِ، سمن سرڪار جيڪو برپوٺي جو پير آهي، اُن ئي برپوٺي تي منهنجي ٻالڪپڻ جون يادون ڪلراٺيون پيون آهن، پر هُن جي اچڻ سان منهنجي ڪلراٺين يادن جو ميلو ائين مچي پيو آهي، جيئن سمن سرڪار جي پوٺي تي ميڙاڪا مچندا آهن.

    هُن جي اچڻ سان منهنجي زال جي چِلي ۾ ڄڻ محشر مچي ويو هو، جنهن تازو منهنجي مون جهڙي پُٽ کي جنم ڏنو هو. امبر منهنجي بهترين زال آهي. هوءَ منهنجي زال ئي نه پر منهنجي سُٺي دوست ۽ رازدان پڻ آهي، جنهن کان منهنجي ڪرتوتن جو ڪوبه فائيل لِڪل ناهي، ايتري قدر جو مان جيڪڏهن ڳائو گوشت پاءُ اڌ کائي به ويندو آهيان ته کانئس لِڪي هضم ناهيان ڪري سگهندو.

    هن ڀيري امبر جو رُخ نِيوٽرل هو، جنهن ۾ نه ڪا نفرت هئي، نڪي محبت پر سندس اکين ۾ ڇلڪندڙ منهنجي محبت جا عڪس روئڻهارڪا هئا.

    کيس چيم: ”امبر سيما کي ميلي تي وٺي وڃڻو اٿم، جي موڪل ڏين ته سندس خواهش پوري ڪري اچان، سندس ننڍپڻ جو سمن سرڪار تي پَڙُ ۽ ڪڪڙ باسيل آهي، سو ڏئڻو اٿس، اِن ڪري ته بيمار ٿي رهي. ڏس نه بيماريون ڪاٽي ڪاٽي سُڪل وُونڻياٺي ٿي پيئي آهي. جي مون تي اعتماد اٿئي، ته مان تنهنجي اعتماد کي ڪڏهن به ڇيهو نه رسائيندس.“

    مُرڪ ۾ روئڻ ڀرجي آيو هئس، ”وڃ ڀلي، مون توکي روڪيو ٿورئي آهي!!“

    مون ڏٺو ته هوءَ ڀري پئي هئي پر مون جهڙي منهنجي پٽ کي ٿڃ ڏيندي مطمئن هئي. سندس مامتا منهنجي پٽ تي پنهنجي پوري رحم ۽ ڪرم سان وسي رهي هئي، جنهن مان پڪ ٿيم ته هوءَ مون کان خفا ناهي، ها البت ڏکايل ضرور آهي. هوءَ مون سان محبت ڪري ٿي، نه ته جيڪر منهنجي روئيندڙ ٻالڪ مان چڱيون ڇنڊون ڪڍي ها.

    چيومانس: ”امبر پهرين دفعي جڏهن شاديءَ کان پوءِ سيما آئي هئي، ته ڪاوڙ ۾ بيهوش ڇو ٿي وئي هئينءَ؟“

    ”اُن لمحي شايد پاڻ تي اعتماد نه هئم.“

    اکين ۾ ڏسي چيومانس، ”۽ هاڻي...؟“

    نظرون چورائي منهنجي ٻار ڏانهن ڏٺائين، جيڪو ٿڃ ڌائيندي سندس ڇاتيءَ کي چهٽيو پيو هو، کيس مٿس پيار اچي ويو.

    ”هينئر پاڻ تي ويساهه اٿم، توتي فخر اٿم، جو مان تنهنجي زال آهيان، تنهنجي ٻار جي ماءُ آهيان.“

    سندس اهڙا جُملا شاديءَ جي ٻنڌڻ واري فلسفي کي نئون فِڪر ڏئي رهيا هئا. اُن لمحي پاڻ کي پلاسٽڪ جو هلڪو گڏو ڀانيم، جنهن ۾ سواءِ هوا جي ڪجهه به ڀريل ناهي هوندو.

    سيما کي گاڏيءَ ۾ سمن سرڪار وٺي ويس، دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هئس ته سيما جي باس وارو ڪڪڙ، مان ئي ڏيندسُ، سندس جيون دان لاءِ، جنهن بنا ڪنهن غرض جي پنهنجو سمورو جيون، مون سان نه هوندي به مون لاءِ ارپي ڇڏيو آهي ۽ هوءَ ساري واٽ خبر ناهي اڃان به الائي ڇا ڇا ارپڻ لاءِ ويچاري رهي هئي. مون رستي تان ڪڪڙ ورتو، هن ڏاڍو روڪيو پر مان نه مُڙيس.

    کيس چيم، ”سيما! ڪاش! مان ڪڪڙ جهڙو جيوَ هجان ها، تنهنجي جيون لاءِ باسيل ته جيڪر پاڻ کي سمن سرڪار جي پوٺي تي ڪسڻ لاءِ ڇڏي ڏيان ها.“

    کانئس وڏو ٽهڪ نڪري ويو، ۽ ڪار جي تيز رفتاريءَ ۾ پاڻهي ماٺو ٿيڻ لڳو، سندس چپن مان ٽهڪ جي رڌم جهڙو آواز اُڀريو.

    ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.“

    هن جي چهري تي اطمينان هو ۽ اکين ۾ حسرتون......

    سمن سائين جي درگاهه تي پهتاسين، ڪڪڙ، درگاهه جي آڳنڌ ۾ ڇڏي ڏنوسين، پڙ وجهي، دعا گهري ٻاهر نڪتاسين، ڪجهه گهڙيون، آڳنڌ ۾ لڳل عَلم هيٺان ويهي رهياسين، ڳالهايوسين پئي، کليوسين پئي ته هوءَ اوچتو اُٿي هلي.

    ”ڪيڏانهن سيما!؟“

    ”تون ويهه مان اچان ٿي.“

    ڪجهه دير هلي وئي، آئي ته سندس هٿن ۾ هڪ وڏو لفافو هو، جنهن مان نقل ڪڍي ورهائڻ شروع ڪيائين.

    ”سيما! هيءَ ڪهڙي باس اوچتو ياد اچي ويئه؟“

    ”توکي اولاد ڪونه ٿي نه!؟ اُن ڪري باسيو هئم ته توکي پٽ ڄمندو ته مان سمن سرڪار تي نقل ورهائيندس.“

    هوءَ نقل ورهائيندي رهي، مون سندس پويان هلندي چيو ”پر ڇو....؟ تو ڇا لاءِ باسيو هو...؟

    ”امبر کي شايد اِهو خوف هو ته تون اِهو بهانو وٺي مون سان شادي نه ڪرين اِن ڪري شايد هوءَ پريشان رهندي هئي ۽ تون به شايد ائين سوچيو هجي.... پر اِهو سڀ ڪجهه ڪڏهن به نه ٿيڻو هو، ..... نه ٿئي ها.... نه ٿيندو.“

    ائين چئي هوءَ ڪار ڏانهن وڌي، مون ڪار جا لاڪ کوليا، هوءَ ويٺي، سندس منهن ۾ نهاريم جنهن تي ساڳيا ٻول نقش هئا:

    ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.“

    ڪار هلايم، رستي ۾ سيما مون کي هڪ ننڍڙو لفافو ڏنو.

    ”هي وري ڇاهي؟“

    ”تنهنجي پٽ وِشال لاءِ سوکڙي ورتي اٿم، هِت نه کولجان، اُتي هلي کولجان.“

    لفافو کيسي ۾ رکي ڇڏيم، گهر پهتاسين، امبر مُرڪي آجيان ڪئي، وِشال به ڏاڍو پرسڪون هو. شام پنهنجو وجود، رات حوالي ڪيو... هر ڪوئي سمهي پيو، گهر وارا، امبر، وشال، سيما.

    مون کي ننڊ نه آئي، کيسي ۾ رکيل لفافو ياد آيم، لفافو ڪڍي کوليم، جنهن ۾ ٻه ننڍڙا ڪنگڻ هئا، ڪنگڻ وشال جي ٻانهُن ۾ پارايم، وشال جي پيشاني چميم، سندس ڀرسان سُتل، امبر جي پيشاني چُميم. امان جي ڪمري ۾ آيس سيما سڪون سان سُتل هئي، سندس پيشاني چُميم. غور ڪيم ته ڪنگڻن جو رنگ ڪارو ۽ ناسي هو، ڪارا نيڻ امبر جا، ناسي نيڻ سيما جا ۽ ٻئي مون جهڙي وشال جي پتڪڙين ٻانُهن ۾ وڪوڙيا پيا هئا. پاڻ کي ڪنگڻن جي وچين اڇي خال ۾ قيد ٿيل ڀاسيم، ڪنگڻن کي هڪ ڀيرو وري چميم، کين ڏٺم، ڪارا ۽ ناسي نيڻ ڄڻ ته ڪنگڻن ۾ ورجائي رهيا هئا:

    ”سمن سائين مان ته گولي غلام تنهنجي در جي.“


    *
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو