مشڪ

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    مشڪ
    عربي ۾ مسڪ
    پراڻي زماني ۾ چيني ماڻهو پنهنجي پنهنجن وڏن ڏينهنَ تي يا مذهبي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لباس تي خوشبو لڳائيندا هئا. تن جي پسنديده خوشبو مشڪ هئي. سون کان به مهانگي، قيمتي هن خوشبو جي دريافت جو ڪارنامو به چيني قوم جو آهي. ۔مشڪ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به جڳھ جڳھ موجود آهي.
    حضرت علیؓ ڪرم ﷲ وجہ به پنهنجي ڪلام نھج البلاغہ ۾ به مشڪ جي تعريف ڪئي آهي.
    حضرت ابو سعید خدری رضی اللہ عنہ کان مروی آهي ته حضرت محمد مصطفي احمد مجتبی ﷺ فرمايو ’’ سب کان عمدہ خوشبو مشڪ آهي ‘‘
    علماء فرمائين ٿا جمعي ڏينهن تي مشڪ
    لڳائڻ غسل ڪرڻ مستحب آهي.
    مشڪ جي مهڪ سان هوا ۾ شامل جراثيم ختم ٿيڻ ٿا بالخصوص وبائي مرضن جي اصلاح ٿئي ٿي ۽ مشڪ جو بطور علاج استعمال جائز آهي.
    سب کان عمدہ مشڪ خراسانی پوءِ چيني آخر ۾ هندي جو درجو آهي.
    مشڪ جو حصول به قدرت واري جي ڪاريگري آهي.
    هي هڪ خوشبو دار خشڪ ٿيل رطوبت آهي جيڪا هڪ خاص قسم جي نر هرڻ جي ناف (دُنَ) ۾ ٺهندي آهي. مشڪ دن جي ويجهو هڪ باريڪ ٿيلهي ۾ هوندو آهي۔هن ٿيلهي کي هندي ۾ نافہ چوندا آهن. عجيب رنگ ته مشڪ جي ٿيلهي محض نر هرڻ ۾ ٿئي ماده هرڻ ۾ بلڪل نه. جڏهن اهو دن پچي راس ٿئي ته خدا جي قدرت سان ڪيترن ميلن تائين فضا معطر ٿيو وڃي. دن جي ٿيلهي ۾ اندر ڪاري رنگ جا سرخي مائل داڻا ٿين، جنهن جي خوشبو انتهائي تيز ۽ ذائقو ڪڙو هوندو آهي اهو اصلي مشڪ سڏجي. ۔
    ختن جو مشڪ...... ختن، (چین) جو هڪ علائقو آهي جتان جا هرڻ مشهور آهن. انهن جي دن مان آعلٰی قسم جو مشڪ نڪري ٿو. ۔کسٿوري جينئن ته انتهائي قيمتي آهي ۽ ناياب آهي ته دوڪاندار ان ۾ جانور جو جگر يا رت سڪايو پينهي وزن وڌائڻ لاءِ ملاوت ڪن ٿا ان جي اصلي هجڻ جي هڪ سڃاڻپ آهي. سوئي ۾ ڌاڳو وجهي هڪ ٿوم جي ڳڙي مان پاس ڪيو ڌاڳي ۾ ٿوم جي ڌپ ٿي پوندي. ساڳي سئي ڌاڳو مشڪ مان لنگھايو جي ٿوم جي بوء برقرار رهي ته مشڪ نقلي آهي. ماڻهن جي خیال ۾ ته اها ٿيلهي هر ميداني هرڻ جي دُنَ مان نڪري ٿي.،غلط آهي. ۔کسٿوري وارا هرڻ خاص جهنگلن ۾ اٺ کان ڏه هزار فوٽ جي اوچائي تي ملن ٿا.۔چین، نیپال، گلگت ۽ روس جي بالائی جابلو علائقن ۾ ھي هرڻ رهي ٿو. هنن جي باقاعدي فارمنگ ٿئي ٿي. هي ڀوري رنگ جو هڪ ننڍڙو هرڻ آهي. جنهن ڪن ڪافي ڊگها ٿين ٿا. قد اڍائي ٽي فوٽ. اڳيون ٽنگون ڪجهه ننڍيون پويون ڊگهيون. نر ھرڻ جا اڳيان ٻه ڏند نڪتل.۔کسٿوري وری صرف نر مان نڪري جا دن ۾ ٿيلهي جي شڪل ۾ ٿئي. ۔نر کي حلال ڪرڻ کان اڳ فوری طور تي ان ٿيلهي کي رسي سان ٻڌندا آهن جينئن واپس رت ۾ شامل نه ٿئي کسٿوری ڪلیجی جي رنگ جهڙي گهاٽي پاڻـيٺ هوندي آهي ڪڍڻ کان پوءِ هڪدم ڄميو سخت ٿيو وڃي دن ۾ بال وانگر ٿيلهي کل سميت ڪٽيو سڪايو محفوظ ڪري رکن.
    کسٿوری واري ھرڻ جو شڪار ممنوع آهي شڪاري لاء سخت سزائون آهن پر مشڪ جي سون کان به مهانگي هجڻ ڪري پئسن جي لالچ ۾ شڪاري شڪار ڪن ٿا. کل سميت دن ڪٽڻ ڪري هرڻ مريو وڃي۔چین ۾ باقائدہ فارم آهن جتي مقرر وقت تي هرڻ جي دُن مان کسٿوري سرنج کے ذريعي ڪڍي وڃي ٿي، ٻئي سال وري ناف پچي راس ٿئي ته ان مان مشڪ حاصل ڪن ٿا. ۔ڪڏهن هرڻ پنهنجو پيٽ سج جي روشني مان گرم ٿيل پٿرن تي رڳڙي ٿو ته سندس دن جو ڳوڙهو ڦاٽيو پئي ۽ مشڪ وهي پٿرن تي ڄميو پئي. شوقين ۽ حڪيم اهڙن پٿرن تا کرڙي مشڪ حاصل ڪري بطور تحفہ ڏيڻ ٿا.

    تبت،نیپال ،ڪشمیر ،روس چین ۽سری لنڪا هن وقت سڀ کان زياده مشڪ پيدا ڪندڙ ملڪ آهن.
    استعمال۔
    قلب ودماغ ۽ تمام عضون کي راحت قوت بخشي ٿو غشي، فالج، لقوه، مرگهي، ڊپريش ۽ ماليخوليا ۾ اڪثير آهي.
    مشڪ مان بھترين عطر یا پر فیوم تیار ڪيا وڃن ٿا. هن جو سونگهڻ زڪام ۽ مٿي جي سور لاء مفید آهي. اصل مشڪ جو تولو هن وقت ڏيڍ لک کان وڌيڪ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو