5 آڪٽوبر استادن جي عالمي ڏينهني جي مناسبت سان

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 آڪٽوبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    5 آڪٽوبر استادن جي عالمي ڏينهني جي مناسبت سان............!!!

    استاد : سماج جو ساڃاهـوند سفير

    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا

    استاد سماج جو رهبر ۽ رهنما آهي. اسان جي هن جديد ۽ ترقي يافتـ دور ۾،ترقي پذير قوم جو عظيم رهنما اسان جو استاد هوندو آهي جنهن جي مدد سان ڀليل،ڀٽڪيل انسانن کي صحيح راه ملي پوندي آهي. استاد پنهنجي ڏانوءَ ۽ ڏاهپ وسيلي ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ الفابيٽ کان وٺي نثر لکڻ تائين پڙهائي ان ۾ سمجھ، سوچ ۽ ساڃاه جا اعليٰ گڻ سيکارڻ ۾اهم ڪردار ادا ڪري ٿو استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل. عالم، محقق ۽ زندگيءَ جي هر شعبي جي ماهرن جي نرسري پيدا ڪري آئيندي نسل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.اسان جي هالا ۾ قبلـ مخدوم غلام حيدر صديقي،قبلـ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ،ڊاڪٽر عابد ميمڻ، انجنيئر عبدالرزاق جپاني ميمڻ، سائين نور محمد نجار سمون (واڍو) جن جا نالا مثال طور پيش ڪري سگھجن ٿا. استاد پنهنجي سماج جي فرد کي خدا ترسي، حق پرستي، برداشت، حق حلالي، وفاداري، حياءُ ۽ غيرت، اخلاق ۽ مروت ،بهادري، مهمان نوازي، وڏن جو ادب ۽ لحاظ.احسان ڪرڻ جي همت، احسان ياد ڪرڻ جي صلاحيت، قول جي سچائي. ڪردار جي پاڪيزگي ۽ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن، ڏکن سکن جي مرحلن ۽ معاملن کي چڱي ريت آگاه ڪري زندگيءَ جا اعليٰ ۽ ادنيٰ گڻ سيکاري ٿو انڪري اسان کي گھرجي تـ استاد جو ادب ڪريون تـ دنيا ۾ سرها ۽ سٻاجھا انسان بڻجي پئون.
    استاد جو پيشو حقيقت ۾ علم جي روشني ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ جي هڪ وڏي ذميداري قبول ڪرڻ جو عظم ئي آهي. استاد معاشري جو شروعاتي ڏاڪو آهي. استاد پنهنجي ڏاهپ تجربي کي سامهون رکي. نصابي مضمون پڙهائي ٿو، جنهن ۾ ڄاڻ جا خزانا، ڏاهپ، ڏانو، انداز ۽ اتوار سڀ اچي وڃن ٿا. استاد ئي ذهين، عقلمند ۽ سهپ وارا جذبا رکي ٻار ۾ خود اعتمادي پيدا ڪري ٿو ۽ پنهنجي محنت ۽ اورچائيءَ سان پنهنجي ملڪ کي هلائڻ لاءِ شاگردن جي صورت ۾ طاقتور فوج تيار ڪري ٿو. استاد جي سوچ اها هوندي آهي تـ ملڪ، ڌرتي ۽ خدا جي طرفان عنايت ٿيل سوکڙي آهي. ان ملڪ جي ٻارن کي پڙهائي، سيکاري اهڙي فوج تيار ڪجي جو هو پنهنجي ايندڙ نسل، ٻولي ۽ ثقافتي آبياري ڪري ۽ معاشري ۾ ڪارائتا ڏاهپ ۽ قابليت وارا ماڻهو ڪو لاڀ ڏئي سگهن ٿا. استاد قوم جو اهڙو سرمايو آهي جيڪو آئيندي جي نسل جي ٻار کي پڙهائڻ جي سونهري سانچي ۾ گهڙي هڪ بهترين معاشرو پيدا ڪري سگهي ٿو. ڇو تـ قومن ۽ فردن جو اعتماد استاد تي زياده هوندو آهي ۽ استاد جي بيلوث محنت جي وسيلي لاجواب افرادي قوت پيدا ڪري سگهجي ٿي ۽ استاد ئي سماج جي امن جو سفير آهي جيڪو پنهنجي ڪردار وسيلي آسپاس جي ماحول کي معطر بڻائي سگهي ٿو. حڪومت کي گهرجي تـ تعليمي پاليسي ۽ نصاب ٺاهڻ وقت اهڙن استادن جي رهنمائي وٺي، نصاب ۾ زبردست ۽ سگهاري ڄاڻ مهيا ڪري ٻارن تائين پهچائي.
    سڙي جي ٻين کي سهائي ڏين ٿا
    لکين گھور تن تان پتنگا ٿين ٿا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو