ظلم ستم سهندڙ سنڌ ۽ سنڌ جو عوام

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    سنڌ سموري سون آھي جيڪا هزارين سالن کان موجود آھي جنهن جي مٽي به سڳنڌ ۽ هٻڪار من موهيندڙ آھي سنڌ ڌرتي قدرتي نعمتن, وسيلن سان مالا مال زرخيز سر سبز ۽ شاداب آھي سنڌ سونهاري ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اُپت ۾ به اڳڀري رهي ٿي جنهن ۾ قدرتي نعمتون معدنياتي وسيلا جهڙوڪ ڪوئلو,گئس, تيل ۽ لوھ جهڙيون شيون پيدا ٿين ٿيون جنهن جو سنڌ جي عوام کي ڪو فائدو نٿو رسي ۽ جنهن علائقي مان اهي شيون برآمد به ٿين ٿيون ان علائقي جي رهواسين کي ڪو به لاڀ حاصل نٿو ٿئي ڇو ته ان جو سمورو سسٽم ڪارونهوار ۽ انهن شين کي ورهاست ڪرڻ به وفاق جي مظبوط هٿن جي ور چڙھيل آھي جنهن جي ڪري وفاق سنڌ جي معدني وسيلن سان هٿ چوراند ڪري ٻين صوبن تائين رسائي ٿو سنڌ جا حق غذب ڪري سنڌ جي عوام کي ھر سهولت کان محروم ڪيو ويو ۽ ڏٺو وڃي ته اُن حوالي سان سنڌ جي عوام کي ڪمزور لاچار بڻايو وڃي پيو سنڌ جي عوام کي ڪنهن نه ڪنهن پروپڳنڊا ذريعي غربت جي چڪي ۾ پيڙائڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وڃن پيون وفاق هڪ پاسي سنڌ جي معدنياتي وسيلن تي قبضا ڪيون ويٺو آھي ته وري مٿان پاڻي ورهاست تي به سنڌ کي نظرانداز ڪري پاڻي جو فل حصو به نٿو ڏنو وڃي زرعي پاڻي جو وقت سر حصو نه ملڻ ڪري مسڪين پورهيتن جو فصل نه ٿيڻ سبب سنڌ جا پورهيت مزدور هاري فاڪاڪشي واري زندگي گهارڻ تي پڻ مجبور آھن جنهن جي ڪري پيٽ پالڻ به ڏکيو ٿي وڃي ٿو مسڪين ھاري غربت سبب پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ لاء وچ شھر جي چوڪ تي وڏي واڪي هوڪا ڏئي رهيا آھن پر افسوس انهن حڪمرانن جي اکين مٿان مٽي جي ڌوڙ چڙھيل آھي جمهوريت جا داعويدار چاهي سنڌ حڪومت هجي يا چاهي وفاق پر انهن جون داعوائون هميشه ڪوڙيون ثابت ٿيون ڇو ته سنڌ جي معدني وسيلن کي سنڌ جي عوام تائين نٿو پهچايو وڃي نه ئي انهن کي حق ڏنا وڃن ٿا نه ئي فصلن لاء پاڻي پهچايو وڃي ٿو ڇو ته سڀ ڪجھ ملي ڀڳت ڪري سنڌ جي عوام سان ويساھ گهاتي ڪرڻ جو پورو پورو منشور جوڙيو ويو,
    وري اگر جي ڏٺو وڃي ته سنڌ ڌرتي مٿان ڌاري آبادڪاري جو بم ڪيرائي سنڌ جي عوام کان رزوي روٽي ڪمائڻ جو حق به کسيو ويو ڌاري آبادڪاري ۾ سنڌ کي منهنجي مطابق 70 سيڪڙو نقصان ٿيو جنهن سبب پناهگيرن مان ئي دهشتگردي پيدا ٿي ڪراچي توڙي سنڌ جا ننڍا وڏا شھر رت جي راند سان تبديل ٿي ويا ڪڏھن خودڪش بم ڌماڪا ته ڪڏھن دهشتگردي ۽ ڦُرن جو وارڌاتون عام جام ٿي ويون عام ماڻھون گهرن تائين محدود رهي به خوف زده رهندا آھن اگر جي ڪو شخص ڪنهن ڪم سانگي نڪري ويندو آ ته ان جي واپسي لاء گهر وارا پريشان رهن ٿا هالانڪ ان شخص کي به اهوئي خوف رهي ٿو ته مان گهر واپس پهچي سگهندس به الئي نه, سو وڏن توڙي ننڍن شھرن ۾ هميشه خوف ھراس پکڙيل هوندو آھي ان کان علاوه انهن ڌارين وٽ غير قانوني ڳرا ڳرا اسهلا به موجود هوندا آھن جنهن کي روزگار جو ذريعو بڻائي سنڌ جي نئين نسل کان قلم کسي هٿ ۾ هٿيار ڏياري انهن کي وهشين جيان پنهنجي طابي ڪري انهن کان مظلوم ماڻھن جو رت وهائڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏي ۽ اهي ساڳيا ڌاريا پرائي پشت پناه ۽ مظبوط هٿن جي آڙ ۾ ويهي ڪري ڏوھ جا ڪم ڪندا رهيا ۽ بي ڏوهي ماڻھن کي سزائون ملنديون رهيون, ڌاري آبادڪاري کانپوء سنڌ ۾ نشي آور شين جو وڪرو آم جام ٿي ويو هر ننڍي وڏي ڪيئبن کان دڪان تائين توڙي جو لڪ ڇپ ۾ منشيات جا اڏا هلندا رهيا پر اُن وقت ڪنهن به پرگهور نه ڪئي جڏھن نوجوان نسل تباهي جي ڪناري پهچي ويو ڪيترائي ماڻھون نشي جي حالت ۾ اسپتال جي بستري ڀيڙو ٿي ويا ۽ گهڻن جون جانيون هليون ويون پر پوء به هن وقت تائين سنڌ ڌرتي جي جان ڌاري آبادڪاري مان نه ڇٽي سگهي اگر جي ان ڌاري آبادڪاري ڏانهن نظر ڦيرائي ڏسجي ته ڌارين جي پهچڻ سان ايم ڪيو ايم کي وڌيڪ فائدو رسيو ڇو ته انهن جي پهچڻ کانپوء ايم ڪيو ايم به انهن جي نقش قدم تي هلڻ لڳي ۽ انهن جي آڙ وٺي سنڌ خلاف دشمن منصوبو جوڙي سنڌ کي تباهي طرف ڌڪڻ لڳو, ھروقت ڪراچي ۾ داعش ۽ طالبان جي موجودگي جو راڳ الاپي پاڻ کي سرخرو ڪندو آيو پر اندروني طرح ھر غير ضروري ,غلط ڪم ڪرڻ ,ڪراچي ۾ ڦرون ڌاڙا ,ڊڪيتيون, ڀتاخوري وصول ڪري مسڪين ماڻھن کي ماري بيگناھ رت جون نديون وهائي جيجلن جون جهوليون خالي ڪري ڀينرن کان ڀائر ته زالن کان ور کسي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کان پنهنجا پيءُ کسڻ جهڙا ڪُڌا ڪم ڪري انسانيت کي لڄائڻ ۾ پورو رهيو پر ان باوجود به ايم ڪيو ايم وري سنڌ دشمنيون ڪري نئون نارو ايجاد ڪري سنڌ ڌرتي جي سيني کي چيري ڌار صوبو ٺاهڻ جو پلان جوڙيو جيڪو نا ممڪن نامڪمل ڪم آھي مان سمجهان ٿو ته غيور ۽ غيرتمند سنڌي ڪڏھن به اهيو برداشت نه ڪندا ته سنڌ سنڌ کان جدا ٿيئي, سو سنڌ کي هر محاذ تي وفاق کان نقصان رسيو آ ۽ اسان جا چونڊيل نمائيدا سنڌ جا حق وٺڻ لاء آخر لوائي ڇو رهيا آھن اهي نمائيندا چاهي صوبائي اسمبلي ۾ ھجن يا چاهي پارليامنٽ يا وري قومي اسمبلي ۾ پر شايد انهن جي ڪير ٻُڌڻ وارو نه آھي يا زبان نه هجڻ جي برابر آھي يا وري سمجھ ۾ ايئن ٿو اچي ته انهن جي زبانن کي زنجيرن جي ڪڙين سان ڪڙهي تالي سان بند ڪيو وڃي پيو جو هي ڳالهائڻ کان به ڪاسر آھن آخر ڇو , سنڌ صدين کان اسان جي رهي آھي ان خلاف غلط پروپڳنڊا ڪري اسان جي قدرتي معدني وسيلن تي قبضو ڪري سنڌ جي عوام کي مقروض بڻايو پيو وڃي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ڪجھ به ٿئي ته اتان جا ماڻھون سنڌ ۾ آباد ڪري انهن جي ملڪي حيثيت برقرار رکي انهن کي وري نادارا طرفان اين آئي سي ڪارڊ اشو ڪيا پيا وڃن ته جيئن اهي به بنگالي مهاجرن ۽ انڊيائي مهاجرن جيان پاڪستان ۾ رهي ڪري پاڪستاني بڻجي وڃن ته جيئن سنڌ جي عوام کي ٻين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو وڃي,

    حميدشڪيل / ڪي اين شاھ
    Nice:-41203-5700365-1
    Mobil:-03000368844
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو