سنڌي ٻولي ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌي ٻولي ،
    سنڌي ٻولي اوائلي ٻولي جيڪا موئن جي دڙي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي جنهن جو آواز سگهارو وڻندڙ جنهن ٻولي کي گرامر وياڪارڻ ،جنهن ٻولي کي سهڻيون چوڻيون اڊيمس idioms هوندي ٻاڪاري ٿي جنهن کي پنهنجي وطن مان ڌڪاري ڪڍڻ جو هر ڏينهن هربو پيا هلائين آهستي آهستي سڪڙجڻ جي طرف وڃي پئي ، هي ٻابيهاڻي ٻولي ٻاڪاري رهي آ سڏي سڏڪي رهي آ .
    اچو ته ڪجه جرح ڪريون ائين ڇو آ .
    هر ٻولي پهرين زبان هوندي آ زبان جوتصور يا وصف صرف ڳالهائي ويندڙ ٻولي هوندو آ جنهن جا ڪجه ماڻهو هڪ ٻئي سان مخاطب ٿي پنهنجي هم نسل جي هجڻ جو بانور ڪرائيندا آهن اڄ ڪله زبانون ته دنيا ۾ ڪئي انيڪ آهن پر ٻولي جو تصور هن طرح آهي .
    ٻولي ان کي چئبو آ جنهن کي آواز هجي
    لکڻي هجي الفابيٽ هجي
    گرامر هجي
    ماڻهو هجن
    ديس هجي وطن هجي
    تاريخ هجي
    ادب هجي
    اهي مٿيان جڏهن مفروضا جڏهن سنڌي ٻولي تي لاڳو ڪريون ٿا ته هو پوري پني مڪمل شائستگي واري فارم ۾ نظر اچي ٿي ،جنهن جي چوڻين جو لا تعداد انگ آ ۽ ماڻهو ڪروڙن ۾، ملڪ به آ جيڪو صدين کان تهذيب يافته صورت ۾ نظر پيو اچي ،بيشڪ موئن جي دڙي جي پڪٽوريل لکت آهي پر ان جو پروننسيئيشن يعني آواز اهو ئي اڄ جي هن ديس جي دراوڙن جهڙو هيو .
    هن ٻولي سان هر وقت ڏکيون حالتون پيدا ٿينديون رهيون آهن جنهن ۾ پارسي ٻولي جو وقت هجي يا ان کان اڳ عربي جو پر هن ٻولي پنهنجو وجود برقرار رکيو ان جا ڳالهائيندڙ مستقل مزاجي سان ثابت قدمي سان وقت جي گهرج سان پير ملائيندي هر وقت پنهنجي ساک بحال ڪئي آهي .
    ها هو پارسي جو ايراني اثر جنهن ۾ هر اديب پارسي ٻولي جو دلدارو هيو ان جي باقيات اڄ به مذهبي يا درويشي يا عام فهم ۾ ان ٻولي کي استعمال ڪرڻ پنهنجو فخر محسوس ڪندا آيا شايد سنڌين جي اٻوجهائپ هئي جو نقصان کي سمجهي نه پئي سگهيا پر ان دور ۾ به ڪي اهڙا جاندار درويش صفت انسان هيا جن صرف ئي صرف سنڌي کي ترجيح ڏني پنهنجي احساسن کي نغمن کي بيتن کي وائين کي جذبن کي جوت ڏيڻ جو صرف ذريعو بنايو ته اهو سنڌي جنهن ۾ منهنجو لاکيڻي لطيف جا مثال اڀ ۾ سج مثل آهي جنهن جي روشنائي کان رهندي دنيا تائين سنڌي فيضياب ٿيندا رهندا .
    ان سنڌ جي سرتاج شاعر صوفي صفت انسان الله لوڪ ماڻهو نه صرف پنهنجي شآعري جي ٻولي پر ڪردار به صرف سنڌ جا کنيا جن کي اگر هو نه لکي ها ته اسان جي نسل کان وسري وڃن ها گم ٿي وڃن ها ،اهو قدرت جو ڪرشمو چئجي جو ساري ملڪ ۾ مڪتبن ۾ فارسي جو راڄ هجي ۽ هي ڀٽ ڌڻي پنهنجي احساسن کي نج سنڌي ڌنارن جي ٻولي وڻجارن جي ٻولي ڌرتي جي ٻولي کي پختو ڪيو پر افسوس جو اڄ جو نسل هن سدا حيات صوفي جي نج سنڌي سمجهڻ کان قاصر آهي اها اوپرائپ صرف پڙهي لکي ۾ آهي پر اڄ به ڳوٺ جو ماڻهو ڌنار کي هن جي شاعري جا بيت برزبان ياد آهن ۽ انهن جي معنيٰ ۽ مطلب کي هيئين سان هنڍائي ٿو .
    انگريزن جو دور سنڌ سان ڏکيائي جو دور آ ٻين غاصبن وانگر تاتارين وانگر منگولن وانگر ايرانين وانگر .
    هنن جي پيرو ڪارن انهن جي منشا مطابق سنڌ جي آبادي جي منتقلي ڪري سنڌين کي اڪليت ۾ ڪرڻ ۽ ان منتقلي ۾ هزارين سنڌي اسڪول بند ٿيڻ ۽ وري اردو ميڊيم اسڪول کولڻ جو بندو بست ڪيو جيڪو هن لياقت علي جي لچائي هئي ۽ ان ٻولي کي هن ڌرتي جي ماڻهن تي مسلط ڪرايو جنهن علائقي ۾ ڪو به اردو ڳالها.يندڙ ڪين هيو نه سنڌ ۾ نه پنجاب ۾ نه بلوچستان ۾ نه ڪي پي ڪي ۾ پر هي گيباڻي ٻولي کي هتي زوري انگريزن هندن جي چال سان لاڳو ڪيو ويو بلڪ قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو جنهن۾ ٻولي جي وصف بنه ڪين آهي آواز صرف هندي جو آهي لکڻي 70 سيڪڙو ترڪي ٻولي جي آهي ڪجه اڌو گهاٻرو الفابيٽ پيدا ڪري قوم سان ويساه گهاتي ڪئي وئي ۽ ڪنهن به سنڌي دانشور کي سنڌي پنهنجي ٻولي تي ڪهل نه آئي ۽ اکيون ڪن بند ڪري مسلماني جذبي ۾ بي هونش رهيو جنهن کي اها خبر نه رهي ته هي هندي ٻولي جو آواز هتي رائج ڪرڻ جو مطلب آ صرف هندي جو واڌارو لڪ لڪ ۾ جنهن جي هندن کي پوري ڄاڻ هئي جن هن هندستان ۾ 10 ڏه صدين تي مشتمل اسلامي حڪومت کان پلاند ڪيو ۽ اڄ ڪو به مسلمان هندستان تي حڪومت ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي اهڙو نظام رائج ڪيون ويو هو حرام خور انگريز هي ملڪ صرف انگريزن ۽ هندن جي چال سان هن صورت ۾ وجود آندو .
    هن ملڪ ۾ اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ هتان جي ماڻهن سان نا انصافي هئي ۽ وري پنجاب ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان تي ايترو اثر نه پيو جيترو سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو ڀوڳيو جنهن ۾ پهرين اردو اسڪول پوءِ انگريزي ميڊم جو بهانو پو پرائيويٽ سسٽم جو رواج ....سڀ جا سڀ طريقا هن ٻولي کي بند ڪرڻ بند وجهڻ ئي آهي .
    اڄ اسان جو هي نسل جنهن پرائيويٽ اسڪولس ۾ پڙهي ٿو اهو سنڌي ٻولي کان نا آشنا ٿيندو وڃي ٿو خدارا سوچو سنڌي ٻولي جنهن کي پنهنجو وطن پنهنجي زمين ڌرتي ماڻهو تهذيب تمدن گرامر۽ آسمان جيڏي وسعت آهي اها نقصان ۾ پئي وڃي .
    اهو پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌي کي دور جديد ۾ به هلڻ لائق بڻائيندڙ اهي ڪردار ساراهڻ جهڙا آهن جو اڄ هي مان لکي سگها ٿو نه ته اسان لاءِ ته جديد دور ۾ اونداهي هجي ها شڪر الحمد الله جو اڄ سنڌي ٻولي استعمال ٿيندڙ ذريعن ۾ پاڻ ملهايو آ سالم ٿي مڪمل ٿي گوگل ٽرانسليشن ۾ به اچي وئي آ .ڊجيٽل ڪتاب لکجي رهيا آهن.
    پر اهو سڀ جو سڀ ڪم پنهنجي مدد پاڻ تحت سنڌ جا سوره پٽ ڪري رهيا اهن جن ۾ اڳواڻي ڪندڙ ماجد ڀرڳڙي صاحب پو سليمان صاحب احمد صاحب ۽ کوڙ نالا جن ٻولي جي لاءِ ڪم ڪيو ڪن ويب سائيٽون جوڙي پليٽ فارم مهيا ڪيو ته ڪن فونٽس لکڻي جا مختلف نمونه اجاگر ڪيا جو اڄ انگريزي کان پو سنڌي ٻولي شاهوڪار آهي نمونن ۾ لکڻي ۾ فونٽس جي ججهي هجڻ سبب جنهن ۾ ساريم ڀاءُ ته ڪمال ڪري ڇڏيو آ الله هن کي ثابت قدم رکي .
    پر گهرج اڃا گهڻي آ هن اليڪٽرانڪس دور ۾ موبائيل ڪمپيوٽر ۾ بلٽ ان يعني ان ۾ سسٽم ۾ سنڌي جو داخل هجڻ جنهن لاءِ سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو ضميوار آ جنهن هڪ سنڌي لغت کي اينڊرئيڊ ۾ آڻڻ جو ڀلو ڪم به ڪيو آ پر هي گهرج پوري ڪرڻ به هن جو ڪم آ سرڪاري ويڀ سائيٽون هجڻ گهرجن ۽ انهن جديد اوزارن ۾ سنڌي جي هجڻ جو امڪان هن سنڌي ٻاٻيهاڻي ٻولي کي سگهارو ڪندو ...

    هر سنڌي سنڌي ٻولي جو وڪيل ٿي ڪم ڪرڻو پوندو .

    هڪ سادو سنڌي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو