نواز شريف جو نئون “نطرياتي” سفر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2017۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر:
    “ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ مون کي پناما جي بدران اقاما تي ڇونااهل ڪيو ويو؟ پنج ماڻهو ويهه ڪروڙ ماڻهن جي قسمت جو فيصلو ڪيئن ٿا ڪري سگھن؟مون کي ملڪ ۾ ڪرايل شاندار ترقي،عوامي خوشحالي ۽ بجليء جي بحران تي قابو پائڻ جي سزا ڏني ويئي.مونکي هٽائڻ جو مقصد سيپيڪ جي خلاف سازش ڪرڻ آهي.سپريم ڪورٽ فيصلو پاڻ نه ڪيو پر ان کان ڪرايو ويو آهي.عوام سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.مون تي لڳايل الزامن جو فيصلو عدالت نه پر عوام ڪندو.گذريل پنجاه سالن کان پاڪستان سان سياسي راند کيڏي پيئي وڃي.عوامي حڪمرانن جو مينڊيٽ ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ويو.سول حڪومتن جي رستي ۾ هميشه رڪاوٽون کڙيون ڪيون وييون.ڪوبه مائينس پلس فارمولا نه هلندو.نوازشريف هاڻي هڪ نطريي جو نالو بڻجي چڪو آهي.مون سدائين آمرن سان مزاحمت ڪئي آهي.آئون هار مڃڻ وارن مان ناهيان.هاڻي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندوته انهن جي ووٽ جي بار بار توهين ڪندڙن سان مهاڏو اٽڪائي.چون ٿا ته تو پنهنجي پٽ کان پگھار وصول ڇونه ڪئي؟ بس نه ڪئي ته نه ڪئي. اوهان جو ڇا؟ چون ٿا ته نواز شريف جا اثاثا سندس آمدنيء کان وڌيڪ آهن.ها، جيڪر وڌيڪ آهن ته اوهان جو ڇا؟ نوازشريف جنهن نظريي جي ڳالهه ڪري رهيو آهي انهيء جي هڪ جھلڪ اوهان کي سندس مٿين بيانن جي روشنيء ۾ ضرور نظر اچي ويندي.ان نظريي جو بنيادي نڪتو اهو آهي ته اوهان ڪير ٿيندا آهيو اسان کان پڇڻ وارا؟ اسين جيڪي رعيت جا تاحيات بادشاه آهيون،اسين جيڪي هڪ آسماني دنيا جي مخلوق آهيون،اسان جن جي رڳن ۾ شاهي خون ڊوڙي ٿو،اسين جن لاء هي پاڪستان بنايو ويو آهي،اسين جن کي قدرت طرفان صرف حاڪم بنائي پيدا ڪيو ويو آهي،انهن کان ڪنهن به قسم جو سوال گستاخي تصور ڪيو ويندو ۽ ان گستاخيء جي سزا لاء تيار رهو. عوام اسان جو،عوامي خزانو اسان جو،عوامي تخت ۽ تاج اسانجو،عوامي وسيلا اسان جا،رياست اسان جي،ادارا اسان جا،مرضي صرف اسان جي هلندي.ڪنهن کي روڪڻو آهي ته روڪي ڏيکاري. ڪو اسان کان پروٽوڪول کسي ڏيکاري،ڪو اسان کي سزا ڏيئي ته ڏسي!ڪورٽون ڀلي فيصلا ڪن پر فيصلا صرف اسان جا هلندا.ان ڪري جو اسين امر آهيون.اسين لازوال آهيون،اسين عقل ڪل آهيون،اسين معتبر،معزز ۽ مدبر آهيون.اسان هر جواب کان آجا ۽ هر احتساب کان اعليٰ آهيون.ملڪ جي بدقسمتي ڏسو جو اهو نظريو ۽ اها سوچ ان ماڻهوء جي آهي جيڪو ٽي دفعا ملڪ جو وزيراعظم رهي چڪو آهي.پر اها سوچ صرف نوازشريف جي ئي ناهي پر هتان جي حڪمران اشرافيا جنهن جو تعلق اسٽيبلشمينٽ سان هجي يا نام نهاد جمهوريت سان،اهي گذريل پنجاه سالن کان ان ئي سوچ ذريعي عوام جي مٿان مسلط رهندا آيا آهن.انهن هڪ ڏينهن لاء به پنهن جو پاڻ کي عوام جو خادم نه سمجھيو آهي،اهي عوام کي سدائين پنهن جي رعيت ۽ پنهنجو پاڻ کي بادشاه،عوام کي مفتوح ۽ پنهنجو پاڻ کي فاتح سمجھندا ۽ ان سوچ جو عملي مظاهرو ڪندا آيا آهن.نون نعرن جو انهن وٽ خوب زخيرو آهي،هڪڙو نعرو پراڻو ٿئي ٿو ته ٻيو نعرو اچي وڃي ٿو.مڪر،فريب ۽ دوکيبازين جي به انهن وٽ هڪ ڊگھي تاريخ آهي.حد کان وڌيڪ چالاڪ ۽ شاطر مزاج آهن،عوام کي گڏ ڪرڻ،انهن کي نچائڻ ۽ تاڙيون وڄرائڻ،نعرا هڻائڻ ،پرچائڻ. ريجھائڻ، کلائڻ،روئاڙڻ۽انهن کان ٺپا هڻائڻ انهن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي.انهن سڀني جو هڪ ئي نظريو ۽ هڪ ئي سوچ آهي سا اها ته ڪيئن عوام کي گھڻي وقت تائين جاهل ۽ بيخبر رکجي،ڪيئن انهن کي پنهنجو غلام بڻائي رکجي،ڪيئن انهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجھجي.ڪيئن ماڻهن کي نان اشوز جي تماشي ۾ مصروف رکجي ۽ ڪيئن انهن کي جيئڻ جا جتن ڪرڻ جي جھنجھٽن ۾ ڦاسائي رکجي جو اهي پنهن جي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جي اوني کان ئي آجا نه هجن جو ويهي اسان جي ڪارن ڪرتوتن جو چٺو پڙهڻ جي ڪوشش ڪن.انهن سنگدلن ايڪويهين صديء ۾ به عوام کي جيڪي اوک ۽ انسانيت کي جيڪي اذيتون ڏنيون آهن انهن جو تصور ئي ڪنهن مهذب معاشري جو ڏيل ڏڪائڻ لاء ڪافي آهي.عورتون راهن ۽ رستن تي ابهمن کي ڄڻي ويهن ٿيون پر هنن کي ذرو حيا نٿو ٿئي.ٻار بکن وگھي ايٿوپيا جي ٻارن جيان سڙي سڪڙي ڪنڊا ٿي ويا پر هنن کي شرم نه آيو.اسپتالن ۾ هڪڙي بستري تي چار چار مريضن جو ميلو لڳل آهي پر هنن جي ضمير هنن کي ڪڏهن ڪا ملامت نه ڪئي،نوجوان بيروزگاريء کان تنگ ٿي گھر گھر آپگھات ڪري رهيا آهن پر هنن ۾ ڪو انسانيت جو احساس نه جاڳيو.ٻيو ته ٺهيو ملڪ جي هڪ وڏي اڪثريت کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي پر هنن جون شاندار ترقيء ۽ خوشحاليء جون دعوائون کٽڻ جو نالو ئي نٿيون وٺن.مهانگائيء ماڻهن کي پيڙهي تيل ڪڍي ڇڏيو پر هنن جون عياشيون،شاهاڻا پروٽوڪول ۽ من مستيون نه گھٽيون ..پارليامينٽون، اجلاس، قرارداون، گڏجاڻيون، دورا ۽ تقريرون پر انهن مان عوام لاء ڪجھ به ڪونهي،نه ڪو فلاحي منصوبو،نه ڪا غربت گھٽايو مهم،نه ڪا عوامي خوشحاليء لاء حقيقي ايجنڊا،نه ڪو عوامي مسئلن ۽ معاملن تي بحث،عوامي خزاني مان اربين روپين سان ٿيندڙ اهي سموريون فضول ۽ بي مقصد حرڪتون آخر عوام کان ڪهڙي ڏوه جو بدلو ورتو پيو وڃي؟ صرف هڪ بدعنوان،ڪرپٽ،بدديانت،عوام آزار ۽ مدي خارج نظام کي بچائڻ لاء سمورا پاپڙ ويليا پيا وڃن. هاڻي هليا آهن نوان نظريا وڪڻڻ جو پراڻو وکر وڪجي نٿو سگھي.ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا هنن سان حشر ڪري ڇڏيو آهي.ان ڪري انهن جي گھڻي ۾ گھڻي ڪاوڙ به ميڊيا تي آهي.پر هنن جي بدقسمتي جو اهي ميڊيا کي سبق سيکارڻ جي سمورن منصوبن تي مرضيء جي باوجود عمل نٿا ڪري سگھن.شايد ميڊيا هڪ اهڙو ابابيل آهي جيڪو هنن کي سندن منطقي انجام طرف وٺي وڃڻ لاء قدرت قانون مڪافات عمل جي نتيجي ۾ ملڪ جي ڏتڙيل،محروم ،هيسيل،دٻايل،چپاڙيل ۽ لاچار عوام کي ڏيئي ڇڏيو آهي.اڳيان اڳيان ڏسو ته ڇا ڇا تماشو ٿئي ٿو!!!
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو