تاريخ فتوحات کي ڳڻيندي آهي،دسترخوان تي پيل انڊان،جيم ۽ مکڻ کي نه

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2017۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    تاريخ فتوحات کي ڳڻيندي آهي،دسترخوان تي پيل انڊان،جيم ۽ مکڻ کي نه


    هي 1973 جي ڳاله آهي.عربن ۽ اسرائيل جي وچم جنگ شروع ٿيڻ واري هئي.ان وقت هڪ آمريڪي سينٽر هڪ اهم ڪم جي سلسي ۾ اسرائيل آيو.هو اسلحه ڪميٽي جو سربراه هو.هن کي فورن اسرائيل جي وزيراعظم "گولڊه مائير" ڏانهن وٺي ويا...

    گولڊه مائير هڪ گهريلو عورت وانگر ان آمريڪي سينٽر جو استقبال ڪيو ۽ هن کي رڌڻي "ڪچن" ۾ وٺي ويئي .اتي هن آمريڪي سينٽر کي هڪري ننڍڙي ڊائننگ ٽيبل جي ڀرسان ڪرسي تي ويهاري،چولهي تي چانه جي لاء پاڻي رکي پاڻ به اچي هن سان گڏ ويٺي.هن آمريڪي سينٽر سان توپون،طيارن ۽ ميزائلون کي خريد ڪرڻ جو سودو ڪرڻ شروع ڪيو.اڃا بهاء تاوء جاري هو ته هن کي چانه جي پڪجڻ جي خوشبوء آئي.هوئ خاموشي سان اٿي ٻن ڪوپن ۾ چانه وڌي،هڪ ڪوپ سينٽر کي ۽ ٻيو ڪوپ گيٽ تي بيٺل آمريڪي گارڊ کي ڏئي،وري اچي سينٽر سان سودي جي ڳاله شروع ڪيائين.چند لمحن جي گفت ؤ شيند کانپوء شرائط طئي ٿئي ويا.ان جي دوران گولڊه مائير اٿئي،چانه جا خالي ڪوپ کڻي انهن کي ڌوائي شيلف ۾ رکي،آمريڪي سينٽر ڏي واپس اچي هن کي چيائين ته مون کي هي سودو منظور آهي، اوهان تحريري معاهدي جي لاء پنهنجي سيڪريٽري کي منهنجي سيڪريٽري ڏي موڪليجو.

    ياد رهي اسرائيل ان وقت اقتصادي بحران جو شڪار هو.مگر گولڊه مائير هڪ پوڙهي عورت ڪيڏي نه سادگي ۾ اسرائيل جي تاريخ ۾ اسلحه جي ايڏي وڏي کيپ جو سودو ڪيو.حيرت جي ڳاله آهي ته شروع ۾ خود اسرائيل ڪابينه هن ڳري سودي کي رد ڪيو.انهن جو موقف هو ته ان خريداري کانپوء اسرائيلي قوم کي ورهين تائين هڪ وقت ماني کائڻ تي اڪتفا ڪرڻو پوندو.جيڪو خطرناڪ حالت هوندي.

    گولڊه مائير ڪابينه جي ارڪان جو موقف ٻڌو ۽ چيو """ اوهان جو خدشو درست آهي پر جيڪڏهن اسان هي جنگ کٽي ورتسين ۽ عربن کي پسپائي تي مجبور ڪيوسين ته تاريخ اسان کي فاتح قرار ڏيندي ۽ تاريخ جڌهن ڪنهن قوم کي فاتح قرار ڏيندي آهي ته اهو ڀلجي ويندي آهي ته جنگ جي دوران فاتح قوم ڪيترا انڊا کاڌا ۽ روزانه ڪيترا ڀيرا ماني کاڌي،انهن جي دسترخوان تي ماکي،مکڻ ۽ جيم هئي يانه ،انهن جي جوتون ۾ ڪيترا سوراخ هئا يا انهن جي تلوارن جا نيام پراڻا ۽ ڦاٽل هئا..فاتح صرف فاتح هوندا آهن.

    گولڊه مائير جي دليل ۾ وزن هو انهڪري اسرائيلي ڪابينه ان سودي جي منظوري ڏني. اچڻ وري وقت اهوثابت ڪيو ته گولڊه مائير جو اقدام درست هو ۽ پو دنياء اهو ڏٺو ته ان اسلحه۽ جهازن جي زور تي يهودي عربن جي دروازن تي دستڪ ڏيڻ لڳا.جنگ ٿئي ۽ عرب هڪ پوڙهي عورت جي فهميدي عمل جي ڪري شڪست کاڌي.( اها به هڪ عجيب حقيقت آهي ته امت مسلمه کي ويهين صدي ۾ ٽڪڙن ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ٻن عورتن جو هٿ هو.يعني عربن کي ختم ڪرڻ ۾ گولڊه مائير جو ۽ عجم جي مسلمانن کي شڪست ڏيڻ ۾ اندراه گاندهي جو)

    جنگ ختم ٿيڻ کانپوء ڪافي عرصي بعد واشنگٽن پوسٽ جي نمائيندي گولڊه مائير جو انٽرويو ورتو ۽ سوال ڪيو " آمريڪي اسلحه خريد ڪرڻ جي لاء لاء اوهان جي ذهن جيڪا دليل (مٿين) آئي هئي ،اها اچانڪ آئي هئي يا پهريائين کان حڪمت عملي جوڙي رکي هئي؟

    گولڊه مائير جيڪو جواب ڏنو اهو چوڪائيندِڙ آهي .

    " مان اهو استدلال پنهنجي دشمنن (مسلمانن) جي نبي سڳوري (حضرت محمد صلي الله عليه وسلم) جن کان ورتو هئو.مان جڏهن طالبه هئس ته مذهب جو موزانه منهنجو پسنديده موضوع هو.انهن ڏينهن ۾ مون حضرت محمد (صلي الله عليه وسلم)
    جن جي سوانح حيات پڙهي .ان ڪتاب ۾ مصنف هڪ جڳه تي لکيو ته جڏهن حضرت محمد (صلي الله عليه وسلم ) جن جو وصال ٿيو ته انهن جي گهر ۾ ايتري رقم به ڪونه هئي جو ڏيئي کي ٻارڻ لاء تيل خريد ڪجي.ان ڪري پاڻ سڳورن جي اهليه بي بي (آما) عائشه رضي الله عنها، حضور جن جو زره بڪتر رهن رکي تيل خريد ڪيو هئو.پر ان وقت به پاڻ سڳورن ( صلي الله عليه وسلم)جي حجري جي ڀتين تي نون (9) تلوارون لٽڪيل هيون. مون جڏهن اهو واقعو پڙهيو ته سوچيو ته دنيا ۾ ايترا ڪيترا ماڻهون هوندا جن کي مسلمانن جي پهرين رياست جي ڪمزور اقتصادي حالت جي باري ۾ ڄاڻ هوندي پر مسلمان اڌ دنيا جا فاتح آهن " اها ڳاله سڄي دنيا کي خبر آهي.انهڪري مون اهو فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن مون کي ۽ منهنجي قوم کي سالن جا سال بکيو رهڻ پيو ،پخته گهرن جي بجاء ّخيمن ۾ زندگي گذارڻي پئي ته رهنداسين پر اسلحو ضرور خريد ڪنداسين.پاڻ کي مضبوط ڪنداسين ۽ فاتح جو اعزاز حاصل ڪنداسين"


    گولڊه مائير مٿين حقيقت کان ته پردو کنيوء مگر انٽرويو نگار کي درخواست ڪئي ته ان انٽرويو کي آف دي ريڪارڊ رکيو وڃي ۽ شايع نه ڪجي،وجه اها هئي ته مسمانن جي نبي سڳوري (صلي الله عليه وسليم) جن جي نالي وٺڻ سان هن جي پنهنجي قوم (گولڊه مائير )جي خلاف ٿئي ويندي اتئي ساڳئي وقت مسلمانن جي موقف کي تقويت ملندي.چناچه واشنگٽن پوسٽ جي نمائيدي ان ڳاله کي ڳجه ۾ رکيو،وقت آهستي اهستي گذرڻ لڳو تان جو گولڊه مائير جو انتقال ٿئي ويو.۽ انٽرويو نگار به عملي صحافت کان الڳ ٿئي ويو.انهئي دوران هڪ ٻيو نام نگار ،اآمريڪي جي ويھ ُوڏن نام نگارن جو انٽرويو وٺڻ شروع ڪيو..ان سلسلي ۾ هو ان واشنگٽن پوسٽ جي نام نگارسان به مليو جنهن گولڊه مائيز جو انٽرويو ورتو هئو.ان صحافي مٿون واقعو چٽو ڪري ٻڌايو ۽ چيائين ته هاڻي ان ڳاله کي ٻڌائڻ ۾ ڪو نقصان نه آهي.گولڊه مائيز جي انٽرويو وٺڻ واري صحافي وڌيڪ ٻڌايو ته" مان ان انٽرويووٺڻ کانپوء جڏهن تاريخ اسلام جو مطالعه ڪيو ته مان عرب جي بدون جي جنگي حڪمت عمليان ڏسي حيران ٿئي ويس ،ڇو ته مون کي معلوم هئو ته طارق بن زياد جنهن جبرالٽر (جبل طارق)جي رستي اسين کي فتح ڪيو هئي ان جي فوج ۾ اڌ کان وڌيڪ مجاهدين وٽ پورو لباس پائڻ لاء نه هئو.هو ٻاهتر ٻاهتر ڪلاڪ هڪ ڇهاگل پاڻي ۽ سڪيل ماني جي ڪجه ٽڪڙن تي گذارو ڪندا هئا.مسلمانن جي شجاعت ۽ سادگي جي مٿيون ڳالهيون پڙهي گولڊه مائيز جو انٽرويو ڪندڙ صحافي قائل ٿئي ويئو """ته تاريخ فتوحات ڳڻيندي آهي،دسترخوان تي پيل انڊا،،مکڻ ۽ جيم ڪڏهن به نه""""""
     
    سجاد سرور ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    لاجواب ونڊ
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    محترم سجاد سرور صاحب السلام عليڪم،هي ڪا ڪهاڻي نه آهي، جيڪڏهن توهان وٽ هيرالڊ ميگيزن جا 2010 وارا شمار آهن ته اوهان کي مٿين ليک جي سچائي جي خبر پئجي سگهي ٿي.اسان هڪ منٽ لاء به اهو گوار نه ٿا ڪري سگهون ته دنيا جي قيمتي هستي جنهن جي لاء هن دنيا کي تخليق ڪيو ويو آهي انهن سان ڪا مصنوعي ڳاله منسلڪ ڪيون.توهان کي ان قسم جي ڪمينٽس ڏيڻ کان اڳ ۾ ڪجه رسيرچ ڪرڻ گهرجي هان.اميد ته آئيندا آحتياط ڪندا،
     
    سجاد سرور هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    محسنِ انسانيت ٌ جي سیرت جي سچائي برحق ، سج وانگر روشن آھي جنھن جي ساري دنيا پوئواري ڪري سگھي ٿي۔ ھڪ يھودي عورت جي پاڻ سڳورن جي سیرت مان سبق وٺڻ اسان مسلمانن لاٸہ سبق آموز آھي۔ البتہ ان ڳالھ جو تاریخي حوالو گھرڻ ڪو ڏوھ ناھي۔ اصل تحریر سان گڏ ئي ھیرالڊ مئگزين جو حوالو ڏئي ڇڏيو ھا تہ بھتر لڳي ھا۔ تڪلیف جي معافي!
     
    غلام مصطفي ميمڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو