پير ميان محمد باقر شاهه ولد پير ميان محمد معظم شاهه جيلاني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    هي صاحب سفيد ريش، قديم وضع جو بزرگ، هي صاحب سفيد ريش، قديم وضع جو بزرگ، محبتي، مهمان نواز ۽ رهواڻيءَ وارو، ٿاڻي بولاخان ۾ ويٺلَ جيلاني پيرن جو سجاده نشين هو.
    سنڌ ۾ سيد عبدالقادر جيلاني عليه الرحمت جي سلسلي ۾ طريقت جو گهڻي وقت کان اثر پئي رهيو آهي- اهو سلسلو طريقتَ ڪجهه ٻين بزرگن جي معرفت ۽ ڪجهه جيلانيءَ جي اولاد مان سڏائين ٿا. اُهي سنڌ ۾ ڪهڙي زماني ۾ ڪٿان ڪٿان اچي، سڪونت پذير ٿيا، تنهن جي تفتيش ڪرڻ جي ضرورت آهي، افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ويٺل موجوده جيلاني پيرن جي تاريخ، شجرن، پزرگن جي احوال، اقوال ۽ خدمات کي قلمبند ڪري، محفوظ ڪرڻ جو ڪنهن به فڪر نه ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي جي مريدن جو زياده توجهه مرشدن جي مزارن جي مرامت ڪرائڻ، يارهين ڪرڻ، ۽ پير صاحبن کي ساليانه نذر نياز ڏيڻ تائين محدود رهيو آهي. خود پير صاحبن جو شوق ملڪيت وڌائڻ، وڏ ماڻهپي حاصل ڪرڻ، نذر نياز اڳاڙڻ، سياست ۽ مڪاني معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ سان پئي رهيو آهي. ليڪن سندن ڌيان پنهنجن بزرگن جي سلسلي طريقت جي اَحياء، عوام جي اصلاح نفس ۽ اخلاق جي درستيءَ طرف نه پئي رهيو آهي. جن ڳالهين ڪري سندن عزت ۽ احترام ڪيو وڃي ٿو. انهن ڳالهين کي وساري ڏيو اٿن. سندن مڪمل تاريخ، شجرا، اقوال ۽ احوال گڏ ڪري لکڻ منهنجي وسعت ۽ هن ڪتاب جي دائري کان ٻاهر آهي. هتي جو به احوال معلوم ٿي سگهيو آهي، سو ان ڪري پيس ڪري رهيو آهيان ته سنڌ جي تاريخ نويسن کي هن خاندان جي سياسي، نسبي ۽ سلسلي طريقت جي تاريخي مواد ميسر ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ملي سگهي.
    جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي، ته سنڌ ۾ جيلاني پيرن جا هيٺان مکيه پنج خاندان ان جي مختلف حصن ۾ رهن ٿا.
    (1) راڻيپور ۽ گمبٽ جي جيلاني پيرن جا ڪٽنب.
    (2) گهوٽڪي، عادلپور ۽ انهن سان تعلق رکندر پيرن جو خاندان.
    (3) نورائي ۽ بدين جي پير صاحبن جو خاندان.
    (4) نصرپور، ٿاڻي بولاخان، ميرپورخاص ۽ سندن متعلقه خاندان.
    (5) ٺُل ۽ ان سان تعلق رکندڙ پير صاحبن جو خاندان.
    (6) دنگ جمال شاهه، تعلقي سڪرنڊ ۽ ان سان واسطو رکندڙ خاندان.
    اُنهن مان پهرين ٻن جا شجرا ۽ مختصر احوال معلوم ٿي سگهيا آهن، ليڪن ٻين جو احوال، باوجود گهڻيءَ ڪوشش جي، پوريءَ طرح معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پير صاحب ميان محمد باقر شاهه بابت سندس فرزند ۽ سجاده نشين کان هيٺينءَ طرح احوال معلوم ٿي سگهيو آهي، جو درج ڪجي ٿو.
    سندس خاندان نصرور جي جيلاني پيرن جي شاخ اهي. سندن بزرگ ڪهڙي زماني ۾ بغداد کان لڏي اچي نصرپور ۾ ويٺو، ان جو پتو پئجي نٿو سگهي؛ ليڪن جيڪي بزرگ پهرين سنڌ ۾ اچي ويٺا، انهن جا نالا شاهه محمود عليه الرحمت ۽ شاهه عنايت چيا وڃن ٿا. هي پير سيد عبدالقار جيلانيءَ جي فرزند سيد عبدالرزاق جي اولاد مان سڏائين ٿا. شاهه محمود کي اولاد ڪونه ٿيو. نصرپور جي قاضين مان سندس ڀاءُ ميان عنايت شاهه شادي ڪئي، ۽ کيس ٻه نياڻيون پيدا ٿيون. انهن مان هڪ فتح باغ جي جيلاني پيرن کي ڏنائين ۽ ٻي پنهنجي ڀائٽئي سيد قاسم شاهه کي بغداد مان گهرائي پرڻايائين.
    سيد قاسم شاهه کي اُنهيءَ بيبيءَ مان چار فرزند ٿيا. (1) بچل شاهه، (2) چاند شاهه، (3) اڪبر شاهه، ۽ (4) معظم شاهه. انهن چئن ئي ڀائرن مان صرف معظم شاهه کي هڪ فرزند ڄائو، جنهن جو نالو محمد باقر شاهه اول رکيو ويو. ان کي ٻه فرزند (1) جهان شاهه، ۽ (2) معظم شاهه ٿيا ۽ ٻه نياڻيون ٿيون.
    محمد باقر شاهه پنهنجون نياڻيون پنهنجن عزيزن نصرپور وارن پيرن يک ڏنيون، جن مان کين هيٺيون اولاد پيدا ٿيو: (1) احمد شاهه، (2) عظيم شاهه، (3) نور شاهه، (4) حيدر شاهه، (5) امام بخش شاهه، (6) سهندل شاهه. معلوم ائين ٿو ٿئي ته هي ٿاڻي بولا خان ۾ پير ميان باقر شاهه اول يا پير ميان معظم شاهه جي زماني ۾ لڏي اچي ويٺا هئا. ميان محمد باقر شاهه جي فرزند، ميان جهان شاهه، کي اولاد ڪونه ٿيو. سندس ٻئي فرزند ميان معظم شاهه کي ٻه فرزند ڄاوا: (1) پير ميان محمد باقر شاهه دوم (جنهن جي حياتيءَ جو بيان لکجي ٿو، ۽ (2) پير جهان شاهه عرف پير ميان خدا ڏنو شاهه، جن مان پهريون ڀاءُ ۽ سندس اولاد ٿاڻي بولا خان ۾ رهيو. ٻئي ڀاءُ ميان خدا ڏني شاهه، پير ميان حيدر شاهه نصرپور واري جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، ۽ ميرپورخاص جي پيرن جي لاڳاپي ۽ گاديءَ جي خالي ٿيڻ ڪري اتي رهجي پيو. ان جو فرزند پير ميان غلام رسول شاهه هن وقت ميرپور خاص جي درگاهه جو سجاده نشين آهي. ڪجهه وقت سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميمبر هو، پوءِ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ مرڪزي اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تي ڪجهه وقت رهيو. هميشه سرڪاري پارٽيءَ سان تعلقات رکڻ ڪري، چڱو اثر ۽ ملڪيت حاصل ڪري ويو آهي. هن کي ٽي فرزند آهن: (1) پير حيدر شاهه، (2) پير جهان شاهه، ۽ (3) پير امجد حسين شاهه.
    ميرپورخاص وارن پيرن جو اولاد لکپت ۽ فتح باغ وارن پيرن جي اولاد سان مليو. ازانسواءِ پير امام بخش شاهه پٻڻ وارو به هن خاندان سان واسطو رکندڙ هو.ٻئي طرف پير ميان محمد باقر شاهه، جو ٿاڻي بولا خان ۾ رهيو، ان کي چار فرزند ٿيا: (1) پير ولايت علي شاهه، (2) پير محمد بخش شاهه، (3) پير رسول بخش شاهه، ۽ (4) پير ميان اڪبر شاهه. انهن جو اولاد هيٺينءَ طرح آهي:
    1- پير ولايت علي شاهه جا فرزند: (1) پير طالب حسين شاهه، (2) پير منور شاهه، (3) پير مهر شاهه، (4) پير امير شاهه، ۽ (5) پير ارشاد علي شاهه.
    2- پير محمد بخش شاهه جا فرزند: (1) پير عظيم شاهه، (2) پير غلام نبي شاهه، ۽ (3) پير اسلام شاهه.
    3- پير رسول بخش شاهه جا فرزند: (1) پير انور شاهه، ۽ (2) پير محمد زمان شاهه.
    4- محمد اڪبر شاهه جا فرزند: (1) پير اصغر علي شاهه، (2) پير روشن علي شاهه، ۽ (3) پير اعجاز علي شاهه.
    هن وقت ٿاڻي بولا خان جي پيرن جو سجاده نشين محمد باقر شاهه جو ٽيون نمبر فرزند پير رسول بخش آهي، جو ٻه وڏا فرزند والد جي حياتيءَ ۾ گذر ڪري ويا هئا.پير محمد باقر شاهه نوي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. روزي نماز جو پابند، پرهيزگار، درويش صفت انسان هو. ذڪر اذڪار وغيره طريقت جي معاملي سان سنڌ جي اڪثر موجوده پيرن وانگر هن جو به واسطو نه هو. هن جا سنڌ جي اڪثر موجوده پيرن وانگر هن جو به واسطو نه هو. هن جا سنڌ جي مکيه خاندان سان دوستانه تعلقات هئا. انهن جو منجهس چڱو اعتقاد هو. سندن ڪمن ڪارين ۾ پير صاحب اڪثر کين مدد ڪندو هو.
    ڪتاب جو نالو؛ جنب گذاريم جن سين(ٻيو)
    مصنف؛
    جي. ايم. سيد
    ايڊيشن؛
    پهريون 1967ع، ٻيو 1979ع، ٽيون 2005ع.
    ڇپيندڙ؛

    سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
    ڪاپي رائيٽ؛

    سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو