جديد سنڌي الفابيٽ *و* سان واڍو.

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    جديد سنڌي الفابيٽ *و* سان واڍو.
    جڏهن کان ڪاٺ مهانگو ٿيو آهي ته و سان واڍي جو تصور ختم ٿي ويو آهي.،جن لاءِ مشهور هو ته واڍي جي گهر ۾ " گھڙا منجي" به سالم نه هوندي آهي. گھڙا به ويا ته منجيون به ويون. هاڻي ڪولر، فرج، ڊسپينسر اچي ويا. اڄ ڪله جو واڍو خوشحال آهي ڇاڪاڻ ته واڍي مان ترقي ڪري ڪارپينٽر جو بڻجي ويو آهي. جڏهن کان نقلي ڪاٺ گتو يا شيٽون ايجاد ٿيون آهن سندن چاندي آهي. هينئر ڪارپينٽر صاحب چائنا دروازي ۾ هينڊل لڳائڻ جا به 700 روپيا ٿو طلب ڪري.

    *و* سان وڏيرو........ پراڻي زماني ۾ ڪنهن عزت دار، شريف انصاف پسند بزرگ کي پنهنجو امير چونڊي کيس پنهنجي راڄ ڀاڳ جو وڏيرو چوندا هئا، يعني عزت آبرو، ڪار وهنوار ۾ مٿڀرو. جيستائين وڏيري جو معيار اهو هو ته راڄ ڀاڳ ۾ امن آتشي ۽ سڪون هو. هر هڪ جي عزت محفوظ هئي. آھستہ آھستہ قدر بدليا، پئسي وارا وڏيرا ٿيڻ لڳا ته ڪم ظرفن هٿان ڪنهن جي به عزت جان و مال محفوظ نہ رهيو. سندن ڪردار ڳوٺ راڄ جي محافظ جو نه رهيو بلڪ ظالم، علم دشمن، چور پاٿاريدار جو رهيو، ايتري قدر جو وڏيري جو لفظ گار بڻجي ويو.
    وڏيري جي ذڪر تي هڪ ڳالھ ياد پئي ته اهڙي ئي هڪ وڏيري جي رنگت ڪاري هئي، هڪ همراه هوٽل تي ذڪر ڪيو ته وڏيرو اهڙو ته رنگ جو ڪارو آهي جهڙو ڪانو.
    چمچن مان ڪنهن اهو ذڪر وڏيري سان ڪيو ته سائين همراه توهان کي ڪارو پيو چئي.
    وڏيري حڪم ڏنو ته هن جو منهن ڪارو ڪري گڏه تي گهمايوس.
    هاڻي همراهه جي منهن تي دانگي پيا مَلين، اتي به هي نہ مڙيو رڙ ڪري چيائين "او ڀائو منهنجو منهن اڌ ڪارو ڪجو ڪٿي ڳوٺ وارا نه سمجهن ته پاڻ وڏيرو سائین گشت تي نڪتو آهي" . [​IMG][​IMG][​IMG][​IMG][​IMG]
     
    عبيد ٿھيم ۽ WASEEM هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو