تاج محل

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    تاج محل سڄي دنيا لاءَ محبت جي نشاني
    ابراهيم لاشاري وارهه

    مغل شهنشاهه جهانگير کي چار پٽ هئا شاه جهان جهانگير بادشاهه جو ٽيون نمبر پيارو پٽ هيس جنهن جو اصل نالو (خرم ) هو جيڪو 5 جنوري 1592 تي جهانگير جي راجپوت ( جگت گوسائين ) راڻي جوڌا ٻائي مان لاهور ۾ پيدا ٿيو جهانگير پنهنجي پياري خرم کي فارسي ۽ هندي زبانن جي اعلي تعليم ڏياري ننڊي هوندي کان هن جي ذهانت ڏسي ماڻهو هن جي بادشاهه ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪندا هئا .خرم کي جنگ جي فني مهارت سان گڏ گهوڙي سواري جو به تمام گهڻو شوق هوندو هئيس1612 ۾ هن جي شادي نورجهان جي ڀاءَ آصف خان جي نياڻي ارجمند بيگم المعروف ( ممتاز بيگم ) سان ٿي هو 1594 ۾ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ۽ سندس شادي جي ٻڌڻن ۾ 1612 ڌاري شهزادي خرم (شاهه جهان ) سان لائون لڌيون پنهنجي اعلي صلاحيتن ۽ عقلمندي ڏاهپ سان هن پنهنجي مڙس جي دل تي وڏي حڪومت پڻ ڪئي جڏهن شاه جهان 1628 تخت سنڀاليو سندس هميشه مڙس سان حڪومتي معاملن ۾ هٿ ونڊرائيندي رهندي هئي هن جي بت مان سندس 14 ( چوڏهن ٻار )پئدا ٿيا جن ۾ اٺ پٽ ۽ ڇهه نياڻيون هيون .

    تاج محل هي محل مغل بادشاهه شاهه جهان پنهنجي پياري زال ارجمند بانو عرف ممتاز محل جي ياد ۾ جوڙايو هو جيڪو سڄي دنيا جو لاجواب دلفريب مقبرو آهي هي مقبرو تاج محل نئين دهلي کان 200 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف ۾ ڀارت رياست اتر پرديش جي شهر آگره ۾ جمنا ندي جي ڪناري تي موجود آهي سترهين صدي ۾ تعمير ٿيڻ وارو تاج محل جيڪو سورهن صدي دوران ان هندستان تي حڪومت ڪرڻ وارن مغل شهنشاهن جو تخت هو ان حيرت انگيز شاهڪار جي حوالي سان منصوبي جو معمار پنهنجي زماني جو مشهور ناليوارو مسلمان تعميراتي ڄاڻو استاد عيسي کي قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته قراني آيتن جي خطاطي وري امانت علي شيراني جي حوالي هئي تاج محل جي شعر تحرير ڪرڻ لاءَ شاعر غياث الدين جو نالو مشهور آهي جڏهن تي هن محل جو گنبذ وري ترڪي ملڪ جي ماياناز ڪاريگر اسماعيل خان آفريدي تعمير ڪيو هو جڏهن ته محمد حنيف سموري تعميراتي ڪم جو نگران مقرر هو تاج محل جي اڏاوتي ڪم ۾ 20 هزار ڪاريگرن مزدورن ۽ چمڪ جي سونهن ڀري ڪم ۾ لڳاتار 21 سال مزدوري ڪري حصو ورتو تاج محل ٽي ڪروڙ ويهه لکن روپين جي لاڳت سان مڪمل ٿيو دنيا جو هي حسين ترين مقبرو پنهنجي حسن ۽ ڪمال ۾ اڄ سوڌو قائم آهي جيڪو دنيا جي اٺن عجوبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿوتاج محل ۾ 28 قسمن جا ناياب ۽ قيمتي پٿر استعمال ڪيا ويا هئا جهڙوڪ ڳاڙهو پٿر فتح پور سيڪري سائو پٿر پنجاب کان پکراج ۽ بلور چين فيروزو تبت نيلم سريلنڪا ۽ هيرا پونا مان گهرايا ويا هئا

    شاهه جهان هڪ لک سالانه آمدني واري جاگير ان مقبري جي حفاظت ۽ ٻين ڪمن لاءَ وقف ڪئي هئي هن عمارت تاج محل جو شان شوڪت ڏسي حيرانگي ته ٿئي ٿي پر سندس هڪ هڪ سر منجهان محبت ٽمندي به محسوس ٿئي ٿي تاج محل مڪمل سفيد (اڇي ) سنگ مر مر سان ٺهيل آهي ان ڪري چانڊوڪي راتين ۾ هن عمارت جو طلسم ۽ خوبصورتي تجلو وڌي وڃي ٿو تاج محل صبح جي ڌنڌ ( ڪوهيڙي ) ۾ جمنا ندي جي مخالف ڪناري وٽان فضا ۾ ترندو محسوس ٿيندو آهي شاهه جهان پنهنجي محبوب زال ملڪه ممتاز کي اهڙو انمول تحفو ڏئي زنده جاويد ڪري ڇڏيوجو تاج محل کي سياح ڏسي هڪ اهڙي سحر ۾ گرفتار ٿي ويندا آهن جو جنهن مان نڪرڻ باوجود دل چاهيندي به نڪري نه سگهندا آهن .رومانيت جو اهو شڪار تاج محل پنهنجي هڪ هڪ پٿر سان عشق جي داستان ٻڌائيندي محسوس ٿئي ٿو . اهو ئي سبب آهي جو اڄ به محبت ڪرڻ وارا پنهنجي محبت (چاهت ) جو اظهار (پلاسٽر آف پيرس ) سان ٺهيل تاج محل تحفي طور هڪٻئي کي ڏيندا آهن تاج محل هي عمارت چورس عمارت هر پاسي 55 ميٽر ( 495 فوٽ )آهي عمارت جي مکيه چوڪرو ڪمري کي ڪنڊ جوڙون ڏئي اٺ ڪنڊو ڪري مٿان ڳچ ( ڊرم) ٺاهي ان مٿان گنبذ اڏيو ويو آهي جيڪو 35 ميٽر اوچو آهي عمارت جو ڳچ ( ڊرم) 7 ميٽر اوچو رکيو ويو آهي دنيا جو هي حسين ترين مقبرو اصل هڪ شاهي منصوبي جو فقط هڪ ننڊڙو حصو آهي انکانسواءَ تاج محل ۾ شاهي دروازو زبردست باغ ۽ کاٻي پاسي هڪ خوبصورت مسجد ۽ ساڄي پاسي کان مهمانن لاءَ زبردست رهائش لاءَ ڪيترائي ڪمرا ٺهيل آهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عمارتون پڻ ٺهيل آهن .ممتاز محل برهانپور جي فسادن جي روڪٿام واري جنگي مهم دوران پڻ بادشاهه سان گڏ هئي جتي 1632ڌاري وفات ڪري وئي کيس امانت طور برهانپور ۾ دفنايو ويو بعد ۾ وري بادشاه شاهه جهان سندس لاش کي آگري شهر ۾ آڻي راجه جئه سنگهه کان زمين خريد ڪري راڻي ممتاز محل کي ٻيهر امانت طور دفنايو انهي زماني ۾ تاج محل مقبري جو ڪم به شروع ٿي چڪو هو هڪ روايت آهي ته راڻي ممتاز بيگم بادشاهه شاهه جهان کان چئن ڳالهين جو وچن ورتو هو

    (1 ) بادشاه راڻي جي وفات کان پوءَ راڻي جي قبر مٿان هڪ مقبرو جوڙائيندو

    (2 ) بادشاه ٻئي به هڪ شادي ڪندو

    (3 )

    بادشاهه پنهنجي اولاد تي مهربان رهندو

    (4 ) بادشاهه راڻي جي وفات کان پوءَ سندس مقبري تي ايندو رهندو

    واقع ٿيو به ائين شاهه جهان بادشاهه ٻه وچن پاڙيا يعني مقبرو جوڙيائين ۽ ممتاز محل جي وفات کان پوءَ ٻي شادي ڪيائين بهرحال دنيا وارن کي محبت جو اهو نذرانو هميشه ياد رهندوشاهه جهان بادشاهه هن دنيا ۾ نه رهيو نه ئي ممتاز بيگم رهي پر تاج محل محبت جي ڪهاڻي بيان ڪندو رهندو


    (3) ​
     
    چانڊيو عبدالرحيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو