سال جي ٻارنهن مهينن متعلق دلچسپ حقيقتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408

    سال جي ٻارنهن مهينن متعلق دلچسپ حقيقتون

    ( پرو فيسر محمد ابراهيم لاشاري ) واره

    جنوري عيسوي سال جو پهريون مهينو جنوري آهي هن مهيني تي اهو نالو رومين جي هڪ ديوتا (جينس)جي اعزاز ۾ جنوري رکيو ويو .هن ديوتا جي پوڄا صرف جنگ دوران ڪئي ويندي هئي ڇاڪاڻ ته امن جي وقت هن ديوتا جا دروازه بند هوندا آهن .هي جنگ جو ديوتا هو هن کي ٻه منهن هوندا هئا . جيڪو هڪ ئي وقت اڳيان پويان ڏسي سگهندو هو .رومين جو عقيدو هو ته جهڙي طرح هي ديوتا هڪ ئي وقت جاڏي ڪاڏي ڏسي سگهي ٿو ته انسان به پنهنجو ماضي۽ مستقبل جو جائزو وٺي سگهي ٿو اهل روم وارا جڏهن به ڪو ڪم شروع ڪندا هئا ته هن ديوتا کان دعا (منت) گهرندا هئا هنن جو ّيال هو ته هن ديوتا کان دعا گهرڻ بعد سڀ ڪم آساني سان ٿين ٿا ڪيتريون صديون جنوري سال جو يارنهون نمبر مهينو رهيو 46 قبل مسيح رومي شهنشاه جوليس سيزرهڪ ڏينهن جو اضافو ڪري جنوري کي سال جو ٻارنهون مهينو بڻايو جارجين ڪئلينڊر مطابق جنوري سال جو پهريون مهينو آهي جيڪو سال جي ستن مهينن وانگر 31 ڏينهن تي مبني هوندو آهي سال جي پهرين مهيني جو پهريون ڏينهن نئين سال ڏينهن کي (هيپي نيويئر) نئون سال ڪري ملهائبو آهي جايجين ڪئلينڊر مطابق سال جا ٻه مهينا جنوري ۽ آڪٽومبر مهيني جي ابتدا ساڳئي ڏينهن تي ٿيئي ٿي .۽ ساڳئي ڏينهن تي ئي پڄاڻي ٿئن ٿي عام طور تي جنوري مهيني جو آخري ڏينهن ۽ فيبروري ۽آڪٽوبر جو آخري ڏينهن ساڳيو ٿيندو آهي اهڙي طرح اپريل ۽ جولاءِ جو مهينو پڻ ساڳين ڏينهن کان شروعات ڪن ٿا.

    فيبروري عيسوي سال جو ٻيومهينو فيبروري آهي.فيبروري جو نالو اهل روم وارن هڪ مذهبي ديوتا (فيبرا)جي نالي جي اعزاز۾ رکيو ويو هو هي ديوتا مذهبي خّوشي جي علامت سمجهو ويندو هو.هڪ زمانو هو فيبروري رومن ڪئلينڊر ۾ ڏهن مهينن جو هوندو هو .هڪ زمانو هو جڏهن فيبروري سال جو آخري مهينو هو .هي مهينو هن لحاظ کان مختلف به آهي ته هن مهيني ۾ 28 ڏينهن ٿيندا آهن هر چئن سالن بعد هن مهيني ۾ 29 ڏينهن ٿيندا آهن جنهن کي (ليپ يئر ) چوندا آهن ستين صدي قبل مسيح کان پهريان سال ڏهن مهينن جو هوندو هو ان وقت سال ۾304 ڏينهن هوندا هئا ست7 صدي قبل مسيح کان اول پهريون رومي شهنشاه روميوليس جي جانشين (نيوماپوپليس) سال جي آخر ۾ 30 ۽ 29 ڏينهن جو تي مشتمل ٻن مهينن جو اضافو ڪري جنوري ۽ فيبروري نالا ڏئي ڪئلينڊر کي ٻارنهن مهينن جو بڻايو .

    مارچ عيسوي سال جو ٽيون مهينو مارچ آهي مارچ مهيني جو نالو (مارس) ديوتا جي نالي جي اعزاز ۾ رکيو ويو هو مارس ديوتا کي جنگي ديوتا چوندا آهن هي ديوتا تمام وڏو خطرناڪ ۽ طاقتورهوندو هو . رومي ديومالا جي مطابق هن ديوتا جي بيهڪ اهڙي طرح هئي ڄڻ هو سڌو بيٺوآهي ڄڻ هڪ هٿ ۾ تير ۽ ٻئي هٿ ۾ ڍهال اٿس هن جي شڪل تمام ڊيڄاريندڙ هئي اهل روم وارا هن ديوتا کي سمورن ديوتائن کان وڌيڪ طاقتور سمجهندا هئا هنن جو عقيدو هو ته مينهن کوڻ ڪڪر بجلي سڀ هن ديوتا مارس جي هٿ ۾ هئا .

    اپريل لاطيني زبان جي لظ (آپريو) منجهنا نڪتل آهي اهي لفظ جو مطلب آهي (بهار) يا (کولڻ وارو) جئين ته هن مهيني ۾ بهار جي موسم جي آمد هوندي آهي اپريل انهي لاءِهن مهيني جو نالو ڪنهن ديوتا بجاءِبهار يا پيار جي موسم سان منسوب ڪيو ويو آهي هر سال پهرين اپريل تي (اپريل فول ) ملهائيو ويندو آهي .جنهن کي (آل فول) به چيو ويندو آهي اپريل مهيني جي مند ۾ وڻن ٽڻ ۽ ٻوٽا ڦٽندا آهن ۽ نوان گونچ ڪڍندا آهن عيسوي سال جارجين ڪئلينڊر ۾ اپريل چوٿون نمبر مهينو آهي هن مهيني ۾ڪل 30 ڏينهن ٿيندا آهن.

    مئيعيسوي سال جو پنجنونمهينو مئي آهي .مئي مهيني جو نالو هڪ ديوي ( ميا) جي اعزاز ۾ رکيو ويو هو رومين جو عقيدو هو ته هن سموري ڪائنات کي هڪ ديوتا آهي جيڪو پنهجي ڪلهن تي کينو بيٺو آهي هن ديوتا کي ست ڌيئريون هيون جن مان ميا ديوي تمام خوبصورت هئي.هن مئي مهيني ۾ سج اتر اڌ گول طرف خطاستوا جي تمام قريب هوندو آهي اتر اڌ گول ۾ گرمي جي شروعات ٿي ويندي آهي ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ وري سياري جي مند جو آغاز ٿيندو آهي . هن مئي ۾ 31 ڏينهن ٿيندا آهن . هن مهيني جي پهرين تاريخ تي هر سال مزدورن جو عالمي ڏهاڙو وڏي جوش جذبي سان ملهايو ويندو آهي جنهن کي (ليبر ڊي )چوندا آهن.

    جون عيسوي سال جو ڇهون مهينو جو آهي هن مهيني جو نالو هڪ ديوي (جونو) جي اعزاز ۾ رکيو ويو هو جونو ديوي ديوتائن جي سردار(جيوپيٽر) جي ڌي هئي هن مهيني جو مطلب (نوجوان )آهي ڇاڪڻ ته هر سال دوران دنيا جي اتر اڌ گول واري پاسي جون جي مهيني ۾ گهڻو وقت سج بيٺل هوندو آهي ۽ گرمي تمام گهڻي هوندي آهي 21 جون تي سج خط استوا تي زبردست نموني چمڪي رهيو هوندو آهي 21 جون تي اتر اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏو ڏينهن ٿيندو آهي ۽وري جڏهن ته ڏکڻ اڌ گول ۾ وڏي ۾ وڏي رات ٿيندي آهي جون مهيني کي گلاب جي گلن وارو مهينو به چوندا آهن ڇاڪاڻ ته هن مهيني ۾ گلگهڻا ٽرندا آهن ۽ ماکي جون مکيون گلن کي چوسي ماکي گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هونديون آهن هي مهينو جون 30 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.

    جولاءِ عيسوي سال جو ستون مهينو جولاءِ آهي هن مهيني جو نالو ڪنهن ديوتا بجاءِ مشهور حڪمران رومي شهنشاه جوليس سيرز جي نالي پويان رکيو ويو هو هڻو وقت اڳ قديم رومي ڪئلينڊر ۾ هي مهينو سال جو پنجون نمبر مهينو هوندو هو جنهن کي (ڪوئٽليس)يعني پنجون مهينو سڏيو ويندو هو جوليس سيرز هن مهيني ۾ڄائو هو ۽ 44قبل مسيح سندس کي قتل ڪيو ويو تنهن بعد هن مهيني کي ان ڏانهن منسوب ڪندي هن مهيني جو نالو جولاءِ رکيو ويو هن مهيني ۾ اتر اڌ گول ۾ موسم گرم رهندو آهي ۽ ڏينهن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ وري سردي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي آتر اڌ گول واري پاسي وري هن مهيني ۾ برسائتون شروع ٿيڻ لڳن ٿيون جارجين ڪئلينڊر مطابق جولاءِ ستون نمبر مهينو آهي جنهن ۾ 31 ڏينهن ٿين ٿا

    آگست عيسوي سال جو اٺون مهينو آگسٽ آهي هن مهيني تي اهو نالو مشهور رومي بادشاه (آگسٽس) جي اعزاز ۾ رکيو ويو آگسٽس جي لفظي معني آهي دانا اهل روم هن بادشاه جي وڏي عزت ۽ احترام ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته آگسٽس تمام ايماندار ۽ انصاف پسند حڪمران هو. انهي لاءِ روم جو خلق منجها.نئس گهڻي رازي هوندي هئي ءِ هن عظيم بادشاه ساڻس وڏي عقيدت هئي جنهن سبب کيس رومين هن کي آگسٽس يعني (مقدس يا محترم ) جي خطاب سان نوازيو انهي خطاب جي نسبت سان عيسوي سال جي اٺين مهيني آگسٽ جو معتبر شهنشاه کي هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو آگسٽس جو سچو اصل نالو (آڪٽيوين) هو ۽ هو عظيم بادشاه جوليس سيزر جو ڀاڻيجو هو ۽ جوليس سيزر جي قتل ٿيڻ بعد روم جو بادشاه بڻيو هن روم جي عوامي ڀلائي جا زبردست ڪم ڪرائي رومين جون دليون کٽي ورتيون هيون جئين ته ڏينهن جي حساب سان جولاءِ ۾ 31ڏينهن پئي ٿيا ۽ آگسٽ مهيني ۾ وري 30ڏينهن پئي آيا اهڙي ڳالهه رومين کي پسند نپئي آئي سو هنن ڇاڪيو جو سيپٽمبر مهيني جو هڪ ڏينهن گهٽ ڪري آگسٽ ۾ آڻي ان کي 31 ڏينهن وارو مههينو بڻائي ڇڏيو ۽ پنهنجي عقيدت ۽ شهنشاه جي وڏائي جڳ اظهار ڪري ڇڏيو هن مهيني سبب اتر اڌ گول ۾ ڏينهن ننڊا ٿي رهيا هوندا آهن ۽ ان جي بر عڪس ڏکڻ اڌ گول ۾ وري ڏينهن وڏا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن هن مهيني ۾ مينهن به تمام خوب پوندا آهن ۽ درياءِ به موجن ۾ هوندا آهن هي مهينو آگسٽ 31 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي.

    سيپٽمبر عيسوي سال جو نائون نمبر مهينو سيپٽمبر آهي لاطيني ٻولي جي لفظ (سيپٽم) مان ورتل آهي جنهن جي معني آهي ستون مگر پراڻي زماني جي رومن ڪئلينڊر ۾ هي ستون نمبر مهينو هوندو هو .مگر گريگورين ۽ جولين ڪئلينڊر ۾ هي نائون نمبر مهينو آهي جنهن ۾ 30 ڏينهن ٿين ٿا هي مهينو موسمن جي مٽا سٽا جي لحاظ کان نهايت اهم آهي سيپٽمبرمهينو اترين خط استوا اڌ گول ۾ ساڳي موسمياتي برابري رکي ٿو جهڙي طرح مارچ مهيني ۾ ڏکڻ اڌ گول ۾ رکندو آهي هن ئي مهيني ۾ 21 سيپٽمبر تي سج بلڪل زط استوا تي پيو چمڪندو آهي ۽ سموري ڪائنات ۾ ڏينهن رات برابر ٿين ٿا اتر اڌ گول ۾ خزان جي موسم هوندي آهي ته وري ڏکڻ اڌ گول ۾ بهار جي مند هوندي آهي سيپٽمبر هفتي جي ان ساڳي ڏينهن کان شروع ٿيندو آهي جيڪو ڊسمبر جي پهرين تاريخ هوندو آهي مطلب ته هر سال ڊسمبر جي پهرين ۽ سيپٽمبر جي پهرين تاريخ ساڳي ڏينهن تي ٿينديون آهن انڪري جو 91 ڏينهن جو ڦيرو سيپٽمبر ۽ ڊسمبر کي ڌار ڪي بيهاريندو آهي انکانسواءِ سال جو ٻئو ڪوبه مهينو ساڳي ڏينهن تي ختم نه ٿيندو آهي جئين سيپٽمبر ٿئي ٿو عم طور تي اسان وٽ سيپٽمبر مهيني ۾ سرءِ جي موسم شروع ٿيندي آهي هن مهيني ۾ هوا لڳڻ تي وڻن جا پن ڇڻڻ لڳندا آهن ٻوٽا ۽ فصل پنهنجو رنگ به بدلائڻ شروع ڪندا آهن .

    آڪٽوبر عيسوي سال جو ڏهون نمبر مهينو آهي آڪٽوبر انگريزي زبان جو لفظ آهي جنهن جي لاطيني زبان ۾ لغوي معني آهي (اٺ) جنهن کي غلط ترتيب مطابق يورپين ڪئلينڊر جو ڏهون نمبر مهينو ڪوٺيو وڃي ٿو جيڪو مقرر 31 ڏينهن جو ٿئي ٿو تاريخي اعتبار کان معلوم تئي ٿو ته اطالوين جو هي مهينو عيسوي سال جي شروعاتي مهينن جيان نه ڪنهن ديوتا جي نالي سان منسوب آهي نه وري ڪنهن شخصيت جي نالي پويان ڪو نالو رکيو ويو آهي اڪثر ڪري هي مهينو سرءِ جي موسن ۾ ايندو آهي جنهن ڪري وڌيڪ تپاولي پڻ ٿيندي آهي رومي هن مهيني ۾ محتاط رهندا آهن هن مهيني ۾ زمين سج جي چوطرف پنهنجي مدار تي ٽئين چوٿائي کان وڌيڪ سفر ڪري چڪي هوندي آهي اتر اڌ گول سج کان پري ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي اتر اڌ گول ۾ ڏينهن رات کان ننڊو ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾ وري ڏينهن رات کان وڏو ٿيڻ شروع ٿيندو آهي اتر اڌ گول ۾ سياري ۽ ڏکڻ اڌ گول ۾وري اونهاري جي مند جو آغاز ٿيندو آهي

    نومبرعيسوي سال جو يارنهون مهينو نومبر آهي .لاطيني زبان جي لفظ (نووم)مان ورتل آهي جنهن جي معني آهي نائون . رومي ڪئلينڊر مطابق هي نائون مهينو هوندو هو مگر يورپي ڪئلينڊر ۾ هن مهيني کي يارنهون نمبر تي رکيو ويو آهي هن مهيني کي (خوني مهينو) به چوندا آهن ڇو جو هن مهيني ۾ ٿڌ زياده پوندي آهي هي مهينو 30 ڏينهن تي مشتمل آهي.

    ڊسمبر عيسوي سال جو ٻارنهون نمبر مهينو آهي لاطيني زبان جي لفظ (ڊيڪم) مان ورتل آهي جنهن جي معني آهي ڏهون قديم زماني رومن ڪئلينڊر ۾ هي مهينو ڏهون مهينو هوندو هو جڏهن ته انگريزن يورپي ڪئلينڊر ۾ هي ٻارهون ۽ آخري نمبر مهينو آهي هن مهيني ۾ زمين پنهنجو سطح مدار تي پنهنجو چڪر پورو ڪرڻ واري هوندي آهي جڏهن ته هن مهيني جي 22 تاريخ تي سج بلڪل خط جدي تي چمڪندو رهندو آهي ڏکڻ اڌ گول ۾ 22 ڊسمبر سڀ کان وڏو ڏينهن هوندو آي ۽ اتر اڌ گول ۾ 22 ڊسمبر تي رات وڏي ۾ وڏي ٿيندي آهي هن مهيني ۾ ڪل 31 ڏينهن ٿيندا آهن .

    ڏس پتو: پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري.وارهه


     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو