چاهت، چانڊوڪي ۽ چنڊ جھڙو رزاق مھر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ( 15 آگسٽ
    [​IMG]
    - ورسيءَ جي حوالي سان لکيل )

    ”چاهت، چانڊوڪي ۽ چنڊ جھڙو رزاق مھر“

    فقير محمد سنڌي


    محبوب جي مرڪ جھڙو، سسئي جيئان صدائن جا سفر ڪندڙ ڪلا جي ڪائنات جو پانڌيئڙو نه چاهيندي به الائي ڪھڙي دڳ سان دلبريءَ جا گهاءَ ڏئي ويو. پنھنجي سڄي سنگت کي راتين جون رونقون بخشڻ وارو رزاق مھر خبر ناهي سنڌ جي ڪلا کي ڇو اڪيلو ڪري هليو ويو. ٿوري زندگيءَ جي سفر ۾ هن انمول انسان سنڌي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو، رزاق مھر شروعات ۾ شاعريءَ جي سفر ۾ پير پاتو. ڌرتيءَ جي هن اُجري دامن تي پنھنجي ماحول کي ڏسي ڪري ڪھاڻي جي ڪلا جو راهي ٿيو. رزاق مھر جي آڏو زندگي مسلسل جدوجھد جو نالو رهي. هن جي اندر جو انسان ڪٿي به خاموش نه رهي سگهيو. شاعري ۽ ڪھاڻين کانپوءِ رزاق مھر اسٽيج ۽ ٽي وي ڊراما لکن شروع ڪيا.

    رزاق مھر 20 جولاءِ 1954ع تي رانجهو خان مھر جي گهر محلي مراد واهڻ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. پرائمريءَ جي تعليم مراد واهڻ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو، 1971ع، بي اي محمد موسى آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻو 1974ع، ايم.اي (سنڌي ادب) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو 1979ع ۾ پاس ڪيائين ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان 1989ع ۾ پاس ڪيائين. رزاق مھر پنھنجو پيغام سماج تائين پھچائڻ ۾ سٺي نموني سان ڪامياب ويو. رزاق مھر لکڻ جي شروعات 1974ع کان شاعري جي اصلاح امير علي چانڊيو کان وٺندو هو. پوءِ ڪھاڻيون ۽ اسٽيج توڙي ٽي.وي لاءِ ڊراما لکڻ شروع ڪيا. سندس جي پھرين ڪھاڻي، ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان، اسٽيج ڊراما، بدحواس، هيڊ ڪلارڪ، ٽي خانداني بيروزگار، ايف.آءِ.آر ۽ مولو مت وڃائي مشھور ٿيا.

    رزاق مھر جو ٽي.وي ڊرامو: ”زندگيءَ ڏانھن“ پروڊيوسر ذوالفقار نقوي جي ڪاوشن سان منظرِ عام تي آيو. 1984ع اهڙي ريت پھرين ڊراما سيريل جياپو (1991) پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي محنتن سان عروج ماڻيو. رزاق مھر پنهنجي زندگي رڳو محنت ۽ جستجو ۾ گذاري. هوُ ڪم لاءِ ديوانو هو ۽ پنھنجو آخري تخلص به ديوانو رکيو هئائين. انفرادي ڊرامن ۾ به رزاق مھر پاڻ ملهايو، جنھن ۾ ”ڇوٽڪارو، ڦيرو، زندگيءَ ڏانھن، راهه جو پٿر، سفر، زخم زندگيءَ جا، اعتراف، ڌرتيءَ ڌڻي ۽ دوري سميت تقريباً پندرهن ڊراما شامل آهن جن پنھنجي دور ۾ مڃتا ماڻي. رزاق مھر جي ڪھاڻي ”آراهه“ کي 1987ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران بھترين ڪھاڻيءَ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

    رزاق مھر نالي ڪاڻ ڪم ڪونه ڪيو پر هن جو لکڻ سان عشق هو. ڪنھن جي راءِ يا تعريف تي ڪن به ڪونه ڏيندو هو، رزاق جو ڪم هن جي زندگيءَ جو آئينو آهي. زندگيءَ جي سفر ۾ رزاق مھر کي پنھنجو گهر به هلائڻو هو، تنھنڪري رزاق سرڪاري ملازمت جو پاسو ورتو، ملازمت به زندگيءَ لاءِ تمام اهميت رکندڙ پاسو آهي. بلڊنگ ڊپارٽمينٽ لاڙڪاڻو ۾ ”ڊرافٽس مين“، پبلڪ اسڪول ميرپور خاص ۾ ليڪچرار، گورنمينٽ سائنس ڪاليج جوهي، 1990ع ۾ قمبر ڊگري ڪاليج بدلي ڪرائي پھتو جنھن بعد ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت سان فرائض سرانجام ڏنائين.

    رزاق مھر جي ”جيئاپو“ ڊرامي سنڌ جي اندر ڪمزور انسانن کي واقعي جيئاپي جو حق ڏنو، سنڌ ۾ وڏيرن جي ظلمن تي ٺھيل پي ٽي ويءَ جو هي انقلابي سنڌي ڊرامو جيڪو ڪراچي سينٽر تان 1992ع ۾ نشر ٿيو جنھن وڏيرن جو حقيقي چھرو وائکو ڪيو ۽ سنڌ ۾ نجي جيل بيگار ڪيمپون بند ٿيون ۽ هن ڊرامي کانپوءِ عدالتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن، وڏيرن جي بيگار ڪيمپن تي ڇاپا هنيا. جيتوڻيڪ اڄ به سنڌ ۾ وڏيرن جو مجموعي ڪردار اهڙو ئي آهي. جياپو کي سنڌ ڪلچر ائسوسيئيشن پاران ايوارڊ ۽ ڊرامي جي مڪمل ٽيم کي آجياڻو پيش ڪيو ويو.

    رزاق مھر پنھنجي زندگيءَ جي هر پل کي سڦلتا بخشيندي ”سڪون ڪٿي آهي“ ڪھاڻين جو ڪتاب 1983ع ۾ ڇپرايو. اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”اُجهل هوا“ ڪھاڻيون، ٽارچر ڪيمپ مان نڪرندڙ دانھن (ناول)، شاعريءَ جو مجموعو، ڪالمن جو ڪتاب ۽ ذاتي نوٽ بُڪ شامل هئس.

    رزاق مھر ڊرامي کي ڪريئيشن ڪري سمجهندو هو. ان جو اهو به چوڻ هوندو هو ته سنڌي ادب ۾ يا ڪھاڻي ۾ اهي موضوع بحث هيٺ نه اچي سگهيا آهن جيڪي ٽيليويزن جي ڊرامي تي ڊسڪس ٿيا آهن. رزاق مھر سڀني دوستن سان گڏجي پنھنجو ڪم سرانجام ڏيندو رهيو.

    سيريلس ۾: وڇوٽيون ۾ پروڊيوسر بادل جمالي سان سٺي نموني ڪم ڪيو. اهڙي طرح پاتال ۾ پروڊيوسر فيض محمد ٻگهيو ۽ نبيرو ۾ پروڊيوسر نواب مھدي لغاري سان هر هنڌ ٻانھن ٻيلي ٿي ڪري ڪم ڪيو. رزاق مھر منھنجو پيارو سڄيءَ سنڌ جو پيارو يارن جو يار، غريب ۽ مسڪين دوستن جو سدائين همدرد اتساهه ڀريو پيغام ڏيندڙ مھان انسان هو. هن نئين دنيا پبليڪيشن لاڙڪاڻو ۽ ماهوار ”ڪونج“ لاڙڪاڻو جي ايڊيٽر طور سنڌي ادب جي خدمت ڪئي.

    رزاق مھر بيحد پرخلوص محبت ڀريو انسان سدائين ديوانگي واري حد تائين سنڌي ادب ۽ دوستن جي خدمت ڪئي. چون ٿا موت اٽل آهي، اهو پيرسنيءَ ۾ اچي يا جواني ۾ پراچڻو ضرور آهي. اهڙي اڻمندائتي موت اسان کان رزاق مھر 15 آگسٽ 2002ع تي ڇني ڌار ڪيو.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو