ٻول : اي مٺا پنهنجي نظرن کي جھل

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    اکين کي جھليو پِرين، نه ڪمائن سا *ار،
    چارئي پهر چونڪ تي ڪن ٿيون شوق شڪار،
    تبسم طلبگار سان، هلن حرڪتون هزار،
    بيهي وچ بازار، اُلرن عاشقن مٿان..

    _____

    اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل،
    مونسان ڪن ٿيون پيون کينچل،
    آمهون سامهون اچن پلپل،
    هوريان هوريان وڌي هلچل.



    عجب طرح سان ڪن ٿيون اشارا
    جاڳي پون ٿا جذبا سارا،
    اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل...


    تنهنجي اکين ۾ ڳاڙهي ڳانِي
    جوانيءَ جي نسرڻ جِي نشاني
    اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل...


    شوخ اکين سان ڇو ٿو ڇيڙين،
    جزبن سان دل منهنجي هيرِين،
    اي مٺا! پنهنجي نظرن کي جھل...


    هيئن نه جوانيءَ ۾ ته ڪبو آ،
    ”تبسم“ هر ماڻهو شڪبو آ،
    اي مٺا پنهنجي نظرن کي جھل....



    آواز : منظور سخيراڻي
    ٻول : عبدالغفار تبسم

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو