شهيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    شهيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ورسي جي مناسبت سان
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ جي لاڙڪاڻي جي مٽي کي اهيو شرف حاصل آهي ته هن چيڪي مٽي منجهان ڪيترن ئي ناليوارن سياستدان ، اديب ،شاعرن، سگهڙن ،عالمن ۽ فاضلن کي پنهنجي هنج ۾ هميشه کان وٺي جنم ڏيندي نظر پئي آئي آهي، اهڙن املهه جوڌن انسانن پنهنجي ڪيل ڪمن ۽ ڪردار سان پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه جرڪايو ،انهن شخصيتن منجهان لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عاقل ۾ مذهبي ديندار گهراڻي جي معزز شخصيت علي محمد حقاني جي گهر لاڙڪاڻي جو لال سٻاجهڙو انسان ڊاڪٽر خالد محمود سومر جنهن گرمي ۽ جهولن واري مند 7 مئي 1959ع خميس جي سڀاڳي صبح جو پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو ، سندس ادبي نالو (ابو راشد سنڌي ابو ناصر عاقلاڻي ) سان مشهور هئا ،پاڻ جڏهن پڙهڻ جي وهي ٿيو ته سندس والد صاحب نصابي تعليم حاصل ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول (عاقل ) ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنتي ٻار پنج درجا وڏي شوق سان پڙهي پاس ڪيا ، سال1974ع ڌاري مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبر ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪيان انٽر جي تعليم لاءِ گورنميٽ ڊگري ڪاليج منجهان سال 1976ع ۾ پاس ڪيائين وڌيڪ تعليم لاءِ انسانن جي خدمت ڪرڻ جي جذبي سان سال 1984ع ڌاري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج منجهان (ايم _ بي _ بي_ ايس ) جي ڊگري حاصل ڪيائين سنڌ جي هن بهادر مذهبي عالم ديني تعليم جي سلسلي ۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد منجهان سال 1986ع ڌاري پهريون نمبر کڻي تربيتي ڪورس مڪمل ڪيو تنهن بعد علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سنڌ يونيورسٽي مان پوسٽ گريجوئيشن اسلامڪ ڪلچر سال 1988ع ڌاري سند حاصل پڻ ڪئي تنهن بعد دين ، اسلام جي پرچارڪرڻ جي لاءِ اعلي ڊگري ڪرڻ جو شوق جاڳيس پاڻ ترت پوءِ لاڙڪاڻي منجهان روانا ٿي مصرملڪ جي قديم ترين ۽ عالم اسلام جي وڏي مان وڏي يونيورسٽي جامع الازهر يونيورسٽي قاهره مان بين الاقوامي تبلغي ڪورس (اديان ) جي تقابلي مطالعي لاءِ ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو علامه خالد محمود شهيد کي اهو اعزاز پڻ حاصل هو ته جامع الازهر يونيورسٽي جو وائيس چانسلر جناب (جاد الحق جاد ) سائين جن جو استاد پڻ رهيو ڊاڪٽر خالد محمود شهيد وڌيڪ ديني تعليم خاص طور تي (سند الفراغ ) جي ڊگري پنهنجي والد محترم حضرت علامه مولوي علي محمد حقاني صاحب جي رهنمائي جي اثر هيٺ مدرسه اشاعت القران و الحديث دودائي روڊ لاڙڪاڻي منجهان حاصل ڪئي ڊاڪٽر صاحب ديني علم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به نه ٿڪو نه آر ڪيائين پاڻ ملتان شهر ۾ قائم( وفاق المدارس العربيه پاڪستان) جهڙي اداري منجهان (شهادت العاليه جو ڪورس) پڻ ڪري آيو هو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب حديث جي علم حاصل ڪرڻ لاءِ علامه پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي قاسمي (چانڊيو) ڊائريڪٽر شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد مان حديث جي اعلي ترين سند پڻ ورتائين ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد جو سمورو خاندان وڏو موحد ۽ سندن قادري سلسلي سان لاڳاپيل رهيا پنهنجو مرشد سنڌ جي جيد عالم رهبر شريعت علامه حضرت عبدالڪريم قريشي (ٻير شريف قمبر )۽ پنجاب صوبي جي عالم پير طريقت حضرت خواجه خان محمد ( ڪنڊيان شريف )جي هٿ تي دست بعيت ڪرڻ پسند ڪيائين . ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب ديني تبليغ سان گڏ سياست کي گڏ هلائڻ ئي پنهنجي زندگي جو مقصد بڻايائين پاڻ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ شاگردي واري زماني کان وٺي سياست سان سلهاڙجي ويو پاڻ ان زماني ۾ (سي _ ايم _ سي ) ۾ جمعيت طلباءِ اسلام جو پنج سال لاڳيتو (جوائنٽ سيڪريٽري ) جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو تنهن بعد پاڻ عملي سياست جو آغاز سال 1988ع کان جمعيت علماءِ اسلام (مولانا فضل الرحمن گروپ) ۾ شامل ميمبر ٿي ڪري ڪيائين پاڻ ساڳي ئي سال منجهه مرڪزي مجلس شوري جا ميمبر ٿيڻ سان گڏو گڏ سنڌ صوبي جا جميعت علماءِ اسلام جا لاڳيتو ( اٺ ڀيرا ) جنرل سيڪريٽري پڻ چونڊبا رهيا ، سال 1990ع ڌاري هن مرد مجاهد غريبن ۽ يتيمن ، دنيار مذهبي ليڊر کي مرڪزي اڳواڻ طور جمعيت قبول ڪيو ، ڊاڪٽر خالد محمود شهيد هڪ اڻوسرندڙ شخصيت هميشه انساني خدمت ، خلق خدا سان شفقت واري رويي سان پيش ايندڙ، ننڍي توڙي وڏي سان نهايت برجوش ۽ احترام ڪندڙ اڳواڻن ۾ شمار ٿيندا هئا، سندس جو جمعيت ۾ اڻکٽندڙ خدمتون جي وجهه ڪري هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ مقبوليت ۾ ڪڏهن ڪا ڪمي نظر نه آئي پاڻ ڪيترائي ڀيرا قومي اسمبلي توڙي صوبائي اسمبلي جي اليڪشنن اميدوار طور بهرو وٺندا رهيا ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هو ايشيا جي مشهور سياستدان اسلامي جهوري پاڪستانجي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان دوبدو (ٽي ڀيرا ) اليڪشن فارم ڀرائي اليڪشن ۾ ڀرپور مقابلو پڻ ڪيو مڱر شڪست نصيب ٿي هن پوءِ به ڪڏهن به همٿ نه هاري جڏهن ته اليڪشنن منجهه مقابلي لاءِ هر ڀيري اڳ کان ٻيڻ تي ووٽرن سندس حق ۾ ووٽ ڏيندا رهيا سندس پهرين اليڪشن منجهه 8000 هزار ٻئي دفعي 18000هزار ۽ ٽيئن دفعي 28000هزار ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب پڻ ويو ، ڊاڪٽر خالد محمود شهيد جي ننڍپڻ کان وٺي خواهش هئي ته هو وڏو ٿي ديني جذبي سان اسمبلي ۾ عام خلق خدا جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪندو، رب سائين سندس جي اهڙي خواهش کي قبول ڪندي مارچ 2006ع کان 2012ع تائين سينٽ منجهه سنڌ منجهان (ٽيڪنوڪريٽ ) جي سيٽ تي جمعيت علماءِ اسلام جو ميمبر طور چونڊجڻ ۾ ڪامياب ڪيو ، پوءِ هن مرد مجاهد سينٽ ۾ واقع بربلا عوامي

    مسئلن جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم ، اين ايف سي ايوارڊ ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ، برطرف ملازمن جي بحالي ، ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن جي حل لاءِ سينٽ ۾ جوشيليون تقريون ڪري عام خلق جي آواز کي ايوان جي زينت بڻائيندو رهيو ۽ شينهن جيان ايوان ۾ گجندو رهيو ، ڊاڪٽر خالد محمود صاحب صرف لاڙڪاڻي واسين جي خدمت نه ڪئي مڱر صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر طبقي جي ماڻهن جي بغير تفريق جي خدمت ڪندي نظر آيو پاڻ لکين ماڻهن جو هڪ شاندار اڳواڻ هو ، ڊاڪٽر خالد محمود شهيد اسلام جو علمبردار هو ، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجن ماڻهن سان نهايت پيار هوندو هيس ، پاڻ دين اسلام جي پرچار(تبليغ) ڪرڻ لاءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ ايران ، مصر، دوحه، قطر، عراق، سعودي عرب ، برطانيه ، بنگلاديش، بوٽسوانا، سينگاپور، سائوٿ آفريڪا، چين ، متحده عرب امارات ، ٿائلينڊ ،شام وڃي اسلام ۽ حق سچ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ ڪڏهن به آرام سان نه ويٺو پاڻ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ پڻ دين اسلام جي پيغام کي عام ڪندو رهيو پاڻ هڪ بهترين ۽ ڏاهو مبلغ ۽ پرجوش مقرر هوندو هو مذهبي ، سياسي اسٽيج جو وڻندڙ آواز هوندو هو سدائين دين جي صدا بلند ڪندي نظر آيو پاڻ پاڪستان جي نمائنده جي حيثيت ۾ (اقوام متحده) ۾ اسلام ۽ دهشگري جي عنوان تي هڪ بهترين مقرر طور خطاب ڪري هڪ بهترين مذهبي عالم طور پنهنجو نالو نروار ڪرايائين ، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شهيد سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ مذهبي مبلغ ۽ خطيب ، تاريخ اسڪالر جمعيت جي عالمن منجهان ايترو ته مقبول هوندو هو جو تمام پري کان پري جي علائقن جا ماڻهو تقرير جلسن ۾ خطاب ڪرڻ لاءِ اڳ واٽ تاريخ وٺندي نظر ايندا هئا سندس جي ڊائري سڄي سال ۾ اڳواٺ تاريخن سان ڀرجي ويندي هئي ، شهيد ڊاڪٽر خالد محمود صاحب پاڻ هڪ بهترين ڪالم نويس، ۽ شاعر پڻ هوندو هو سندس جا مختلف موضوعن تي ڪالم اردو توڙي سنڌي اخبارن جهڙوڪ روزاني عوامي آواز، روزاني سوڀ، روزاني ڪاوش جي زينت بڻجندا رهيا ، پاڻ جڏهن به منهنجي پياري شهر وارهه جي مدرسي مصباح العلوم جي ناظم سونهاري سنڌ جي جيد بزرگ عالم مولانا ميرحسن بروهي ، مفتي عبدالحليم ڇٽو ، شفيق مصطفي ڇٽو ، شعيب مصطفي ڇٽو ۽ مولوي محمدصديق منڱڻيجو صاحب سان گڏ ملاقات ٿيندي رهندي هئي ، پاڻ هميشه فرمائيندا هئا ته ( پاڪستان ٺهڻ کان وٺي ماڻهن عالمن جو ساٿ ناهي ڏنو جيڪڏهن ساٿ ڏين ها ته هت دين اسلام جي حڪمراني هجي ها ) ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب سال1982ع ڊسمبر 2 خميس ڏينهن شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو ان ڏينهن پڻ شادي جي خوشي ۾ وليمي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو الله سائين سندس کي ڇهن پٽن ناصر محمود ، راشد محمود ، طاهر محمود ، طارق محمود ، عطاءِ الرحمن، ۽ محترم شفيق الرحمن سومرو ۽ ٽن نياڻين جي اولاد سان نوازيو ڊاڪٽر خالد محمود سومرو صاحب جي زندگي ۾ مٿس ٽي چار ڀيرا قاتلانه حملا پڻ ٿيندا رهيا انهن حملن منجهان الله تعالي سندس جي زندگي کي محفوظ رکيو مڱر 29 نومبر 2014 ڇنڇر ڏينهن هي عظيم مذهبي اڳواڻ پنهنجي والد جي نالي سان منسوب حقاني مدرسي سکر جي مسجد منجهه جڏهن صبح جي نماز سنت ادا ڪري الله اڪبر جي تڪبير بلند ڪيائين ته مسجد اندر دهشگردن مٿان گوليون هلائي هن عظيم مذهبي اڳواڻ، انسان کي سخت زخمي ڪري وڌو جنهن کي ترت علاج واسطي سکر جي مقامي اسپتال پهچايو ويو مڱر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو، پاڻ ڪلمو پڙهي شهادت جو جام نوش ڪري زندگي جا پل 55 سال 6مهينا ۽22 ڏينهن گذاري هميشه لاءِ ابدي آرامي ٿي ويو سندس آخري آرمگاهه ابن تيميه مسجد گلشن حقاني نئون ديرو باءِ پاس لاڙڪاڻي وٽ واقع آهي سندس شهادت جي خبر سڄي ملڪ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي پاڪستان جي هن بهادر ديني عالم جو مشن امن ۽ روداري وارو مشن هو ان مشن کي سندس عظيم فرزند محترم راشد محمود سومرو صاحب سندس جي نقشي قدم تي هلڻ جي واٽ ورتي آهي پاڻ والد صاحب واري منصب تي جمعيت جو رهنما ءَ ٿي ڪري ڪم ڪندي نظر اچي ٿو ،محترم راشد محمود سومرو صاحب هر سال جيان هن سال به پنهنجي شهيد والد علامه خالد محمود سومرو جي ورسي شاندار نموني سان لاڙڪاڻو ۾ ملهائيندو پيو اچي 26 نومبر تي پڻ والد جي( 3 ورسي) جي موقعي تي لاڙڪاڻي ميونسپل اسٽيڊيم منجهه ( شهيد اسلام ڪانفرنس ) ڪوٺائي هئي هن ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ منجهان جمعيت علماءِ اسلام (فضل الرحمن گروپ ) جا وڏن وڏن عالمن ، قاعدين ۽ ڪارڪنن وڏي تعدام ۾ شرڪت ڪري سندس شهدادت واري رتبي ۽ شخصيت ،ديني ڪم ۽ ڪردارتي ڀيٽا پيش پڻ ڪئي. اڄ سندس جي 3 ورسي جي موقعي تي مدرسه اشاعت القران و الحديث دودائي روڊ لاڙڪاڻي منجهه ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني ڪري مغفرت لاءِ سوين طالب ۽ گهروارا دعائون گهراندا.

    ڏسپتو محمد ابراهيم لاشاري ​
     
    مير جمشيد اختر ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو