حياتي لاڀ لائي ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏25 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    حياتي لاڀ لائي آ ...

    حياتي لاڀ لائي آ ،
    ٿي لاهيارڻ لڻي جنهن کي ،
    جيون پير کڻي جنهن کي .
    نه ڪو ئي ٿو سڻي جنهن کي ،
    ڏيه ڏک ڄڻي جنهن کي ،
    ڏک تانڃي اڻي جنهن کي ،
    پر تر ڀي پڻي جنهن کي ،
    هيڪاندا هڻي جنهن کي ،
    وڍ ڏيندڙ وڻي جنهن کي ،
    سرءُ سڪ ڇڻي جنهن کي .
    اها صورت سٻاجهي سڀ،
    سڄي سنڌ ۾ نه ٿي اڻلڀ،
    جوانيون جوش اڀيون ڪاتيون،
    لامارا لڏڻ ۾ ٿيڻ ،
    واڍي ۾ وڍيندي وئي ،
    سر آلاپ ڪندي وئي ،
    سڄي ميري ۽ اڻڀي هئي،
    چتيون چولو اندر رولو،
    محبت مينهن جيئن وسندڙ ،
    ڳوڙا ڳاڙي ويٺي هئي ،
    سٿرين کي پئي واجهائي،
    لڻيل جي هن جي هٿن جون،
    ڇڻيندي هن کي جيون جيئن ،
    ساريون جي ڪندي چانور
    اچي ٿو ڪين ڪو بانور
    موچاري ميري مر ٿپيل
    جواني جوڀ هو تاميل
    سڄو ٿي لوڪ ويو سهميل
    سڄو ٿي لوڪ ويو سهميل

    لبستم دائودپوٽه
     
    آخري ترميم: ‏25 آڪٽوبر 2017

هن صفحي کي مشهور ڪريو