سنڌ جي معيشٽ جا ڦريندڙ ڪير ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سهڻي محبت واري ناظم چانڊيي لاءِ

    ادا توهان سورنهن آنا سچ چئو ٿا پر زرداري تي سئي ڇو اٽڪيل آ ؟؟؟؟
    هي اين ايف سي جو بيڪار نظام جنهن ۾ سنڌ جي وسيلن کي هي گانگٽ ڦري رهيا آهن ان طرف ڇو نه سوچ وڃي ٿي جيڪا ڦر تمام آسمانن جيڏي آ يار ڪجه سچ ۽ عقل کان به ڪم وٺو سنڌي ماڻهو ڪو آسودو ٿي ته ته بس ٻانهون ڪنججي وڃن ٿيون ...
    هي اين ايف سي جيڪا غير اسلامي آ هڪ مسلم ملڪ ۾ جيڪا صرف غير سنڌين جي پالڻ جو سبب آ ان تي ڇو نه جرح ڪيو ٿا ته وفاق هلايو پر شيئرنگ سسٽم تي جيڪا هڪ جيتري هجي سڀني صوبن جي ۽ سڀني صوبن کي پنهنجي وسيلن جي مالڪي مڪمل ڏيو ۽ هي ايف بي آر جي لچائيپ ڇو هاڻي هر صوبي جي پنهنجي روينيو ڪليڪشن جو سسٽم هجي سنڌ لاءِ ايس بي آر جهڙو ادارو جوڙجي ته ڪو پيسو سنڌ جو سنڌ تي خرچ ٿي جيڪي وفاقي طرز تي اربين کربين رپيا قرض وٺن ٿا تن جو حساب ڏين ۽ صوبن جي رضا کا سواءِ نه وٺن ۽ ان جي استعمال جوڳو واپسي جو مقدار ان صوبي کان وٺڻ جنهن ۾ اهو پروجيڪٽ يا پيسو لڳايو ويو ...باقي ڦري ڦري زرداري زرداري چئي انهن کي پيا خوش ڪريو جيڪي هي ڀينگ ڪن پيا جيڪي هي وفاق لڪاني رقمون وٺي پنجاب جي ترقيون ڪن پيا ...
    وري هي نڀاڳا هندستاني ۽ ٻيا غير سنڌي سي به چٻ ٿيا چڙهيا ويٺا آهن ۽ اربين روپين جو معيشت تي وزن جيڪي نڀاڳا اسان جي لاءِ وبال جان آهن هر ڏينهن جو درد تڪليف سور آهن ...سوچو مڙس ماڻهو ٿي باقي هي زرداري سان ساڙ نه ڪريو ها ان جي انهن ڪمن کي اسان به ڌوڙ ٿا وجهون جن ۾ سنڌ جو نقصان آ ...هي جي صوبائي خودمختياري جنهن جي بنياد تي مان هي لکي رهيو آهيان سا هن مرد مجاهد جي ڪوشش آهي کوڙ اهڙا ڪم جيڪي هن ڀلا ڪيا آهن ...کوڙ اهڙا ڪم جيڪي هن کان برا ڪرايا ويا آهن ۽ اڃا به ڪندو پر ٻين ڌارين کان وري به انڌي ۾ ڪاڻو وارو مثال ضرور هوندو ....
    سائين ناظم چانڊيا صاحب .....ناراض نه ٿجو سوچ ڪري جواب ضرور ڏيندا
    الله لوڪ ماڻهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو