حاجي بدرالدين ابڙو واره جو سياسي سوجهرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    وارهه تعلقي جو سياسي سماجي شخصيت بدرالدين ابڙو

    [​IMG]
    کي ڪير وساري

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    لاڙڪاڻي جي مردمخيز مٽي کي اهيو اعزاز حاصل آهي ته هن چڪي مٽي وقت به وقت ڪيترن علمي ،ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي پنهنجي هنج ۾ جنم پئي ڏنو آهي لاڙڪاڻي ضلعي جي اڳوڻي تعلقي وارهه کي به اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڪيترن ئي سياسي شخصيتن کي جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي سياسي ، سماجي ۽ ادبي ڪارنامن جي وجهه ڪري ڏيهان ڏيهه پنهنجو نالو روشن ڪرايو آهي اهڙين شخصيتن منجهان علمي ۽ مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ حاجي بدرالدين ابڙو صاحب پڻ هڪ آهن جنهن 16 آگسٽ 1933ع ڌاري اربع ڏينهن کنڊو ڳوٺ کان پنهنجي زندگي جو سفر مولوي ولي محمد ابڙو جي گهر کان شروع ڪيو ، سندس ننڍ پڻ والدين ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو مڱر ٿوڙو عرصو اسڪول منجهه پڙهي وري مدرسي جي تعليم سان گهري دلچسپي ورتائين اتان به پڙهي آخر ڪار فائينل جو امتحان ڏنا ئين فائينل جي امتحان ۾ پهريو نمبر کڻي پاس ڪري پنهنجي والدين جو نالو روشن ڪيائين بعد ۾ سال 1946ع ڌاري بدرالدين ابڙو صاحب درس تدريس جي شعبي يعني پرائمري استاد جي پيشي سان سلهاڙجي ويو هن عظيم شخصيت تعليم مان هٿ نه ڪڍيا تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن مئٽرڪ جو امتحان سال 1954ع ڌاري بمبئي يونيورسٽي جي بورڊ مان پاس ڪيائن جتان سندس اسڪالر شپ پڻ ملي هي عظيم شخصيت ڪجهه عرصو درس تدريس جا فرض سهڻي نموني سرانجام ڏئي سرڪاري نوڪري کي الوداع ڪري سياست ڪرڻ شروع ڪئي سياسي وابستگي سندس پيپلز پارٽي سان رهي شروعات کان وٺي پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سياسي ساٿي رهندو آيو جتان سياست جا سڀ گر سکندو وڃي ننڍي عمر هن عمر سياسدانن کان گوءِ کڻي ويو ، صدر ايوب جي دور ۾ بي_ ڊي جي اليڪشن منجهه حاجي بدرالدين ابڙو وارهه يونين ڪائونسل جو بنا مقا بلي چئرمين ٿي ويو ، ان اهم عهدي تي رهندي واره جي عوام جي بهترين نموني خدمت ڪندو رهيو ان زماني ۾ ڪيتريون اليڪشن ٿينديو رهيون جن ۾ هن پيپلز پارٽي جو ساٿ نه ڇڏيو ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو سياسي ساٿي سبب سندس ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کنڊو ڳوٺ ۾ ڪيترائي ڀيرا ملڻ ۽ سياسي جلسا ڪرڻ آيو جتي عوام سندس ڀرپور داد ڏنو اهڙي ريت حاجي بدرالدين ابڙو صاحب پنهنجي لياقتن سبب وارهه تعلقي جي عوام جي خدمت ڪندو رهيو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچي وزيراعظم بڻيو هو ته حاجي بدرالدين ابڙو کي اسلام آباد وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي وارهه جي عوام جا مسئلن متعلق پڇا پئي ڪئي هن عظيم انسان ان زماني ۾ پڻ وارهه جي عوامي مسئلن کي حل ڪري عوام کان وڏو داد ڪمايو جڏهن ضياءَ الحق دور ۾ عشر زڪوات کاتو کليو ته وارهه جي عوام جناب بدرالدين ابڙو کي تعلقي چئرمين مقرر ڪرڻ لاءِ ووٽ ڪيو جتان هن عظيم سياسي ليڊر سوڀ ماڻي پهريون تعلقه وارهه زڪوات ڪاميٽي جو چئرمين مقرر ٿيو ۽ زڪوات جي ورهاست پڻ انصاف سان ڪيائين ڪڏهن به ڪنهن غريب يتيم سندس مٿان پسئن کائڻ يا حق کائڻ جو ڪو الزام نه لڳايو اهڙي طرح سياسي فيصلا بهادري سان ڪندي جنرل مشرف دور ۾ بلدياتي اليڪشن ٿي جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي چئرپرسن شهيد بينظر ڀٽو صاحبه فل اعتماد ڪندي واره تعلقه جي ناظم شپ جي ٽڪيٽ محترم بدرالدين ابڙو صاحب کي ڏني جنهن پنهنجي سياسي ساک کي بحال ڪندي خوشحال پاڪستان جي پينل جي اميدوار علي شير ڏيپر سان سياسي مقابلو ڪيو جتان حاجي بدرالدين ابڙو صاحب 126 ووٽ کڻي وارهه تعلقي جو پهريو ناظم ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري ورتو سندس مخالف علي شير ڏيپر صرف 96 ووٽ حاصل ڪري سگهيو “ تعلقي ناظم ٿيڻ جي مبارڪ محترمه بينظير ڀٽو صاحب دبئي کان ٽيليفون ۽ ميل وسيلي ڏني جيڪا ڪنهن اعزاز کان ڳالهه گهٽ ناهي هن عظيم وارهه جي سياسي رهنما تعلقه ناظم رهي وارهه شهر سان گڏ نصيرآباد شهر کي ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي پنهنجو نالو سڄي سنڌ جي ناظمن ۾ مشهور ڪرايو سندس سنڌ آڊٽ ٽيم ترقياتي ڪمن سبب بهترين ناظم جو ايوار اعزاز سان پڻ نوازيو، اهڙي طرح هو سياسي بلندين تي ترقي ڪندو رهيو جنهن سبب وارهه جي عوام ۾ سندس نالو سياسي لحاظ کان اتم نظر پئ آيو ان سبب جي ڪري پيپلز پارٽي سندس ڀاءُ نجم الدين ابڙو کي پڻ (ٻه ) ڀيرا ) ايم _ پي_ اي جي ٽڪيت ڏني جتان پڻ هن ڪاميابي ماڻي پي ايس 42 جو جو ميمبر چونڊيو جنهن پڻ ڪجهه ترقياتي ڪم ڪرايا سندس سياسي گهراڻي سبب هن وقت بدرالدين ابڙو صاحب جو موڀي پٽ محترم سراج الدين ابڙو صاحب تعلقي واره جي يونين ڪائونسل منجهان بنامقابلي ضلع ڪائونسل قمبر شهداد ڪوٽ جو ميمبر ۽ اڳوڻو ضلعي چئرمين عشر زڪوات پڻ رهي چڪو آهي سندس هڪ ٻيو پٽ رياض الدين ابڙو موجوده دور ۾ وارهه ٽائون ڪاميٽي جو چئرمين پڻ آهي جيڪي پڻ پنهنجي والد جي نقشي قدم تي هلن پيا هي عظيم سياسي رهنماءَ ڪجهه عرصو ڦڦڙن جي تڪليف سبب ڪافي عرصو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ داخل هيو جتي سندس موڀي پٽ سراج الدين ابڙو سميت سڀ گهر ڀاتي سندس نگهباني ڪري رهيا هئا هن عظيم انسان کي6 اپريل 2017 خميس ڏينهن جئين ايڌي ائير ايمبولنس وسيلي لاڙڪانه کان لياقت نشنل هاسپيٽل ڪراچي منتقل ڪري رهيا هئا ته سندس روح بندٿيل جسم جي پڃري کان نڪري پرواز ٿي ويو جنهن سبب بدالدين ابڙو صاحب وارهه جي سياسي دوستن ۽ گهر ڀاتين کي سوڳ ۾ ڇڏي 83 سال 7 مهينا 21 ڏينهن زندگي جا پل گذاري راهه رباني ٿي ويو سندس نمازي جنازهه وارهه لڳ کنڊو ۾ ادا ڪري البدر قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيو ويو جتي وارهه ۽ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي سوين سياسي سماجي شخصتين پڻ حصو ورتو سندس اڄ چاليهي جي موقعي تي وارهه تعلقي جي ڳوٺ کنڊو ۾ هڪ اهم تقريب رکي وئي آهي جتي سندس زندگي ۽ ڪارنامن تي سياسي ،سماجي اڳواڻ روشني وجهندا ۽ سندس وڏي فرزند محترم سراج الدين ابڙو کي ابڙا برادري جي چڱي مڙس واري پڳ پڻ ٻڌرائي ويندي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو