چڱومڙس

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ جي هر ڳوٺ، ذات، ڪٽنب، قبيلي يا برادري ۾ هڪڙو ڪردار اهڙو به هوندو آهي. جيڪو هرهنڌ موجود هوندو آهي. سندس سڃاڻپ اها آهي ته کيس بوسڪي يا ڪاٽن جو جوڙو پهريل هوندو، ٽوپ نراڙ تي هوندس، شهپرن کي تيل سان وٽ آيل هوندس، ڪلهي تي بوڇڻ هوندس ۽ چهرو هر وقت سرهو لڳو پيو هوندس. ان کي سنڌ ۾ “چڱومڙس” چيو وڃي ٿو. اهو چڳو مڙس اوهان ي ڳوٺ جي اوطاق، وڏيري جي ديري، ڪاموري جي بنگلي يا مرشد جي بيٺڪ تي آرام سان ملي ويندو. هن وٽ اوهان جي هر مسئلي جو حل هوندو آهي. جيڪڏهن اوهان جي چوري ٿي وڃي، ڌاڙو لڳي، ڦر ٿئي، ڇوڪري ڀڃي وڃي، ڪاروڪاري جو مسئلو هجي، ذاتي جهيڙو هجي، پوليس جو ڪيس هجي، عدالت ۾ پيشي هجي، بيماري هجي، حادثو هجي، شادي غمي هجي، خوني تڪرار هجي چونڊن جي ووٽ جو فيصلو ڪرڻو هجي، انهن سڀني مسئلن لاءِ چڱي مڙس وٽ اوهان لاءِ مفت مشوري سان گڏ، ذاتي موبائيل سروس به موجود هوندي آهي. اهي چڱامڙس اڪثر ڪمائيندا ڪونه آهن. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٻه چار ايڪڙ زمين هوندي ته اها ڪنهن هاري کي هارپي تي ڏنل هوندي. باقي هن جو خرچو راڄ تي هوندي آهي. جيڪڏهن اوهان سان ڪوبه مسئلو پيش ايندو، سڀ ان پهريان اهو چڱو مڙس ااوهان وٽ اچي پڌاريندو. ان ڏينهن کان وٺي، هن جي ماني، صفائي سٿرائي جي ذميواري اوهان تي هوندي. اڪثر ڪري هو ڪوشش ڪندو ته اوهان جي مسئلي تي ايندڙ سمورو خرچ پنهنجي هٿ سان هلائي. پوءِ مهارت سان انهن پيسن مان ڪجهه ڏوڪڙ بچائي، پنهنجي گهر جو ڪاروهنوار به پيو هلائيندو. سندس رول هڪ وڪيل جهڙو آهي، جيئن وڪيل چاهيندو آهي ته عدالت ۾ اوهان جو ڪيس هلندو رهي ۽ سندس دڪانداري به هلندي رهي. ائين ئي چڱو مڙس به مسئلي کي انگهائيندو رهندو ۽ اوهان جي خرچ تي پنهنجا ڪم ڪندو رهندو. فرض ڪيو جيڪڏهن اوهان کان موٽرسائيڪل کسجي وڃي. هاڻي اوهان انا جو مسئلو ٺاهيو ته موٽر سائيڪل موٽرائيندئو ضرور. ڇوته ان سان اوهان جي راڄ ۾ واهه واهه ٿيندي ته مڙس ماڻهو آهي، کيسل شيءِ واپس ڪرايائين. پوءِ اوهان ان چڱي مڙس جو در ڏسندو. هاڻي چڱو مڙس اوهان کي مهينو ڏيڍ رلائي رلائي، نيٺ پاٿاريندارن جي ذريعي گاڏي ته واپس ڪرائيندو. پر ٻن مهينن ۾ اوهان جو چڱي مڙس تي ٿيل خرچ ٽن گاڏين جي رقم کان وڌي ويندو.

    ائين نه آهي ته سنڌ ۾ سڀ چڱامڙس ٽوٽي ۽ جڳاڙي ٿين ٿا. پر اڃا ڪي آهن، جيڪي حقيقي چڱ مڙسائپ ڪن ٿا. تن کي منهنجو سلام آهي. ڇوته اهي ماڻهن جا ڏک درد ونڊي سندن ٻانهن ٻيلي ٿين ٿا.
     
  2. راجا ٿيٻو

    راجا ٿيٻو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 سيپٽمبر 2017
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سڀ چڳا اھڙا ناھن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو