هر ڪنهن کي هتِ آھن دوستَ

'شاعري' فورم ۾ عبدالرحمان مڱڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2017۔

  1. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    هر ڪنهن کي هتِ آھن دوستَ
    ڪي ٿا ڪنهن کي چاهن دوستَ

    ماڻھون پهرين گڏِجاڻَيءَ ۾
    نوان نوان ٿا ٺاهن دوستَ

    جو مون جوڙيو پيار جو جھُوپو
    تنهن کي ويٺا ڊاهن دوستَ

    ڪيڏا دَرِدَ ڏين ٿا دل کي
    ڪو تہ ٻڌائي ڇا هن دوستَ

    هي جو مُون سان ٽھڪ َ ڏين ٿا
    اُهي سمورا ناهن دوستَ

    ڪي ڪي ناوَن پُراڻيءَ تي پڻ
    قرب ڪنڌيءَ ڏي ڪاهن دوستَ
     
    سڪندر جان هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سڪندر جان

    سڪندر جان
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    سٽو ڏاڊو سُٽو
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪيڏا دَرِدَ ڏين ٿا دل کي
    ڪو تہ ٻڌائي ڇا هن دوستَ


    آهه ... ڪمال يار

    دل جي ڳالهه ...

    سدا سلامت هجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو