شاه جي شاعري منجهه ڏاڙهون جو ذڪر

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    شاهه جي شاعري منجهه ڏاڙهون ميوي جو ذڪر

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    ڏاڙهي رت رتاس ڏند ته ڏاڙهون گل جئين

    چوڏهين ماهه چنڊ جئين پڙ ۾ پاڳڙياس

    تنهن سورهيه کي شاباس جو مٿي پڙ پرزاٿئي ( سر ڪيڏارو )

    هي هڪ قديم ۽ تمام مشهور ميويدار وڻ آهي هن وڻ جو قد عمومن اٺ يا ڏهه فوٽ ٿيندو آهي هي مختلف نالن سان سڃاتو وڃي ٿو رمان انار داها دارم شبدان ۽ مهر ٽارين منجهه ڳاڙها گل جهليندو آهي هن جي گلن کي (گلنار ) پڻ سڏيو ويندو آهي هن مشور ميوي جا ٽي قسم ٿيندا آهن ( مٺا کٽا ۽ ميخوش ) هن ميوي مٿان کل ڳاڙهي يا ڳاڙهاڻ مائل هيڊي اندر خانن منجهه داڻا ٿيندا اٿس هن جو ميو ڪچو هجڻ جي شڪل ۾ سائو ۽ پچي راس ٿيڻ مهل ڳاڙهسرو ۽ گلابي ٿي پوندو آهي جنهن منجهه اندران ڏاڙهون جا ٻج (داڻا ) ٿيندا آهن هي وڻ غالبا ايران جو وڻ آهي ڏاڙهون جو فصل عمومن ۽ گهڻو ڪري ايران ۽ افغانستان منجهه ٿيندو آهي هن ميوي جي باري ۾ تاريخدانن جو چوڻ آهي ته هندوستان منجهه ڏاڙهون جو ٻوٽو آرين جي وسيلي منتقل ٿيو يا وري سياحن جي معرفت آفريقا پهتو تنهن بعد بحريه روم جي مختلف ملڪن منجهه هن جي پوکي شروع ٿي چين ملڪ ۽ ڪشمير ۾ هن جو فصل جهجي انداز ۾ ٿئي ٿو ڏاڙهون جو وڻ پاڻ مرادو به ڦٽي پوندو آهي هن جو ميوو نهايت لذيذ ۽ لاجواب داڻيدار ٿيندو آهي عمومن کاڌي ۽ مصالحي کان علاوه دوائن ۾ پڻ ڪم ايندو آهي ڏاڙهون جو وڻ افغانستان سلسله ڪوهستان ڪاغان جي خشڪ پهاڙن پاڪستان جي سرحد پنجاب صوبي ۽ ڪسپئن سمنڊ جي ڏکڻ اولهه وارن علائقن منجهه پيدا ٿيندو آهي پاڪستان ۽ ايران ملڪ منجهه ڏاڙهون جي رس منجهان شربت ٺاهيو ويندو آهي مصر جا قديم رهاڪو ڏاڙهون کي خوبصورتي جي علامت پڻ سمجهندا آهن هن رسيلص لاجواب وڻ ۾ ميوو گهڻو ڪري ڏهن ٻارهن سالن کان پوءِ لڳندو آهي هن جو وڻ عمومن 30 کان 40 سالن تائين ميوو ڏيندو رهندو آهي هن ميووي جو فصل ٿدي آبهوا ۽ سڻڀي زمين ۾ تمام سٺو ٿيندو آهي ڏاڙهون جو ذڪر پاڪ ڪلام قرآن مجيد منجهه 3 ڀيرا (رمان) جي نالي سان آيو آهي ڏاڙهون جنت جو ميوو آهي ان ڪري ڏاڙهون کي هميشه نهايت احتياط سان ڪٽي کائڻ گهرجي ڇو جو هڪ حديث ۾ ٻنهي جهانن جي مٺڙي نبي سڳوري حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته (اهڙو ڪو به ڏاڙهون نه آهي جنهن ۾ جنت جي ڏاڙهون جو داڻو شامل نه هجي ) هي داڻو قسمت وارن جي هٿ اچي ٿو جن کي الله سائين ان جي قابل سمجهي ٿو هڪ روايت آهي ته اهو داڻو ڪٿي نه ڪٿي ضرور ڪري ٿو ۽ ڪري به اهڙي جاءِ تي ٿو جتان کڻڻ تي دل نه ٿي چوي ان لاِ هميشه ڏاڙهون کي سنڀالي ڪٽڻ گهرجي جيئن اهو قيمتي داڻو ضايع نه ٿي ڏاڙهون جو وڻ جابلو علائقن منجهه گهڻو ٿيدو آهي مگر سونهاري سنڌ جي ميداني علائقن هي ٻوٽو ٿيندو آهي ڏاڙهون جي وڻ جا پن ميندي جي پنن وانگر سنها سهڻا ٿيندا آهن هن جا پن پٻ بيڻ وڻن جيان خزان جي مند منجهه ڇڻي پوندا آهن ڏاڙهون جو وڻ اپريل کان جولاءِ مهيني تائين گل ڪري ٿو ۽ هن جو ميوو جولاءِ کان آڪٽوبر تائين پچي راس ٿي مارڪيٽ منجهه پهچي ٿو ڏاڙهون صحت لاءِ به نهايت فائديمند آهي هڪ سوگرام ڏاڙهون انساني جسم منجهه 65 سيڪڙو طاقت توانائي بخشي ٿو ۽ هڪ سو گرام ڏاڙهون ۾ ڪيميائي جزن جو مقدار ڪجهه هن نموني آهي پروٽين 1.6سيڪڙو فولاد 0.3 سيڪڙو پوٽاشيم 2.4 سيڪڙو نشاستو 175 سيڪڙو فاسفورس 7.5 سيڪڙو ميگنيشم3.1 سيڪڙو ڪوپر 60سيڪڙو ڪيلشيم 2.4 سيڪڙو سڻڀ 0.1 سيڪڙو ڪلورائيڊ 52.5 سيڪڙو هن منجهه شامل آهن ڏاڙهون ميوي جي طبي اهميت به زبردست آهي حضرت علي عليه السلام جن کان روايت آهي ته آقا دوجهان مٺڙي ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته (ڏاڙهون کي ان جي اندرين کل سميت ئي کائو جو اها معدي کي نئين حياتي بخشي ٿي

    ڏاڙهون جون خاصيتون مٺو ڏاڙهون دل ۽ دماغ کي خوش ڪري ٿو معدي ۽ جگر کي خاقت بخشي ٿو رت به جهجي مقدار ۾ ٺاهي ٿو پيشاب به جالارو ڪندو آهي ڏاڙهون اڃ به گهٽائي ٿو

    کٽو ڏاڙهون معدي ۽ جگر لاءِ نهايت مفيد آهي سني جي گرمي پڻ گهائيندو آهي بخار الٽين دستن يرقان سائي جسم جي خارش لاءِ پڻ نهايت مفيد آهي

    ميخوش ڏاڙهون جو شربت گرم بخارن ساول يرقان هڏڪي ٻرهل ۽ نڙي جي آواز کي صاف ڪرڻ لاءِ نهايت ڀلو آهي مٿدي ۽ جگر کي پڻ طاقت بخشي ٿو

    طب منجه ڏاڙهون جي کل دوا طور استعمال ڪئي ويندي آهي ڏاڙهون جي کل جو سفوف کائڻ سان پيٽ جا جيت ڪيڙا مري ختم ٿي ويندا آهن ڏاڙهون سائي جي مرض دستن جي مرض دل جي بيمارين جي مرض شگر جي بيماري ڪينسر مثاني جي غدودن ڏندن صاف ڪرڻ جي لحاظ سان نهايت ڪارائتو ۽ فائديمند پڻ آهي ڏاڙهون جا گل نهايت ڳاڙها خوبصورت ٿين ٿا دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجي شاعري منجهه به ڏاڙهون جو ذڪر نهايت سهڻي نموني سان ڪيو آهي پاڻ فرمائي ٿو ته

    ڏاڙهي رت رتياس ڏند ته ڏاڙهونءَ گل جئينءَ (سرڪيڏارو 5_9 )​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو